014 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 52 آيتون ۽ 7 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالمؤمن ميمڻ
الۗرٰ ۣ كِتٰبٌ اَنْزَلْنٰهُ اِلَيْكَ لِتُخْرِجَ النَّاسَ مِنَ الظُّلُمٰتِ اِلَي النُّوْرِ ڏ بِاِذْنِ رَبِّھِمْ اِلٰي صِرَاطِ الْعَزِيْزِ الْحَمِيْدِ 1ۙ
الف، لام، را. هي هڪ ڪتاب آهي جيڪو اسين توتي نازل ڪيو آهي ته جيئن ماڻهن کي سندن پالڻهار جي حڪم سان، انڌيرن مان ڪڍي غالب ۽ واکاڻيل الله جي راهه جي سوجهري ڏانهن وٺي اچين.
— عبدالمؤمن ميمڻاللّٰهِ الَّذِيْ لَهٗ مَافِي السَّمٰوٰتِ وَمَافِي الْاَرْضِ ۭ وَوَيْلٌ لِّلْكٰفِرِيْنَ مِنْ عَذَابٍ شَدِيْدِ 2ۙ
اهو الله، جو جيڪو ڪجهه آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪو ڪجهه زمين ۾ آهي سڀ ان جو آهي (۽ سڀ ان جي حڪمن جي آڏو جهڪيل آهن) ۽ سخت عذاب جو ويل آهي انهن منڪرن جي لاءِ-
— عبدالمؤمن ميمڻۨالَّذِيْنَ يَسْتَحِبُّوْنَ الْحَيٰوةَ الدُّنْيَا عَلَي الْاٰخِرَةِ وَ يَصُدُّوْنَ عَنْ سَبِيْلِ اللّٰهِ وَ يَبْغُوْنَھَا عِوَجًا ۭ اُولٰۗىِٕكَ فِيْ ضَلٰلٍۢ بَعِيْدٍ 3
جن آخرت کي ڇڏي دنيا جي زندگي پسند ڪري ورتي ۽ جيڪي الله جي واٽ کان انسانن کي روڪين ٿا ۽ ان ۾ منجهائيندڙ (ڏنگائي) وڪڙ پيدا ڪرڻ چاهين ٿا. اهڙا ماڻهو وڏي گمراهيءَ ۾ مبتلا آهن.
— عبدالمؤمن ميمڻوَمَآ اَرْسَلْنَا مِنْ رَّسُوْلٍ اِلَّا بِلِسَانِ قَوْمِهٖ لِيُبَيِّنَ لَهُمْ ۭ فَيُضِلُّ اللّٰهُ مَنْ يَّشَاۗءُ وَيَهْدِيْ مَنْ يَّشَاۗءُ ۭ وَهُوَ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ 4
۽ اسين دنيا ۾ جيڪو به پيغمبر موڪليو اهو پنهنجي قومي ٻوليءَ ۾ ئي حق جو پيغام پهچائيندڙ هيو ته جيئن ماڻهن تي (آسانيءَ سان) مطلب واضح ڪري. پوءِ الله، جنهن تي چاهيندو آهي (ڪاميابيءَ جي) واٽ گم ڪري ڇڏيندو آهي، جنهن تي چاهيندو آهي، واٽ کولي ڇڏيندو آهي. هو غالب حڪمت وارو آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻوَلَقَدْ اَرْسَلْنَا مُوْسٰى بِاٰيٰتِنَآاَنْ اَخْرِجْ قَوْمَكَ مِنَ الظُّلُمٰتِ اِلَى النُّوْرِ وَذَكِّرْهُمْ ڏ بِاَيّٰىمِ اللّٰهِ ۭ اِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَاٰيٰتٍ لِّكُلِّ صَبَّارٍ شَكُوْرٍ 5
۽ اها حقيقت آهي ته اسين پنهنجين نشانين سان موسى کي موڪليو هيو ته پنهنجيءَ قوم کي انڌيرن مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻي۽ الله جي (فيصلائتن) واقعن جوتذڪرو ڪري (ماڻهن کي) نصيحت ڪري، ڇاڪاڻ جو هر شڪر ۽ صبر ڪرڻ واري انسان جي لاءِ ان تذڪري ۾ (عبرت ۽ نصيحت جون) تمام وڏيون نشانيون آهن.
