019 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 98 آيتون ۽ 6 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالمؤمن ميمڻ
كۗهٰيٰعۗصۗ ڗ 1
ڪاف، ها، يا، عين، صاد-
— عبدالمؤمن ميمڻذِكْرُ رَحْمَتِ رَبِّكَ عَبْدَهٗ زَكَرِيَّا ڻ 2
(اي پيغمبر!) تنهنجي پالڻهار پنهنجي ٻانهي: زڪريا تي جيڪا مهرباني ڪئي، هي انهي جو داستان آهي-
— عبدالمؤمن ميمڻاِذْ نَادٰى رَبَّهٗ نِدَاۗءً خَفِيًّا 3
جڏهن (زڪريا) جهيڻي آواز ۾ پنهنجي رب کي ٻاڏايو-
— عبدالمؤمن ميمڻقَالَ رَبِّ اِنِّىْ وَهَنَ الْعَظْمُ مِنِّيْ وَاشْتَعَلَ الرَّاْسُ شَيْبًا وَّلَمْ اَكُنْۢ بِدُعَاۗىِٕكَ رَبِّ شَقِيًّا 4
عرض ڪيائين: پالڻهار! منهنجو جسم ڏٻرو ٿي چڪو آهي- منهنجي مٿي جا وار به پوڙهپ سبب اَڇا ٿي چڪا آهن. يا الله! ڪڏهن به ائين ناهي ٿيو جو مون توکان دعا گهري هجي ۽ اها قبول نه ٿي هجي.
— عبدالمؤمن ميمڻوَاِنِّىْ خِفْتُ الْمَوَالِيَ مِنْ وَّرَاۗءِيْ وَكَانَتِ امْرَاَتِيْ عَاقِرًا فَهَبْ لِيْ مِنْ لَّدُنْكَ وَلِيًّا 5ۙ
مون کي پنهنجي مئي کانپوءِ پنهنجي برادريءَ مان خوف آهي (ته خبرناهي اهي ڇا ڪندا) ۽ منهنجي وني سَنڍ آهي (جنهن ڪري ظاهري حالات موجب اولاد جي به اميد ڪانهي) بس، تون پنهنجي خصوصي فضل سان مون کي هڪ پونئير عطا فرماءِ.
— عبدالمؤمن ميمڻيَّرِثُنِيْ وَيَرِثُ مِنْ اٰلِ يَعْقُوْبَ ڰ وَاجْعَلْهُ رَبِّ رَضِيًّا 6
اهڙو پونئير- جيڪو منهنجو به وارث هجي ۽ يعقوب جي خاندان (جي برڪتن) جوبه وارث هجي. ۽ پالڻهار! ان کي اهڙو بڻائجان جو (منهنجي نظر ۾ به ۽ تنهنجي ٻانهن جي نظر ۾ به) مقبول هجي.
— عبدالمؤمن ميمڻيٰزَكَرِيَّآ اِنَّا نُبَشِّرُكَ بِغُلٰمِ ۨاسْمُهٗ يَحْــيٰى ۙ لَمْ نَجْعَلْ لَّهٗ مِنْ قَبْلُ سَمِيًّا 7
(تنهن تي حڪم ٿيو) اي زڪريا! اسين توکي هڪ ڇوڪر جي (ڄمڻ جي)بشارت ڏيئون ٿا ان جو نالو: يحى رکيو وڃي! هن کان اڳ اسان ڪنهن تي به اهو نالو نه رکيو آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻقَالَ رَبِّ اَنّٰى يَكُوْنُ لِيْ غُلٰمٌ وَّكَانَتِ امْرَاَتِيْ عَاقِرًا وَّقَدْ بَلَغْتُ مِنَ الْكِبَرِ عِتِيًّا 8
(زڪريا اچرج ۾ پئجي) چيو: پالڻهار! مون کي ڇوڪر ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟!- جڏهن ته منهنجي وني سَنڍ ٿي چڪي آهي ۽ مان به عمر جي لحاظ کان جهور پوڙهو ٿي چڪو آهيان.
— عبدالمؤمن ميمڻقَالَ كَذٰلِكَ ۚ قَالَ رَبُّكَ هُوَ عَلَيَّ هَيِّنٌ وَّقَدْ خَلَقْتُكَ مِنْ قَبْلُ وَلَمْ تَكُ شَـيْـــــًٔـا 9
ارشاد ٿيو: ائين ئي ٿيندو. تنهنجو رب ٿوفرمائي ته ائين ڪرڻ مون لاءِ آسان آهي. مون ان کان پهريان خود توکي پيدا ڪيو حالانڪه تنهنجي وجود جو ڪو نانءُ نشان به ڪونه هيو.
— عبدالمؤمن ميمڻقَالَ رَبِّ اجْعَلْ لِّيْٓ اٰيَةً ۭ قَالَ اٰيَتُكَ اَلَّا تُكَلِّمَ النَّاسَ ثَلٰثَ لَيَالٍ سَوِيًّا ١0
(تنهن تي زڪريا) چيو: اي خدا! منهنجي لاءِ (ان بابت) ڪا نشاني طئه فرماءِ. فرمايائين: تنهنجي نشاني اها آهي ته ٽي راتيون لاڳيتو ماڻهن سان ڪلام نه ڪندين.
