013 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 43 آيتون ۽ 6 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالمؤمن ميمڻ
الۗمّۗرٰ ۣ تِلْكَ اٰيٰتُ الْكِتٰبِ ۭ وَالَّذِيْٓ اُنْزِلَ اِلَيْكَ مِنْ رَّبِّكَ الْـحَقُّ وَلٰكِنَّ اَكْثَرَ النَّاسِ لَا يُؤْمِنُوْنَ 1
الف لام ميم را. (اي پيغمبر!) اهي الڪتاب- (يعني قرآن) جون آيتون آهن ۽ جيڪو ڪجهه تنهنجي پالڻهار جي پاران توتي نازل ٿيو آهي سو حق آهي. پر گهڻا ماڻهو (ان تي) ايمان نه ٿا آڻين.
— عبدالمؤمن ميمڻاَللّٰهُ الَّذِيْ رَفَعَ السَّمٰوٰتِ بِغَيْرِ عَمَدٍ تَرَوْنَهَا ثُـمَّ اسْتَوٰى عَلَي الْعَرْشِ وَسَـخَّرَ الشَّمْسَ وَالْقَمَرَ ۭ كُلٌّ يَّـجْرِيْ لِاَجَلٍ مُّسَمًّى ۭ يُدَبِّرُ الْاَمْرَ يُفَصِّلُ الْاٰيٰتِ لَعَلَّكُمْ بِلِقَاۗءِ رَبِّكُمْ تُوْقِنُوْنَ 2
اهو الله ئي آهي جنهن آسمانن کي بلند ڪيو ۽ توهين ڏسي رهيا آهيو ته ڪوئي ٿنڀ آسمانن کي جهلي ناهي بيٺو. پوءِ هو پنهنجي (حڪومت جي)تخت تي جلوه افروز ٿيو (يعني مخلوقات ۾ الله جا احڪامات جاري ٿي ويا) ۽ سج ۽ چنڊ کي ڪم سان لڳائي ڇڏيائين جو هر هڪ پنهنجي مقرر وقت تائين (پنهنجي پنهنجي دائري ۾) هلندو رهي. اهوئي (مخلوقات جي ان سموري ڪائنات جو) انتظام هلائي رهيو آهي ۽ (پنهنجي قدرت ۽ حڪمت جون) نشانيون نکيڙي نکيڙي بيان ڪندو آهي ته جيئن توهان کي يقين ٿي وڃي ته(هڪ ڏينهن) توهان کي پنهنجي پالڻهار سان ملڻو آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻوَهُوَ الَّذِيْ مَدَّ الْاَرْضَ وَجَعَلَ فِيْهَا رَوَاسِيَ وَاَنْهٰرًا ۭ وَمِنْ كُلِّ الثَّمَرٰتِ جَعَلَ فِيْهَا زَوْجَيْنِ اثْنَيْنِ يُغْشِي الَّيْلَ النَّهَارَ ۭ اِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَاٰيٰتٍ لِّقَوْمٍ يَّتَفَكَّرُوْنَ 3
۽ اهوئي آهي جنهن زمين جو مٿاڇرو ڦهلائي ڇڏيو، ان ۾ پهاڙ کوڙي ڇڏيائين، نهرون وهائي ڇڏيائين ۽ هر قسم جي ميون جا ٻه- ٻه قسم اپايائين. الله، رات ۽ ڏينهن (جي درجيوار ظاهر ٿيڻ) جو اهڙو قانون جوڙي ڇڏيو آهي جو ڏينهن جي روشنيءَ کي رات جي اونداهي ڍڪي ڇڏيندي آهي. يقيناً ان ڳالهه ۾ غور ڪندڙ قوم جي لاءِ ڪيتريون ئي نشانيون آهن.