— عبدالمؤمن ميمڻوَاِذْ قَالَ مُوْسٰى لِقَوْمِهِ اذْكُرُوْا نِعْمَةَ اللّٰهِ عَلَيْكُمْ اِذْ اَنْجٰىكُمْ مِّنْ اٰلِ فِرْعَوْنَ يَسُوْمُوْنَكُمْ سُوْۗءَ الْعَذَابِ وَيُذَبِّحُوْنَ اَبْنَاۗءَكُمْ وَيَسْتَحْيُوْنَ نِسَاۗءَكُمْ ۭ وَفِيْ ذٰلِكُمْ بَلَاۗءٌ مِّنْ رَّبِّكُمْ عَظِيْمٌ 6ۧ
۽ وري جڏهن موسى پنهنجي قوم کي (نصيحت ڪندي) چيو هيو ته: الله توهان تي جيڪي احسان ڪيا آهن، اهي نه وساريو. هن توهان کي فرعون جي خاندان (جي غلاميءَ)کان نجات ڏني (۽ الله جي پاران آزاديءَ جي عطا ڪيڏو نه وڏو احسان آهي!) فرعون جا ماڻهو توهان کي ڪيڏي نه سخت بُري عذاب ۾ جڪڙيل رکندا هئا- توهان جي پٽن کي ڪُهندا هئا (ته جيئن توهان جو ڳاڻيٽو وڌي نه سگهي) توهان جي نياڻين کي جيئرو ڇڏيندا هئا (ته جيئن فرعون جي آڪهه جون ٻانهيون بڻجي رهن) ڏسو! ان صورتحال ۾ توهان جي پالڻهار جي پاران توهان جي لاءِ ڪيڏو سخت امتحان هيو.
— عبدالمؤمن ميمڻوَاِذْ تَاَذَّنَ رَبُّكُمْ لَىِٕنْ شَكَرْتُمْ لَاَزِيْدَنَّكُمْ وَلَىِٕنْ كَفَرْتُمْ اِنَّ عَذَابِيْ لَشَدِيْدٌ 7
۽ (ڇا توهين اهو وقت وساري ڇڏيو؟) جڏهن توهان جي پالڻهار (پنهنجي ان قانون جو) اعلان ڪيو هيو ته: جيڪڏهن توهين شڪر ڪيو ته مان توهان کي اڃا به واڌاريون نعمتون بخشيندس ۽ جيڪڏهن توهين ناشڪري ڪئي ته (پوءِ ياد رکو!) منهنجو عذاب به نهايت سخت آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻوَقَالَ مُوْسٰٓى اِنْ تَكْفُرُوْٓا اَنْتُمْ وَمَنْ فِي الْاَرْضِ جَمِيْعًا ۙ فَاِنَّ اللّٰهَ لَغَنِيٌّ حَمِيْدٌ 8
۽ موسى چيو: جيڪڏهن توهين ۽ اهي سڀ انسان جيڪي روءِ زمين تي وسن ٿا- ناشڪري ڪندؤ ته (الله کي ان جي ڪهڙي پرواهه؟) الله ته بي نياز ۽ ساراهيل آهي (باقي محرومي ۽ بربادي ته نافرمانن کي ئي پلئه پوڻي آهي).
— عبدالمؤمن ميمڻاَلَمْ يَاْتِكُمْ نَبَؤُا الَّذِيْنَ مِنْ قَبْلِكُمْ قَوْمِ نُوْحٍ وَّعَادٍ وَّثَـمُوْدَ ټ وَالَّذِيْنَ مِنْۢ بَعْدِهِمْ ړ لَا يَعْلَمُهُمْ اِلَّا اللّٰهُ ۭ جَاۗءَتْهُمْ رُسُلُهُمْ بِالْبَيِّنٰتِ فَرَدُّوْٓا اَيْدِيَهُمْ فِيْٓ اَفْوَاهِهِمْ وَقَالُوْٓا اِنَّا كَفَرْنَا بِـمَآ اُرْسِلْتُمْ بِهٖ وَاِنَّا لَفِيْ شَكٍّ مِّـمَّا تَدْعُوْنَنَآ اِلَيْهِ مُرِيْبٍ 9
پوءِ ڇا توهان وٽ انهن ماڻهن جي خبر نه پهتي جيڪي توهان کان پهريان گذري چڪا آهن؟ يعني نوح جي قوم،- ثمود جي قوم ۽ اهي قومون جيڪي کانئن پوءِ آيون ۽ جن جو حال الله کي ئي معلوم آهي، انهن سمورين قومن وٽ انهن جا رسول، روشن دليلن سان آيا هئا پر ماڻهن سندن ڳالهيون رد ڪري ڇڏيون ( ۽ پيغام ٻڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيائون) هنن چيو: جيڪا ڳالهه توهين کڻي آيا آهيو اسان اها نه ٿا مڃئون ۽ جنهن ڳالهه ڏانهن توهين سڏيو ٿا، اسان کي ان تي يقين ڪونهي، اسين توهان جي پيغام بابت شڪ ۾ مبتلا آهيون.
