018 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 110 آيتون ۽ 12 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالمؤمن ميمڻ
اَلْـحَمْدُ لِلّٰهِ الَّذِيْٓ اَنْزَلَ عَلٰي عَبْدِهِ الْكِتٰبَ وَلَمْ يَجْعَلْ لَّهٗ عِوَجًا ڸ 1
سموري واکاڻ الله جي لاءِ آهي جنهن پنهنجي بندي تي، “الڪتاب” نازل ڪيو (يعني قرآن نازل ڪيو) ۽ قرآن ۾ ڪنهن به قسم جو ڪو ڏِنگ (ڏانوَ) نه رکيو اٿس.
— عبدالمؤمن ميمڻقَـيِّمًا لِّيُنْذِرَ بَاْسًا شَدِيْدًا مِّنْ لَّدُنْهُ وَيُبَشِّرَ الْمُؤْمِنِيْنَ الَّذِيْنَ يَعْمَلُوْنَ الصّٰلِحٰتِ اَنَّ لَهُمْ اَجْرًا حَسَـنًا 2ۙ
سڌي سنئين ڳالهه! (هر لحاظ کان فطرت جي موافق!) ۽ قرآن ان لاءِ لاٿائين ته ماڻهن کي خبردار ڪجي ته الله جي پاران هڪ تمام وڏي آفت (مٿن) اچي سگهي ٿي ۽ مؤمنن کي-جيڪي چڱا ڪم ڪن ٿا، خوشخبري ٻڌائي ته بي شڪ انهن جي لاءِ نهايت سهڻو وڏو اجر آهي-
— عبدالمؤمن ميمڻمَّاكِثِيْنَ فِيْهِ اَبَدًا 3ۙ
جنهن ۾ هميشه خوش رهندا.
— عبدالمؤمن ميمڻوَّيُنْذِرَ الَّذِيْنَ قَالُوا اتَّخَذَ اللّٰهُ وَلَدًا 4ۤ
پڻ انهن ماڻهن کي خبردار ڪجي جن (اهڙي ردّي ڳالهه واتان ڪڍي ۽) چيائون ته: الله کي به اولاد آهي!
— عبدالمؤمن ميمڻمَا لَهُمْ بِهٖ مِنْ عِلْمٍ وَّلَا لِاٰبَاۗىِٕهِمْ ۭ كَبُرَتْ كَلِمَةً تَخْرُجُ مِنْ اَفْوَاهِهِمْ ۭ اِنْ يَّقُوْلُوْنَ اِلَّا كَذِبًا 5
ان بابت کين ڪوئي علم ڪونهي- نه ڪي سندن ابن ڏاڏن وٽ ڪو علم هيو. ڪيڏي وڏي ڳالهه انهن جي واتان نڪري وئي آهي! اهي نسورو ڪوڙ ڳالهائين ٿا.
— عبدالمؤمن ميمڻفَلَعَلَّكَ بَاخِعٌ نَّفْسَكَ عَلٰٓي اٰثَارِهِمْ اِنْ لَّمْ يُؤْمِنُوْا بِهٰذَا الْحَدِيْثِ اَسَفًا 6
(اي پيغمبر!) اجهو، شايد تون انهن (نالائقن جي پويان) انهن پاران هن ڳالهه (يعني قرآن) تي ايمان نه آڻڻ جي ڪري، پاڻ کي ارمان ڪندي پورو ڪري ڇڏيندين! (پر هي مڃتا وارا ناهن)
— عبدالمؤمن ميمڻاِنَّا جَعَلْنَا مَا عَلَي الْاَرْضِ زِيْنَةً لَّهَا لِنَبْلُوَهُمْ اَيُّهُمْ اَحْسَنُ عَمَلًا 7
روءِ زمين ۾ جيڪو ڪجهه به آهي، تنهن کي اسين زمين جي سونهن جو ڪارڻ بڻايو آهي ۽ ائين ان ڪري ڪيو اٿئون ته جيئن ماڻهن کي (ڌرتيءَ تي ڪائناتي نعمتن کي ڪتب آڻڻ بابت) آزمايون ته انهن ۾ ڪهڙو سڀ کان بهتر عملن (سان ڌرتيءَ تي آزادي ۽ خوشحاليءَ کي ممڪن بنائڻ) وارو آهي. (۽ پوءِ شڪريو ڪندي ايمان آڻي ٿو ۽ نيڪ عمل ڪري ٿو)
— عبدالمؤمن ميمڻوَاِنَّا لَجٰعِلُوْنَ مَا عَلَيْهَا صَعِيْدًا جُرُزًا 8ۭ
۽ وري اسين ئي آهيون جيڪي زمين تي موجود سڀ ڪجهه نابود ڪري ميدان خالي ڪرڻ وارا آهيون.