— عبدالمؤمن ميمڻفَخَرَجَ عَلٰي قَوْمِهٖ مِنَ الْمِحْرَابِ فَاَوْحٰٓى اِلَيْهِمْ اَنْ سَبِّحُوْا بُكْرَةً وَّعَشِـيًّا 11
پوءِ هو محراب مان نڪتو ۽ پنهنجن ماڻهن ۾ آيو (جيڪي معمول مطابق سندس انتظار ۾ هئا) زڪريا (ٻڙڪ نه ڪڇي) اشاري سان کين چيائين: صبح شام خدا جي پاڪائي ۽ جلال جو ورد ڪندا رهو.
— عبدالمؤمن ميمڻيٰــيَحْـيٰى خُذِ الْكِتٰبَ بِقُوَّةٍ ۭ وَاٰتَيْنٰهُ الْحُكْمَ صَبِيًّا ۙ12
(خدا جو حڪم ٿيو) اي يحى! (الله جي) ڪتاب جي ڪڍ مضبوطيءَ سان لڳو رهج (ڇاڪاڻ جو يحيٰ خوشخبريءَ جي مطابق پيدا به ٿيو ۽ وڏو به ٿيو) ۽ اڃا هو ٻالڪ ئي هيو ته اسان کيس علم ۽ فضيلت عطا ڪري ڇڏي.
— عبدالمؤمن ميمڻوَّحَنَانًا مِّنْ لَّدُنَّا وَزَكٰوةً ۭ وَكَانَ تَقِيًّا ۙ13
پوءِ پنهنجي خاص فضل سان، کيس پُر عزم دل ۽ پاڪيزه نفسيات به عطا ڪئي ۽ (بي شڪ!) هو پرهيزگار ثابت ٿيو.
— عبدالمؤمن ميمڻوَّځ ابِوَالِدَيْهِ وَلَمْ يَكُنْ جَبَّارًا عَصِيًّا ١4
۽ يحيٰ، ماءُ پيءُ جو خدمتگذار هيو، هٺيلو- بي فرمان نه هيو.
— عبدالمؤمن ميمڻوَسَلٰمٌ عَلَيْهِ يَوْمَ وُلِدَ وَيَوْمَ يَمُوْتُ وَيَوْمَ يُـبْعَثُ حَيًّا ۧ15
يحيٰ تي سلام!- جنهن ڏينهن ڄائو ۽ جنهن ڏينهن وفات ڪندو ۽ جنهن ڏينهن ٻيهر زنده ڪري اٿاريو ويندو.
— عبدالمؤمن ميمڻوَاذْكُرْ فِى الْكِتٰبِ مَرْيَـمَ ۘاِذِ انْتَبَذَتْ مِنْ اَهْلِهَا مَكَانًا شَرْقِيًّا ۙ16
۽ (اي پيغمبر!) ڪتاب ۾ مريم جي ڳالهه بيان ڪر- جڏهن هوءَ هڪ جاءِ تي- جيڪا اوڀر پاسي هئي- پنهنجن ڀاتين کان نويڪلي ٿي وئي.
— عبدالمؤمن ميمڻفَاتَّخَذَتْ مِنْ دُوْنِهِمْ حِجَابًا ڨ فَاَرْسَلْنَآ اِلَيْهَا رُوْحَنَا فَتَمَثَّلَ لَهَا بَشَرًا سَوِيًّا 17
پوءِ مريم ماڻهن کان حجاب ڪري ڇڏيو. پوءِ اسان ڏانهس هڪ فرشتو موڪليو جيڪو هڪ سهڻي بشرجي روپ ۾ نروار ٿيو.
— عبدالمؤمن ميمڻقَالَتْ اِنِّىْٓ اَعُوْذُ بِالرَّحْمٰنِ مِنْكَ اِنْ كُنْتَ تَقِيًّا 18
(مريم سهڻي بشر کي ڏسي هيسجي وئي- ۽) چيائين: جيڪڏهن تون سٺو ماڻهو آهين ته مان الله رحمان جي نانءَ تي توکان پناهه گهران ٿي. (سو، الله جو نالو ٿئي، مون کان پري ٿي وڃ.)
— عبدالمؤمن ميمڻقَالَ اِنَّـمَآ اَنَا رَسُوْلُ رَبِّكِ ڰ لِاَهَبَ لَكِ غُلٰمًا زَكِيًّا 19
(فرشتي) وراڻيس: مان ته تنهنجي پالڻهار پاران موڪليل فرشتو آهيان (۽ ان لاءِ آيو آهيان) ته توکي هڪ پاڪيزه ڇوڪر ڏيان.
— عبدالمؤمن ميمڻقَالَتْ اَنّٰى يَكُوْنُ لِيْ غُلٰمٌ وَّلَمْ يَمْسَسْنِيْ بَشَرٌ وَّلَمْ اَكُ بَغِيًّا 20
مريم چيس: اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته مون کي ڇوڪر ٿئي- جڏهن ته ڪنهن مرد مون کي ڇهيو به ناهي ۽ نه ڪي آئون زانڻ آهيان.
— عبدالمؤمن ميمڻ