020 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 135 آيتون ۽ 8 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالمؤمن ميمڻ
طٰهٰ 1ۚ
طاها (يعني اي مخاطب شخص!)
— عبدالمؤمن ميمڻمَآ اَنْزَلْنَا عَلَيْكَ الْقُرْاٰنَ لِتَشْقٰٓي 2ۙ
اسان توتي قرآن ان لاءِ نه لاٿو آهي ته ڪو تون اهنجن ۾ پوين .
— عبدالمؤمن ميمڻاِلَّا تَذْكِرَةً لِّمَنْ يَّخْشٰى 3ۙ
(قرآن ته ان لاءِ نازل ٿيو آهي ته) جيڪو (شخص انڪار ۽ بدڪرداريءَ جي نتيجن کان) ڊڄندڙ آهي، تنهن لاءِ نصيحت بڻجي، (جيڪي ڊڄندڙ ناهن، اهي ڪڏهن به قرآن جي سڏ تي ڪن نه ڏيندا).
— عبدالمؤمن ميمڻتَنْزِيْلًا مِّمَّنْ خَلَقَ الْاَرْضَ وَالسَّمٰوٰتِ الْعُلٰى 4ۭ
قرآن ان هستيءَ جي پاران اماڻيل آهي جنهن زمين پيدا ڪئي ۽ اوچا آسمان (بلند ڪيائين)
— عبدالمؤمن ميمڻاَلرَّحْمَنُ عَلَي الْعَرْشِ اسْتَوٰى 5
(اهو) الرحمان (آهي)- جيڪو جهانداريءَ جي تخت تي جلوه افروز ٿيو.
— عبدالمؤمن ميمڻلَهٗ مَا فِي السَّمٰوٰتِ وَمَا فِي الْاَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا وَمَا تَـحْتَ الثَّرٰى 6
جيڪي ڪجهه آسمانن ۽ زمين ۾ آهي ۽ جيڪي ڪجهه انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي ۽ جيڪي ڪجهه مٽيءَ جي هيٺان آهي (يعني زمين جي هيٺان-پاتال ۾) سڀ الله جو آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻوَاِنْ تَجْــهَرْ بِالْقَوْلِ فَاِنَّهٗ يَعْلَمُ السِّرَّ وَاَخْفٰي 7
۽ جيڪڏهن توهين وڏي واڪي ڳالهه ڪيو ته (هن جي سماعت ان جي محتاج ڪانهي، ڇاڪاڻ جو) هو ته رازن جو ڄاڻڻهار آهي ۽ وڌ کان وڌ ڳجهن رازن جوبه (ڄاڻڻهار آهي).
— عبدالمؤمن ميمڻاَللّٰهُ لَآ اِلٰهَ اِلَّا هُوَ ۭ لَهُ الْاَسْمَاۗءُ الْحُسْنٰى 8
اهوئي الله آهي- ڪوئي معبود (موجود) ڪونهي سواءِ ان جي. سندس لاءِ نالا آهن- سهڻا سهڻا.
— عبدالمؤمن ميمڻوَهَلْ اَتٰىكَ حَدِيْثُ مُوْسٰى 9ۘ
۽ (اي پيغمبر!) تو موسى جي ڪهاڻي ٻڌي؟
— عبدالمؤمن ميمڻاِذْ رَاٰ نَارًا فَقَالَ لِاَهْلِهِ امْكُـثُوْٓا اِنِّىْٓ اٰنَسْتُ نَارًا لَّعَلِّيْٓ اٰتِيْكُمْ مِّنْهَا بِقَبَسٍ اَوْ اَجِدُ عَلَي النَّارِ هُدًى 10
جڏهن ان (پري کان) باهه ڏٺي ته پنهنجي گهر واريءَ کي چيائين: ترس! مون باهه ڏٺي آهي (مان وڃان ٿو) اميد ته تنهنجي لاءِ ٽانڊو آڻيندس يا من، مچ تي ڪو رهنما ملي پوي.