— عبدالمؤمن ميمڻوَفِي الْاَرْضِ قِطَعٌ مُّتَجٰوِرٰتٌ وَّجَنّٰتٌ مِّنْ اَعْنَابٍ وَّزَرْعٌ وَّنَخِيْلٌ صِنْوَانٌ وَّغَيْرُ صِنْوَانٍ يُّسْقٰى بِـمَاۗءٍ وَّاحِدٍ ۣ وَنُفَضِّلُ بَعْضَهَا عَلٰي بَعْضٍ فِي الْاُكُلِ ۭ اِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَاٰيٰتٍ لِّقَوْمٍ يَّعْقِلُوْنَ 4
۽ زمين ۾ (قسمين قسمين) ٽڪرا آهن- هڪ ٻئي سان مليل- زمين ۾ انگور جا باغ به آهن، (اناج جون) پوکون به آهن، کجين جا وڻ به آهن- هڪ ٻئي جهڙا ۽ هڪ ٻئي کان مختلف. سڀ ساڳئي پاڻيءَ سان اُپجندا آهن- پر اسين هڪڙن ميون کي ٻين کان ذائقي ۾ وڌيڪ مزيدار بڻايو آهي. يقيناَ ان ڳالهه ۾ عقل وارن جي لاءِ وڏيون نشانيون آهن.
— عبدالمؤمن ميمڻوَاِنْ تَعْجَبْ فَعَجَبٌ قَوْلُهُمْ ءَاِذَا كُنَّا تُرٰبًا ءَاِنَّا لَفِيْ خَلْقٍ جَدِيْدٍ ڛ اُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا بِرَبِّهِمْ ۚ وَاُولٰۗىِٕكَ الْاَغْلٰلُ فِيْٓ اَعْنَاقِهِمْ ۚ وَاُولٰۗىِٕكَ اَصْـحٰبُ النَّارِ ۚ هُمْ فِيْهَا خٰلِدُوْنَ 5
۽ (اي مخاطب!) جيڪڏهن تون عجب جهڙي ڳالهه ڏسڻ چاهين ٿو ته (سڀ کان وڌيڪ) عجيب ڳالهه، انهن منڪرن جو اهو چوڻ آهي ته جڏهن اسين (مرڻ کانپوءِ ڳري-سڙي) مٽي ٿي چڪا هونداسون ته پوءِ ڇا اسين نئين سر خلقباسون؟ (اها ڳالهه سمجهه ۾ ته نه ٿي اچي!) تنهنڪري يقين ڪريو اهي ئي ماڻهو آهن جن جي ڳچين ۾ طوق هوندا ۽ اهي ئي دوزخي آهن-هميشه دوزخ ۾ رهندڙ.
— عبدالمؤمن ميمڻوَيَسْتَعْجِلُوْنَكَ بِالسَّيِّئَةِ قَبْلَ الْحَسَنَةِ وَقَدْ خَلَتْ مِنْ قَبْلِهِمُ الْمَثُلٰتُ ۭ وَاِنَّ رَبَّكَ لَذُوْ مَغْفِرَةٍ لِّلنَّاسِ عَلٰي ظُلْمِهِمْ ۚ وَاِنَّ رَبَّكَ لَشَدِيْدُ الْعِقَابِ 6
۽ (اي پيغمبر!) اهي توکان عذاب جي تڪڙي گهر ڪن ٿا- ڀلائيءَ جي گهُر کان اڳ اڳ! حالانڪه انهن کان پهريان اهڙا قصا ٿي چڪا آهن جيڪي (زماني ۾) ضَرْبُ الْمِثْلِ بڻجي چڪا آهن (پر اهي ماڻهو عبرت نه ٿا وٺن!) تنهنڪري بي شڪ! تنهنجو پالڻهار سزا ڏيڻ ۾ ڏاڍو سخت آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻوَيَقُوْلُ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا لَوْلَآ اُنْزِلَ عَلَيْهِ اٰيَةٌ مِّنْ رَّبِّهٖ ۭ اِنَّـمَآ اَنْتَ مُنْذِرٌ وَّلِكُلِّ قَوْمٍ هَادٍ 7ۧ
۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو آهي، اهي چون ٿا ته هن ماڻهوءَ تي سندس پالڻهار جي پاران ڪا نشاني ڇونه لاٿي وئي آهي؟ حالانڪه تون ته رڳو (انڪار ۽ بدڪرداريءَ جي نتيجن کان) خبردار ڪندڙ هڪ رهنما آهين ۽ هر قوم جي لاءِ هڪ رهنما ٿي گذريو آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻاَللّٰهُ يَعْلَمُ مَا تَحْمِلُ كُلُّ اُنْثٰى وَمَا تَغِيْضُ الْاَرْحَامُ وَمَا تَزْدَادُ ۭ وَكُلُّ شَيْءٍ عِنْدَهٗ بِمِقْدَارٍ 8
الله ڄاڻندو آهي ته هر ماديءَ جي پيٽ ۾ ڇا آهي؟- (يعني پيٽ ۾ نر آهي يا مادي!) ۽ ڪهڙي ڪارڻ پيٽ وڌجندا ۽ گهٽجندا آهن (يعني درجيوار، ماءُ جي پيٽ ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون تبديليون ٿينديون رهنديون آهن)، وٽس هر شيءِ بابت هڪ مقرر ڪيل اندازو آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻعٰلِمُ الْغَيْبِ وَالشَّهَادَةِ الْكَبِيْرُ الْمُتَعَالِ 9
هو ڳجهه ۽ ظاهر (يعني محسوس ۽ غير محسوس- ٻنهي) بابت ڄاڻڻهار آهي. سڀني کان وڏو، مٿانهون!
— عبدالمؤمن ميمڻسَوَاۗءٌ مِّنْكُمْ مَّنْ اَسَرَّ الْقَوْلَ وَمَنْ جَهَرَ بِهٖ وَمَنْ هُوَ مُسْتَخْفٍۢ بِالَّيْلِ وَسَارِبٌۢ بِالنَّهَارِ 10
توهان منجهان، ڪوئي ڳجهه ڳوهه ۾ ڪا ڳالهه ڪري يا بلند آواز سان ڪري، رات جي انڌيري ۾ لڪل هجي يا ڏينهن ڏٺي جو واٽهڙو هجي، سموريون حالتون الله وٽ هڪجهڙيون آهن(هن جي علم کان ڪائي ڳالهه مخفي ڪانهي).
— عبدالمؤمن ميمڻلَهٗ مُعَقِّبٰتٌ مِّنْۢ بَيْنِ يَدَيْهِ وَمِنْ خَلْفِهٖ يَحْفَظُوْنَهٗ مِنْ اَمْرِ اللّٰهِ ۭ اِنَّ اللّٰهَ لَا يُغَيِّرُ مَا بِقَوْمٍ حَتّٰى يُغَيِّرُوْا مَا بِاَنْفُسِهِمْ ۭ وَاِذَآ اَرَادَ اللّٰهُ بِقَوْمٍ سُوْۗءًا فَلَا مَرَدَّ لَهٗ ۚ وَمَا لَهُمْ مِّنْ دُوْنِهٖ مِنْ وَّالٍ 11
انسان جي اڳيان پويان هڪ ٻئي جي ڪڍ ايندڙ (قوتون) آهن جيڪي الله جي حڪم سان انسان جي حفاظت ڪنديون آهن. الله ڪڏهن به ان قوم جي حالت نه بدلائيندو آهي جيڪا کين مليل هوندي آهي جيستائين اها قوم پنهنجي حالت (۽ صلاحيت) پاڻ نه بدلائي- ۽ (وري) جڏهن الله چاهيندو آهي، ڪنهن قوم کي (پنهنجي صلاحيتن کي ناجائز استعمال ڪرڻ جي لوڙ ۾) مصيبت پهچي ته (مصيبت ضرور پهچندي آهي) اها ڪنهن جي ٽارڻ سان ٽرندي ناهي. ۽ الله کانسواءِ انهن جو ڪوئي ڌڻي سائين ڪونهي.
