002 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 286 آيتون ۽ 40 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالمؤمن ميمڻ
الۗمّۗ 1ۚ
الف، لام، ميم.
— عبدالمؤمن ميمڻذٰلِكَ الْكِتٰبُ لَا رَيْبَ ٻ فِيْهِ ڔ ھُدًى لِّلْمُتَّقِيْنَ 2ۙ
هي (قرآن) ”الڪتاب“ آهي جنهن ۾ ڪو به شڪ نه آهي. متقي (يعني باڪردار ۽ مخلص) انسانن لاءِ بخت-ڀاڳ جي واٽ سهائيندڙ آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻالَّذِيْنَ يُؤْمِنُوْنَ بِالْغَيْبِ وَ يُـقِيْمُوْنَ الصَّلٰوةَ وَ مِـمَّا رَزَقْنٰھُمْ يُنْفِقُوْنَ 3ۙ
(متقي اانسان اهي آهن) جيڪي اڻ ڏٺين (حقيقتن) تي ايمان رکن ٿا ۽ نماز قائم ڪن ٿا ۽ اسين کين جيڪا روزي (ملڪيت ۽ صلاحيتن جي صورت ۾) ڏني آهي، اُن مان (غير مشروط طور عوام تي) خرچ ڪن ٿا.
— عبدالمؤمن ميمڻوَ الَّذِيْنَ يُؤْمِنُوْنَ بِـمَآ اُنْزِلَ اِلَيْكَ وَمَآ اُنْزِلَ مِنْ قَبْلِكَ ۚ وَبِالْاٰخِرَةِ ھُمْ يُوْقِنُوْنَ 4ۭ
اهي ماڻهو هن (حقيقت) تي به ايمان رکن ٿا جيڪا توتي ( اي محمد !) نازل ٿي آهي ۽ انهن مڙني (حقيقتن) تي پڻ ايمان رکن ٿا جيڪي (اي محمد!) توکان پهريان نازل ٿي چڪيون آهن ۽ (پڻ) آخرت جي زندگيءَ بابت به کين پورو يقين آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻاُولٰۗىِٕكَ عَلٰي ھُدًى مِّنْ رَّبِّهِمْ ۤ وَاُولٰۗىِٕكَ ھُمُ الْمُفْلِحُوْنَ 5
يقيناَ اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي پنهنجي پالڻهار جي (ڏسيل) واٽ تي (هلندڙ) آهن ۽ اهي ئي ماڻهو (دنيا ۽ آخرت ۾) ڪاميابي ماڻيندڙ آهن.
— عبدالمؤمن ميمڻاِنَّ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا سَوَاۗءٌ عَلَيْهِمْ ءَاَنْذَرْتَھُمْ اَمْ لَمْ تُنْذِرْھُمْ لَا يُؤْمِنُوْنَ 6
(باقي) اهي ماڻهو جن (ايمان جي بجاءِ) انڪار جي واٽ ورتي (۽ حق سچ ٻڌڻ ۽ قبول ڪرڻ جي صلاحيت وڃائي ويٺا) ته (اهڙن ماڻهن لاءِ هدايت جون سڀ صدائون بيڪار آهن.) تون انهن کي (حق کان انڪار سبب ڀوڳجندڙ ڀوڳنائن کان) خبردار ڪرين يا نه ڪرين، هو (ايمان جي ڳالهه ڪڏهن به) نه مڃيندا.
— عبدالمؤمن ميمڻخَتَمَ اللّٰهُ عَلٰي قُلُوْبِهِمْ وَعَلٰي سَـمْعِهِمْ ۭ وَعَلٰٓي اَبْصَارِهِمْ غِشَاوَةٌ وَّلَھُمْ عَذَابٌ عَظِيْمٌ 7ۧ
انهن جي دلين ۽ ڪَنن تي، الله مُهر هڻي ڇڏي آهي ۽ انهن جي اکين تي ڇَوَڙَ پئجي ويا، تنهنڪري (جن ماڻهن پنهنجو اهو حال بڻايو آهي، اهي ڪڏهن به هدايت ماڻي نه ٿا سگهن، ڪاميابيءَ بدران) انهن جي لاءِ (جيءُ نهوڙي ڇڏيندڙ) وڏو عذاب آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻوَمِنَ النَّاسِ مَنْ يَّقُوْلُ اٰمَنَّا بِاللّٰهِ وَبِالْيَوْمِ الْاٰخِرِ وَمَا ھُمْ بِـمُؤْمِنِيْنَ 8ۘ
(انهن ٻن قسمن جي ماڻهن کانسواءِ) ڪجهه ماڻهو اهڙا به آهن جيڪي چون ٿا ته اسين الله ۽ آخرت تي ايمان رکون ٿا، پر حقيقت اها آهي ته اهي مؤمن ناهن.