— عبدالمؤمن ميمڻفَلَمَّآ اَتٰىهَا نُوْدِيَ يٰمُوْسٰى ۭ11
پوءِ جڏهن هو اتي پهتو ته ان وقت کيس ندا ڏني وئي ته: اي موسى!
— عبدالمؤمن ميمڻاِنِّىْٓ اَنَا رَبُّكَ فَاخْلَعْ نَعْلَيْكَ ۚ اِنَّكَ بِالْوَادِ الْمُقَدَّسِ طُوًى ۭ12
بيشڪ مان آهيان تنهنجو پالڻهار! پنهنجي جُتي لاهه، تون طُوى جي مقدس واديءَ ۾ آهين.
— عبدالمؤمن ميمڻوَاَنَا اخْتَرْتُكَ فَاسْتَمِعْ لِمَا يُوْحٰى 13
۽ مون توکي (پنهنجي رسالت جي لاءِ) چونڊيو آهي. تنهنڪري جيڪو ڪجهه وحي ڪيو وڃي ٿو، سو (ڪن ڏئي) ٻڌ.
— عبدالمؤمن ميمڻاِنَّنِيْٓ اَنَا اللّٰهُ لَآ اِلٰهَ اِلَّآ اَنَا فَاعْبُدْنِيْ ۙ وَاَ قِمِ الصَّلٰوةَ لِذِكْرِيْ 14
مان ئي الله آهيان، مون کانسواءِ ڪوئي معبود ڪونهي- تنهنڪري منهنجي بندگي ڪر ۽ منهنجي ياد خاطر نماز قائم ڪر.
— عبدالمؤمن ميمڻاِنَّ السَّاعَةَ اٰتِيَةٌ اَكَادُ اُخْفِيْهَا لِتُجْزٰى كُلُّ نَفْسٍۢ بِـمَا تَسْعٰي 15
بي شڪ! (مقرر) وقت اچڻو آهي. مان ان کي ڳُجهو رکان ٿو ته جيئن (ماڻهن جي يقين ۽ عمل جو امتحان وٺان۽) جنهن ماڻهوءَ جي جهڙي ڪوشش هجي، ان مطابق کيس بدلو ڏنو وڃي.
— عبدالمؤمن ميمڻفَلَا يَصُدَّنَّكَ عَنْهَا مَنْ لَّا يُؤْمِنُ بِهَا وَاتَّبَعَ هَوٰىهُ فَتَرْدٰى 16
تنهنڪري جيڪي ماڻهو ان وقت جي اچڻ تي يقين نه رکندا هجن ۽ پنهنجين خواهشن جي ڪڍ لڳا رهن، سي توکي به (وک وڌائڻ کان) روڪي نه ڇڏين ۽ نتيجي ۾ تون به برباد نه ٿي وڃين.
— عبدالمؤمن ميمڻوَمَا تِلْكَ بِيَمِيْنِكَ يٰمُوْسٰى ١7
۽ (غيبي صدا پڇيس) اي موسى! تنهنجي ساڄي هٿ ۾ ڇا آهي؟
— عبدالمؤمن ميمڻقَالَ هِىَ عَصَايَ ۚ اَتَـوَكَّؤُا عَلَيْهَا وَاَهُشُّ بِهَا عَلٰي غَنَمِيْ وَلِيَ فِيْهَا مَاٰرِبُ اُخْرٰى 18
عرض ڪيائين: منهنجي لٺ آهي- پنڌ دوران ان جو سهارو وٺندو آهيان ۽ ان سان پنهنجي ڌڻ جي لاءِ وڻن جا پن ڌوڻيندو آهيان ۽ منهنجي لاءِ ان ۾ ٻيا به کوڙ فائدا آهن.
— عبدالمؤمن ميمڻقَالَ اَلْقِهَا يٰمُوْسٰى 19
حڪم ٿيس! اي موسى ! اِها اُڇل ته-
— عبدالمؤمن ميمڻفَاَلْقٰىهَا فَاِذَا هِىَ حَيَّةٌ تَسْعٰي 20
موسى، اڇلي ته امالڪ اها هڪ نانگ بڻجي پئي جيڪو ڊوڙي پيو!
— عبدالمؤمن ميمڻ