— عبدالمؤمن ميمڻهُوَ الَّذِيْ يُرِيْكُمُ الْبَرْقَ خَوْفًا وَّطَمَعًا وَّيُنْشِئُ السَّحَابَ الثِّقَالَ ۚ12
الله ئي آهي جيڪو توهان کي کنوڻ جا چمڪاٽ ڏيکاري ٿو-جيڪا دلين ۾ دهشت به پيدا ڪندي آهي ۽ اميد به! ۽ اهوئي آهي جيڪو ڪڪرن کي (پاڻيءَ سان ڀري) ڳورو ڪري ڇڏيندو آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻوَيُسَبِّحُ الرَّعْدُ بِحَمْدِهٖ وَالْمَلٰۗىِٕكَةُ مِنْ خِيْفَتِهٖ ۚ وَيُرْسِلُ الصَّوَاعِقَ فَيُصِيْبُ بِهَا مَنْ يَّشَاۗءُ وَهُمْ يُجَادِلُوْنَ فِي اللّٰهِ ۚ وَهُوَ شَدِيْدُ الْمِحَالِ ۭ13
۽ ڪڪرن جي گجگوڙ سندس واکاڻ ڪندي آهي ۽ فرشتا به ان جي دهشت سبب واکاڻ پيا ڪندا آهن. هو وڄون ڪيرائيندو آهي ۽ جنهن کي چاهيندو آهي، ان کي ان وڄ جي لپيٽ ۾ آڻيندو آهي. پر اهي نسورا ڪافر ئي، آهن جيڪي (الله جي قدرت ۽ حڪمت ۽ انهن سمورين نشانين کان اکيون ٻوٽيون ويٺا آهن) الله (جي هستي ۽ هيڪڙائيءَ) بابت جهيڙو ڪري رهيا آهن، حالانڪه الله پنهنجي قدرت ۾ نهايت سخت ۽ اٽل آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻلَهٗ دَعْوَةُ الْحَقِّ ۭ وَالَّذِيْنَ يَدْعُوْنَ مِنْ دُوْنِهٖ لَا يَسْتَجِيْبُوْنَ لَهُمْ بِشَيْءٍ اِلَّا كَبَاسِطِ كَفَّيْهِ اِلَى الْمَاۗءِ لِيَبْلُغَ فَاهُ وَمَا هُوَ بِبَالِغِهٖ ۭ وَمَا دُعَاۗءُ الْكٰفِرِيْنَ اِلَّا فِيْ ضَلٰلٍ 14
الله کي پڪارڻ- سچو پڪارڻ آهي-جيڪي ماڻهو کانئس علاوه ٻين کي پڪارين ٿا اهي پڪاريندڙن جو ڪجهه ناهن ٻڌندا. انهن جو مثال ائين آهي جيئن هڪڙو ماڻهو (اڃ جي شدت ۾) ٻَئي هٿ پاڻيءَ ڏانهن ڊگهيڙي ته بس (ائين ڪرڻ سان) پاڻي سندس وات تائين پهچي ويندو، حالانڪه (ان صورت ۾) پاڻي ان تائين ڪڏهن به پهچڻو ناهي ۽ (يقين ڪريو!) حق جي منڪرن جي پڪار نسوري گمراهيءَ کانسواءِ ڪجهه ڪونهي.