— عبدالمؤمن ميمڻقَالَتْ رُسُلُهُمْ اَفِي اللّٰهِ شَكٌّ فَاطِرِ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ يَدْعُوْكُمْ لِيَغْفِرَ لَكُمْ مِّنْ ذُنُوْبِكُمْ وَيُؤَخِّرَكُمْ اِلٰٓى اَجَلٍ مُّسَمًّى ۭ قَالُوْٓا اِنْ اَنْتُمْ اِلَّا بَشَرٌ مِّثْلُنَا ۭ تُرِيْدُوْنَ اَنْ تَصُدُّوْنَا عَـمَّا كَانَ يَعْبُدُ اٰبَاۗؤُنَا فَاْتُوْنَا بِسُلْطٰنٍ مُّبِيْنٍ 10
سندن رسولن چيو: ڇا توهان کي الله جي باري ۾ شڪ آهي؟ اهو الله- جيڪو آسمانن ۽ زمين جو جوڙڻهار آهي. هو توهان کي سڏي رهيو آهي ته توهان جا گناهه بخشي ڇڏي ۽ توهان کي هڪ مقرر وقت تائين مهلتون ڏي، تنهن تي قومن چيو: توهين ته اسان وانگر ئي ماڻهو آهيو ۽ چاهيو ٿا ته جن معبودن کي اسان جا ابا ڏاڏا پوڄيندا آيا آهن، انهن جي پوڄا ڪرڻ کان اسان کي روڪي ڇڏيو. ها! (جيڪڏهن ائين ئي آهي) ته پوءِ ڪو واضح دليل کڻي اچو.
— عبدالمؤمن ميمڻقَالَتْ لَهُمْ رُسُلُهُمْ اِنْ نَّحْنُ اِلَّا بَشَرٌ مِّثْلُكُمْ وَلٰكِنَّ اللّٰهَ يَمُنُّ عَلٰي مَنْ يَّشَاۗءُ مِنْ عِبَادِهٖ ۭ وَمَا كَانَ لَنَآ اَنْ نَّاْتِيَكُمْ بِسُلْطٰنٍ اِلَّا بِاِذْنِ اللّٰهِ ۭ وَعَلَي اللّٰهِ فَلْيَتَوَكَّلِ الْمُؤْمِنُوْنَ 11
رسولن جواب ۾ کين چيو: ها! اسين بلڪل توهان وانگر ئي ماڻهو آهيون، پر الله جنهن بندي کي چاهيندو آهي پنهنجي فضل ۽ احسان لاءِ چونڊيندو آهي. ۽ اها ڳالهه اسان جي وس ۾ ڪانهي جو توهان کي الله جي حڪم کانسواءِ ڪو دليل آڻي ڏيکاريئون ۽ الله ئي آهي جنهن تي مؤمنن جو ڀروسو آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻوَمَا لَنَآ اَلَّا نَتَوَكَّلَ عَلَي اللّٰهِ وَقَدْ هَدٰىنَا سُبُلَنَا ۭ وَلَنَصْبِرَنَّ عَلٰي مَآ اٰذَيْتُمُوْنَا ۭ وَعَلَي اللّٰهِ فَلْيَتَوَكَّلِ الْمُتَوَكِّلُوْنَ ۧ12
۽ اسان کي ڇا ٿيو آهي جو الله تي ڀروسو نه ٿا ڪيئون؟ حالانڪه هن اسان جي (زندگي ۽ گذران جي) رستن ۾ اسان جي رهنمائي ڪئي آهي. اسين انهن ايذائن تي صبر ڪنداسين جيڪي توهين اسان کي ڏئي رهيا آهيو، بس الله ئي آهي جنهن تي ڀروسو ڪندڙن کي ڀروسو ڪرڻ گهرجي.