— عبدالمؤمن ميمڻيُـخٰدِعُوْنَ اللّٰهَ وَالَّذِيْنَ اٰمَنُوْا ۚ وَمَا يَـخْدَعُوْنَ اِلَّآ اَنْفُسَھُمْ وَمَا يَشْعُرُوْنَ 9ۭ
اهي (ايمان جي دعوى ڪري) الله کي ۽ ايمان وارن کي دوکو ڏين ٿا، حالانڪه اهي پاڻ دوکي ۾ آهن، (جيتوڻيڪ جهالت ۽ هوڏ سبب پنهنجي گمراهيءَ جي) شعور کان وانجها آهن.
— عبدالمؤمن ميمڻفِىْ قُلُوْبِهِمْ مَّرَضٌ ۙ فَزَادَھُمُ اللّٰهُ مَرَضًا ۚ وَلَھُمْ عَذَابٌ اَلِيْمٌۢ ڏ بِـمَا كَانُوْا يَكْذِبُوْنَ 10
انهن جي دلين ۾ (انڪار جو) روڳ آهي. تنهنڪري الله (حق کي ڪامياب ڪري) کين تهائين وڌيڪ روڳي ڪري ڇڏيو. ۽ انهن لاءِ (دنيا ۽ آخرت ۾) ڏکوئيندڙ عذاب آهي، ڇاڪاڻ جو اهي پنهنجين ڳالهين ۾ ڪوڙا آهن.
— عبدالمؤمن ميمڻوَاِذَا قِيْلَ لَھُمْ لَا تُفْسِدُوْا فِى الْاَ رْضِ ۙ قَالُوْٓا اِنَّـمَا نَـحْنُ مُصْلِحُوْنَ 11
۽ جڏهن اهڙن ماڻهن کي چيو وڃي ٿو ته ڌرتيءَ تي فساد نه ڦهلايو ( ۽ بد ڪردارين کان باز اچو) ته چون ٿا: (اسان جا عمل فساد جو ڪارڻ ڪيئن ٿا ٿي سگهن؟) اسين ته سُڌارا آڻيندڙ آهيون.
— عبدالمؤمن ميمڻاَلَآ اِنَّھُمْ ھُمُ الْمُفْسِدُوْنَ وَلٰكِنْ لَّا يَشْعُرُوْنَ 12
ياد رکو ! اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي فسادي آهن. پر (جهالت ۽ تڪبر سبب) پنهنجي حالت جو شعور نه ٿا رکن.
— عبدالمؤمن ميمڻوَاِذَا قِيْلَ لَھُمْ اٰمِنُوْا كَـمَآ اٰمَنَ النَّاسُ قَالُوْٓا اَنُؤْمِنُ كَـمَآ اٰمَنَ السُّفَهَاۗءُ ۭ اَلَآ اِنَّھُمْ ھُمُ السُّفَهَاۗءُ وَلٰكِنْ لَّا يَعْلَمُوْنَ 13
۽ جڏهن انهن ماڻهن کي چئجي ٿو ته ايمان جو دڳ وٺو جيئن ٻين ماڻهن ورتو آهي ته چون ٿا : ڇا اسين به ايئن ايمان آڻيؤن جيئن هنن بي وقوفن ايمان آندو آهي؟ (يعني جيئن هنن ماڻهن، غريبي ۽ مظلوميءَ جي حالت ۾ حق جو ساٿ ڏنو آهي، تيئن اسين به بي وقوف بڻجي حق جو ساٿ ڏيئون؟) ياد رکو حقيقت ۾ اهي ئي ماڻهو بي وقوف آهن جيتوڻيڪ (جهالت ۽ تڪبر سبب پنهنجي حالت جي) ڄاڻ نه ٿا رکن.
— عبدالمؤمن ميمڻوَاِذَا لَقُوا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا قَالُوْٓا اٰمَنَّا ښ وَاِذَا خَلَوْا اِلٰى شَيٰطِيْنِهِمْ ۙ قَالُوْٓا اِنَّا مَعَكُمْ ۙ اِنَّـمَا نَـحْنُ مُسْتَهْزِءُوْنَ 14
۽ جڏهن اهي ماڻهو انهن ماڻهن سان ملن ٿا جيڪي (حق سچ جي دعوت تي) ايمان آڻي چڪا آهن ته چون ٿا: اسين پڻ ايمان آندو. پر جڏهن پنهنجن شيطانن (سردارن) سان نويڪلا ٿين ٿا ته چون ٿا : اسين توهان سان گڏ آهيون ۽ اسان پاران ايمان جي دعوى ته رڳو مؤمنن تي چٿر ڪرڻ (خاطر) آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻاَللّٰهُ يَسْتَهْزِئُ بِـهِمْ وَيَـمُدُّھُمْ فِىْ طُغْيَانِهِمْ يَعْمَھُوْنَ 15
(اهي ماڻهو ايمان جي معاملي ۾ چٿرون ڪن ٿا، حالانڪ) حقيقت اها آهي ته خود انهن تي چٿر ٿي رهي آهي. بس الله(جي قانون) رسي ڍري ڇڏي ڏني آهي ۽ (هي آهن جو پنهنجيءَ) هوڏ جي ڪري ڀٽڪندا پيا وتن.