— عبدالمؤمن ميمڻوَلِلّٰهِ يَسْجُدُ مَنْ فِي السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ طَوْعًا وَّكَرْهًا وَّظِلٰلُهُمْ بِالْغُدُوِّ وَالْاٰصَالِ 15۞
۽ آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪو ڪجهه به آهي سو الله جي آڏو ئي سربسجود آهي (يعني هر شيءِ کي الله جي حڪمن ۽ قانونن جي مطابق هلڻ کانسواءِ ڪوئي چارو ڪونهي) خوشيءَ سان جهڪي يا لاچاريءَ سان! ۽ انهن ڌرتيءَ تي موجود شين جا پاڇولا به صبح شام سجدو ڪندا آهن ۽ (ڪيئن نه پيا) گهٽجندا ۽ وڌجندا ۽ ڪڏهن هيڏانهن ته ڪڏهن هوڏانهن پيا ٿيندا رهندا آهن. )
— عبدالمؤمن ميمڻقُلْ مَنْ رَّبُّ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ قُلِ اللّٰهُ ۭ قُلْ اَفَاتَّخَذْتُمْ مِّنْ دُوْنِهٖٓ اَوْلِيَاۗءَ لَا يَمْلِكُوْنَ لِاَنْفُسِهِمْ نَفْعًا وَّلَا ضَرًّا ۭ قُلْ هَلْ يَسْتَوِي الْاَعْـمٰى وَالْبَصِيْرُ ڏ اَمْ هَلْ تَسْتَوِي الظُّلُمٰتُ وَالنُّوْرُ ڬ اَمْ جَعَلُوْا لِلّٰهِ شُرَكَاۗءَ خَلَقُوْا كَخَلْقِهٖ فَتَشَابَهَ الْخَلْقُ عَلَيْهِمْ ۭ قُلِ اللّٰهُ خَالِقُ كُلِّ شَيْءٍ وَّهُوَ الْوَاحِدُ الْقَهَّارُ 16
(اي پيغمبر! انهن ماڻهن کان) پڇ ته آسمانن ۽ زمين جو پالڻهار ڪير آهي؟ تون چئه: الله آهي. (ان کانسواءِ ڪوئي معبود ڪونهي) وري کين چئه: جڏهن اهوئي پالڻهار آهي ته پوءِ توهين کانئس علاوه ٻين کي پنهنجو ڌڻي ڇو بڻايون ويٺا آهيو-جيڪي خود پنهنجي جانين جي نفعي نقصان تي به وس نه ٿا رکن؟ (پڻ کين) چئه: ڇا انڌو ۽ سڄو ٻئي برابر آهن؟ يا ائين ٿي سگهي ٿو ته اوندهه ۽ سوجهرو برابر هجن؟ يا ڀلا انهن جي بڻايل شريڪن به اهڙي مخلوقات خلقي آهي، جهڙي الله خلقي آهي جنهن ڪري تخليق جو معاملو مٿن گاڏڙ- ساڏڙ ٿي پيو! تون کين چئه: الله ئي آهي، جيڪو هر شيءِ جو جوڙڻهار آهي ۽ اهو (پنهنجين سمورين ڳالهين ۾) اڪيلو آهي، سڀ تي غلبو رکندڙ.