— عبدالمؤمن ميمڻوَقَالَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا لِرُسُلِهِمْ لَنُخْرِجَنَّكُمْ مِّنْ اَرْضِنَآ اَوْ لَتَعُوْدُنَّ فِيْ مِلَّتِنَا ۭ فَاَوْحٰٓى اِلَيْهِمْ رَبُّهُمْ لَنُهْلِكَنَّ الظّٰلِمِيْنَ ۙ13
۽ منڪرن پنهنجن رسولن کي چيو: اسين توهان کي بهرحال پنهنجي ڏيهه مان ضرور نيڪالي ڏينداسين يا توهين، اسان جي مذهب ۾ موٽي اچو. (جڏهن معاملو ايستائين پهچي چڪو) ته اسين رسولن تي وحي ڪئي ته: هاڻي اسين انهن ظالمن کي برباد ڪنداسين.
— عبدالمؤمن ميمڻوَلَنُسْكِنَنَّكُمُ الْاَرْضَ مِنْۢ بَعْدِهِمْ ۭ ذٰلِكَ لِمَنْ خَافَ مَقَامِيْ وَخَافَ وَعِيْدِ 14
۽ انهن کانپوءِ اسين توهان کي ان سرزمين ۾ ضرور جاءِ ڏينداسون. اهو انعام ان شخص جي لاءِ آهي جيڪو اسان جي (حڪومت ۽ عدالت جي) مقام ۽ واعدي کان ڊنو.
— عبدالمؤمن ميمڻوَاسْتَفْتَحُوْا وَخَابَ كُلُّ جَبَّارٍ عَنِيْدٍ ۙ15
مطلب ته پيغمبرن سوڀ ماڻي ۽ هر هٺيلو ۽ هوڏي (جنهن حق سان سينو ساهيو هيو، سو) برباد ٿي چڪو.
— عبدالمؤمن ميمڻمِّنْ وَّرَاۗىِٕهٖ جَهَنَّمُ وَيُسْقٰى مِنْ مَّاۗءٍ صَدِيْدٍ ۙ16
هر هٺيلي جي پٺيان دوزخ آهي (يعني دنيا جي ناڪاميءَ کان پوءِ آخرت جي ناڪامي پلئه پوڻي اٿس) اتي کيس رتُ ۽ پونءِ رتو پاڻي پياريو ويندو.
— عبدالمؤمن ميمڻيَّتَجَرَّعُهٗ وَلَا يَكَادُ يُسِيْغُهٗ وَيَاْتِيْهِ الْمَوْتُ مِنْ كُلِّ مَكَانٍ وَّمَا هُوَ بِمَيِّتٍ ۭ وَمِنْ وَّرَاۗىِٕهٖ عَذَابٌ غَلِيْظٌ 17
هو، ڍُڪ ڍڪ ڪري پيئندو پر ڳيت نه ڏئي سگهندو. هر پاسي کان مٿس موت هوندو پر مرندو ڪونه. سندس ڪڍ هڪ سخت عذاب آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻمَثَلُ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا بِرَبِّهِمْ اَعْمَالُهُمْ كَرَمَادِ ۨاشْـتَدَّتْ بِهِ الرِّيْحُ فِيْ يَوْمٍ عَاصِفٍ ۭ لَا يَقْدِرُوْنَ مِـمَّا كَسَبُوْا عَلٰي شَيْءٍ ۭ ذٰلِكَ هُوَ الضَّلٰلُ الْبَعِيْدُ 18
جن ماڻهن پنهنجي پالڻهار جو انڪار ڪيو ته انهن جي عملن جو مثال ايئن آهي جيئن ڇار جو ڍير! جنهنکي آنڌيءَ واري ڏينهن هوا، اڏايون وڃي. جيڪو ڪجهه انهن (پنهنجن عملن جي ذريعي) ڪمايو آهي، تنهن مان ڪجهه به کين پلئه ناهي پوڻو- اهائي نهايت گِهري گمراهي آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻاَلَمْ تَرَ اَنَّ اللّٰهَ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ بِالْـحَقِّ ۭ اِنْ يَّشَاْ يُذْهِبْكُمْ وَيَاْتِ بِخَلْقٍ جَدِيْدٍ ۙ19
ڇا توهين نه ٿا ڏسو ته الله، آسمانن ۽ زمين کي ڪنهن اجائي ڪم وانگر نه (بلڪه) هڪ منظم رٿابنديءَ تحت جوڙيو آهي. جيڪڏهن هو چاهي ته توهان سڀني کي هٽائي ڇڏي ۽ ٻي نئين کيپ آڻي ڇڏي-
— عبدالمؤمن ميمڻوَّمَا ذٰلِكَ عَلَي اللّٰهِ بِعَزِيْزٍ 20
ايئن ڪرڻ هن لاءِ بلڪل اڻائو ناهي.
— عبدالمؤمن ميمڻ