— عبدالمؤمن ميمڻاُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ اشْتَرَوُا الضَّلٰلَةَ بِالْهُدٰى ۠ فَـمَا رَبِـحَتْ تِّـجَارَتُھُمْ وَمَا كَانُوْا مُهْتَدِيْنَ 16
(يقين ڄاڻو !) اهي ئي ماڻهو آهن، جن هدايت جي بدلي گمراهي خريد ڪئي، پر نه انهن جي تجارت فائدي ۾ وئي نه ئي هدايت تي بيهي سگهيا.
— عبدالمؤمن ميمڻمَثَلُھُمْ كَـمَثَلِ الَّذِى اسْـتَوْقَدَ نَارًا ۚ فَلَمَّآ اَضَاۗءَتْ مَا حَوْلَهٗ ذَھَبَ اللّٰهُ بِنُوْرِهِمْ وَتَرَكَھُمْ فِىْ ظُلُمٰتٍ لَّا يُبْصِرُوْنَ 17
انهن ماڻهن جو مثال ايئن آهي- جهڙوڪر هڪ ماڻهو (رات جي اونداهيءَ ۾ ڀٽڪي رهيو هيو) ان (سوجهري لاءِ) باهه ٽمڪائي، پر جڏهن (باهه ٽمڪي پئي۽ باهه جي شعاع سان) چؤڌاري سوجهرو ٿي ويو ته الله جي قدرت سان (اوچتو باهه وسامي وئي ۽) سوجهرو ختم ٿي ويو. آخرڪار سوجهري کانپوءِ وري انڌيرو ٿي ويو ۽ (انڌيري ۾) ڪجهه نه ٿو ڏسجي.
— عبدالمؤمن ميمڻۻ بُكْمٌ عُـمْىٌ فَھُمْ لَا يَرْجِعُوْنَ ۙ18
اهي ٻوڙا، گونگا، انڌا ٿي رهجي ويا (جن ماڻهن جي محرومي ۽ بد بختيءَ جو اهڙو حال آهي) اهي ڪڏهن به پنهنجي گمراهيءَ کان باز نه ايندا.
— عبدالمؤمن ميمڻاَوْ كَصَيِّبٍ مِّنَ السَّمَاۗءِ فِيْهِ ظُلُمٰتٌ وَّرَعْدٌ وَّبَرْقٌ ۚ يَـجْعَلُوْنَ اَصَابِعَھُمْ فِىْٓ اٰذَانِهِمْ مِّنَ الصَّوَاعِقِ حَذَرَ الْمَوْتِ ۭ وَاللّٰهُ مُـحِيْطٌۢ بِالْكٰفِرِيْنَ 19
يا وري انهن ماڻهن جو مثال ائين سمجهو- جيئن آسمان مان مينهن جو وسڻ، جو ان (وسڪاري) سان ڪارا ڪڪر، گجگوڙ ۽ کنوڻ جا چمڪاٽ به هوندا آهن. (فرض ڪريو! دنيا پاڻيءَ لاءِ آتي هئي، الله پنهنجي رحمت سان مينهن جو ماحول جوڙيو، پر هنن ماڻهن جي حالت اها آهي جو بارش جي برڪتن بجاءِ رڳو گجگوڙ ۽ کنوڻ جا چمڪاٽ سندن پلئه پيا آهن) ڪڪر جڏهن گجن ٿا ته موت جو خوف انهن کي هيسايو ڇڏي. (گجگوڙ ته روڪي نه ٿا سگهن، باقي) پنهنجن ڪنن ۾ آڱريون ٽنبڻ لڳن ٿا، حالانڪه ( جيڪڏهن کنوڻ ڪرڻي ئي آهي ته ڪنن بند ڪري ڇڏڻ سان اها رڪبي ته ڪانه) الله جي قدرت ته (هر حال ۾) منڪرن کي وڪوڙيون بيٺي آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻيَكَادُ الْبَرْقُ يَـخْطَفُ اَبْصَارَھُمْ ۭ كُلَّمَآ اَضَاۗءَ لَھُمْ مَّشَوْا فِيْهِ ڎ وَاِذَآ اَظْلَمَ عَلَيْهِمْ قَامُوْا ۭ وَلَوْ شَاۗءَ اللّٰهُ لَذَھَبَ بِسَمْعِهِمْ وَاَبْصَارِهِمْ ۭ اِنَّ اللّٰهَ عَلٰي كُلِّ شَىْءٍ قَدِيْرٌ ۧ20
(جڏهن کنوڻ شدت سان چمڪڻ لڳي ٿي ته انهن جي پريشاني جو اهو حال ٿيو پوي ڄڻ) اِجهو کنوڻ سندن ديد جهٽي وٺندي. کنوڻ جي چمڪاٽ سان جڏهن فضا روشن ٿئي ٿي ته ٻه چار وکون کڻي وٺن ٿا، ۽ جڏهن اونداهي ڇانئجي وڃي ٿي ته (امالڪ) رڪجي پون ٿا. جيڪڏهن الله چاهي ته هو بنهه ٻوڙا انڌا ٿي رهجي وڃن. (۽) يقيناَ ! الله هر ڳالهه تي وس وارو آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