— عبدالمؤمن ميمڻاَمْ حَسِبْتَ اَنَّ اَصْحٰبَ الْكَهْفِ وَالرَّقِيْمِ ۙ كَانُوْا مِنْ اٰيٰتِنَا عَجَبًا 9
(اي پيغمبر!) ڇا، تون ڀانئين ٿو ته غار ۽ رقيم وارا اسان جي نشانين منجهان ڪا عجب جي نشاني هئا؟
— عبدالمؤمن ميمڻاِذْ اَوَى الْفِتْيَةُ اِلَى الْكَهْفِ فَقَالُوْا رَبَّنَآ اٰتِنَا مِنْ لَّدُنْكَ رَحْـمَةً وَّهَيِّئْ لَنَا مِنْ اَمْرِنَا رَشَدًا 10
جڏهن ڪجهه نوجوانن وڃي غار وسائي هئي ۽ انهن دعا گهري هئي ته: اي پالڻهار! تو وٽان اسان تي شل ڪا ٻاجهه ٿئي ۽ تون اسان جي (ظالمن مان آزاديءَ واري هن) مهم جي ڪاميابيءَ جو انتظام فرماءِ!
— عبدالمؤمن ميمڻفَضَرَبْنَا عَلٰٓي اٰذَانِهِمْ فِي الْكَهْفِ سِنِيْنَ عَدَدًا ۙ11
پوءِ ڪيترائي سال، اسين سندن ڪَنَ (دنيا کان) بند رکياسون.
— عبدالمؤمن ميمڻثُـمَّ بَعَثْنٰهُمْ لِنَعْلَمَ اَيُّ الْحِزْبَيْنِ اَحْصٰى لِمَا لَبِثُوْٓا اَمَدًا ۧ12
وري کين اٿاريوسون ته جيئن واضح ٿئي ته ٻنهي ٽولن مان ڪهڙي ٽولي گذري ويل عرصي کي بهتر طريقي سان ياد رکيو؟
— عبدالمؤمن ميمڻنَـحْنُ نَقُصُّ عَلَيْكَ نَبَاَهُمْ بِالْـحَقِّ ۭ اِنَّهُمْ فِتْيَةٌ اٰمَنُوْا بِرَبِّهِمْ وَزِدْنٰهُمْ هُدًى ڰ 13
(اي پيغمبر!) اسين ٿا تنهنجي آڏو انهن ٻنهي جون صحيح صحيح خبرون بيان ڪيئون. هو ڳچ ڳڀرو جوان هئا جن پنهنجي پالڻهار تي ايمان آندو هيو. اسين کين هدايت ۾ تهائين مضبوط ڪري ڇڏيو.
— عبدالمؤمن ميمڻوَّرَبَطْنَا عَلٰي قُلُوْبِهِمْ اِذْ قَامُوْا فَقَالُوْا رَبُّنَا رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ لَنْ نَّدْعُوَا۟ مِنْ دُوْنِهٖٓ اِلٰـهًا لَّقَدْ قُلْنَآ اِذًا شَطَطًا 14
۽ انهن جي دلين کي (صبر ۽ ثابت قدميءَ سان پنهنجي ايمان جي نظريي تي) بيهاري ڇڏيوسون. هو جڏهن (حق جي واٽ تي ظالمن کان هر حال ۾ آزادي ملڻ جي فيصلي تي) اٽل ٿي بيهي ويا ته انهن (سڌو سنئون) چئي ڏنو: اسان جو پالڻهار اهوئي آهي جيڪو آسمانن ۽ زمين جو پالڻهار آهي. اسين ان کانسواءِ ڪنهن معبود کي ڪونه پڪارينداسين. جيڪڏهن اسين ايئن ڪيو ته نسورو ناحق ڪنداسون.
— عبدالمؤمن ميمڻهٰٓؤُلَاۗءِ قَوْمُنَا اتَّخَذُوْا مِنْ دُوْنِهٖٓ اٰلِهَةً ۭ لَوْلَا يَاْتُوْنَ عَلَيْهِمْ بِسُلْطٰنٍۢ بَيِّنٍ ۭ فَـمَنْ اَظْلَمُ مِـمَّنِ افْتَرٰى عَلَي اللّٰهِ كَذِبًا ۭ15
“اهي اسان جي قوم جا ماڻهو آهن جيڪي الله کي ڇڏي ٻين معبودن کي ورتيون ويٺا آهن. اهي جيڪڏهن (واقعي) معبود آهن ته انهن بابت روشن دليل ڇو ڪونه ٿا آڻين؟ (جڏهن ته وٽن ڪوئي دليل ڪونهي!). پوءِ ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ظالم هوندو جيڪو الله تي ايڏو ڪوڙ هڻي؟”
— عبدالمؤمن ميمڻوَاِذِ اعْتَزَلْتُمُوْهُمْ وَمَا يَعْبُدُوْنَ اِلَّا اللّٰهَ فَاْوٗا ٓ اِلَى الْكَهْفِ يَنْشُرْ لَكُمْ رَبُّكُمْ مِّنْ رَّحْمَتِهٖ وَيُهَــيِّئْ لَكُمْ مِّنْ اَمْرِكُمْ مِّرْفَقًا 16
(پوءِ هو پاڻ ۾ چوڻ لڳا ته:) “جڏهن اسين انهن ماڻهن کان ۽ انهن معبودن کان- جن کي هي الله کانسواءِ پوڄين ٿا، بيزاري ڏيکاري آهي ته هلو ته هلي غار ۾ پناهه وٺئون. اسان جو پالڻهار اسان تي پنهنجي رحمت جي ڇانو ڪندو ۽ اسان جي ان مهم لاءِ (سمورا) بندوبست ڪري وٺندو. ”
— عبدالمؤمن ميمڻوَتَرَى الشَّمْسَ اِذَا طَلَعَتْ تَّزٰوَرُ عَنْ كَهْفِهِمْ ذَاتَ الْيَمِيْنِ وَاِذَا غَرَبَتْ تَّقْرِضُهُمْ ذَاتَ الشِّمَالِ وَهُمْ فِيْ فَجْــوَةٍ مِّنْهُ ۭ ذٰلِكَ مِنْ اٰيٰتِ اللّٰهِ ۭ مَنْ يَّهْدِ اللّٰهُ فَهُوَ الْمُهْتَدِ ۚ وَمَنْ يُّضْلِلْ فَلَنْ تَـجِدَ لَهٗ وَلِيًّا مُّرْشِدًا ۧ17
۽ هو جنهن غار ۾ وڃي لِڪا اها ائين ٺهيل آهي جو- جڏهن سج اڀري ته توکي لڳي ته انهن جي ساڄي پاسي کان سج هٽيل آهي ۽ جڏهن لهي ته کاٻي پاسي کان لڙيو، لهيو وڃي. (يعني ڪنهن به پهر ۾ سج جا ڪِرڻا ۽ اُس اندر غار ۾ ڪو نه وڃن). ۽ هو غار جي اندر هڪ ڪشادي جاءِ ۾ سمهيل آهن. اها الله جي نشانين منجهان هڪ نشاني آهي. (جو هنن حق خاطر دنيا ۽ دنيا وارن کي تياڳي ڇڏيو). جنهن تي به الله (ڪاميابيءَ جي) واٽ کولي ڇڏيندو آهي ته اهوئي هدايت وارو ٿيندو آهي ۽ جنهن تي (هدايت جا رستا بند ڪري) کيس ڀٽڪائي ڇڏيندو آهي ته تون ان جو ڪو ڌڻي سائين ۽ مرشد (سڌي راهه ڏيکاريندڙ) نه لهندين.
— عبدالمؤمن ميمڻوَتَحْسَبُهُمْ اَيْقَاظًا وَّهُمْ رُقُوْدٌ ڰ وَّنُقَلِّبُهُمْ ذَاتَ الْيَمِيْنِ وَذَاتَ الشِّمَالِ ڰ وَكَلْبُهُمْ بَاسِطٌ ذِرَاعَيْهِ بِالْوَصِيْدِ ۭ لَوِ اطَّلَعْتَ عَلَيْهِمْ لَوَلَّيْتَ مِنْهُمْ فِرَارًا وَّلَمُلِئْتَ مِنْهُمْ رُعْبًا 18
۽ تون کين ڏسين ته! توکي ائين لڳندو ته اهي جاڳيا پيا آهن. حالانڪه اهي سمهيا پيا آهن (يعني جهڙوڪر مئل آهن) اسين ساڄي- کاٻي، سندن پاسا ورائيندا رهندا آهيون. ۽ سندن ڪُتو (غار جي) چانئٺ تي پنهنجون اڳيون ڄنگهون ڊگهيڙيون ويٺو آهي. جيڪڏهن تون انهن ڏانهن واجهائي ڏسين ته (دهشت سبب) مرعوب ٿي وٺي ڀڄين.
— عبدالمؤمن ميمڻوَكَذٰلِكَ بَعَثْنٰهُمْ لِيَتَسَاۗءَلُوْا بَيْنَهُمْ ۭ قَالَ قَاۗىِٕلٌ مِّنْهُمْ كَمْ لَبِثْتُمْ ۭ قَالُوْا لَبِثْنَا يَوْمًا اَوْ بَعْضَ يَوْمٍ ۭ قَالُوْا رَبُّكُمْ اَعْلَمُ بِـمَا لَبِثْتُمْ ۭ فَابْعَثُوْٓا اَحَدَكُمْ بِوَرِقِكُمْ هٰذِهٖٓ اِلَى الْمَدِيْنَةِ فَلْيَنْظُرْ اَيُّهَآ اَزْكٰى طَعَامًا فَلْيَاْتِكُمْ بِرِزْقٍ مِّنْهُ وَلْيَتَلَطَّفْ وَلَا يُشْعِرَنَّ بِكُمْ اَحَدًا 19
۽ پوءِ اسين کين اٿاري کڙو ڪيو ته جيئن پاڻ ۾ هڪ ٻئي کان پڇا ڳاڇا ڪن. منجهانئن هڪ ڳالهائيندڙ چيو: “اسين هتي ڪيتري دير ترسيا هونداسين؟” سڀني چيو: کڻي هڪڙو ڏينهن يا وري ڪي واڌارا پهر. (پوءِ جڏهن صحيح عرصي جي ڪَٿَ نه ڪري سگهيا ته) چوڻ لڳا: اسان جو پالڻهار ئي بهتر ڄاڻي ٿو ته اسين ڪيترو عرصو هتي سُتل رهياسين. چڱو! هڪڙي ڄڻي کي هي سِڪو ڏئي شهر موڪليو- وڃي ڏسي اچي ته ڪنهن وٽان ٿو چڱو کاڌو ملي ۽ جتان به کيس ملي ته ٿورو گهڻو ورتيون اچي ۽ ها! لڪ ڇپ ۾ وڃي ته ڪٿي، ڪنهن کي اسان بابت ڪا کُڙڪ نه پئجي وڃي.
— عبدالمؤمن ميمڻاِنَّهُمْ اِنْ يَّظْهَرُوْا عَلَيْكُمْ يَرْجُمُوْكُمْ اَوْ يُعِيْدُوْكُمْ فِيْ مِلَّتِهِمْ وَلَنْ تُفْلِحُوْٓا اِذًا اَبَدًا 20
جيڪڏهن ماڻهن کي کڙڪ پئجي وئي ته هو(اسان کي) نه ڇڏيندا- يا ته سنگسار ڪري ڇڏيندا يا وري مجبور ڪندا ته سندن دين ۾ واپس اچئون. جيڪڏهن ائين ٿيو ته وري نه ڪڏهن به توهين ڪامياب نه ٿيندؤ.
— عبدالمؤمن ميمڻ