— عبدالمؤمن ميمڻاَنْزَلَ مِنَ السَّمَاۗءِ مَاۗءً فَسَالَتْ اَوْدِيَةٌۢ بِقَدَرِهَا فَاحْتَمَلَ السَّيْلُ زَبَدًا رَّابِيًا ۭ وَمِـمَّا يُوْقِدُوْنَ عَلَيْهِ فِي النَّارِ ابْتِغَاۗءَ حِلْيَةٍ اَوْ مَتَاعٍ زَبَدٌ مِّثْلُهٗ ۭ كَذٰلِكَ يَضْرِبُ اللّٰهُ الْـحَقَّ وَالْبَاطِلَ ڛ فَاَمَّا الزَّبَدُ فَيَذْهَبُ جُفَاۗءً ۚ وَاَمَّا مَا يَنْفَعُ النَّاسَ فَيَمْكُثُ فِي الْاَرْضِ ۭ كَذٰلِكَ يَضْرِبُ اللّٰهُ الْاَمْثَالَ ۭ17
هُن آسمان مان پاڻي وسايو ته پنهنجي گنجائش جي مطابق واديون وهي هليون ۽ ميراڻ جي ڪري گَجِ ٺهي پاڻيءَ جي سطح تي اڀري ته وهڪري جي ڇَرَ ان کي وهائي هلي. ۽ اهڙي گج (ڪچري مان) تڏهن به نڪرندي آهي جڏهن ماڻهو، زيور يا ڪا ٻي شيءِ ٺاهڻ لاءِ ڪچري کي (ڌاتن جي) باهه ۾ رجائيندا آهن. حق ۽ باطل جو مثال جيڪو الله بيان ڪري ٿو سو به ائين ئي سمجهو! پوءِ ڪچري جي گج (جيڪا ڪنهن ڪم جي ڪانه هئي سا) ضايع ٿي وڃي ٿي ۽ جنهن شيءِ ۾ ماڻهن جي لاءِ فائدو هوندو آهي، سا زمين ۾ باقي رهندي آهي، اهڙيءَ طرح الله (ماڻهن کي سمجهائڻ واسطي) مثال بيان ڪندو آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻلِلَّذِيْنَ اسْتَجَابُوْا لِرَبِّهِمُ الْحُسْنٰى ڼ وَالَّذِيْنَ لَمْ يَسْتَجِيْبُوْا لَهٗ لَوْ اَنَّ لَهُمْ مَّا فِي الْاَرْضِ جَمِيْعًا وَّمِثْلَهٗ مَعَهٗ لَافْتَدَوْا بِهٖ ۭ اُولٰۗىِٕكَ لَهُمْ سُوْۗءُ الْـحِسَابِ ڏ وَمَاْوٰىهُمْ جَهَنَّمُ ۭ وَبِئْسَ الْمِهَادُ ۧ18
جن ماڻهن پنهنجي پالڻهار جو حڪم قبول ڪيو، تن لاءِ رڳو ڀلائي ئي ڀلائي آهي، جن قبول نه ڪيو (انهن جا سمورا عمل چٽ ٿي ويندا، اهي تباهي ۽ برباديءَ کان ڪنهن به صورت ۾ بچي نه سگهندا) جيڪڏهن روءِ زمين جي سموري مايا کين هٿ لڳي ۽ اها ٻيڻي ڪري ڇڏجي ته اهي ماڻهو اها ضرور بدلي ۾ ڏين (ته من کين نامرادي ۽ ناڪاميءَ جي عذاب مان نجات ملي پوي- پر نجات کين ملڻي ئي ناهي) انهن ماڻهن جي لاءِ اڻائو حساب آهي ۽ سندن ٽڪاڻو جهنم آهي ۽ (جنهن جو ٽڪاڻو جهنم هجي ته) جهنم ڪيڏو ته بڇڙو ٽڪاڻو آهي!
— عبدالمؤمن ميمڻاَفَـمَنْ يَّعْلَمُ اَنَّـمَآ اُنْزِلَ اِلَيْكَ مِنْ رَّبِّكَ الْـحَقُّ كَمَنْ هُوَ اَعْمٰى ۭ اِنَّـمَا يَتَذَكَّرُ اُولُوا الْاَلْبَابِ ۙ19
(اي پيغمبر!) جنهن اها ڳالهه ڄاڻي ورتي آهي ته جيڪا ڳالهه تنهنجي پالڻهار جي پاران توتي نازل ٿي آهي، سا حق آهي ۽ جيڪو (اهڙي حقيقت جي مشاهدي کان) انڌو آهي ڇا اهي ٻئي ماڻهو برابر ٿي سگهن ٿا؟! حقيقت اها آهي ته (اهي ڳالهيون) اهي ئي ماڻهو سمجهي سگهن ٿا، جيڪي ڏاها آهن.
— عبدالمؤمن ميمڻالَّذِيْنَ يُوْفُوْنَ بِعَهْدِ اللّٰهِ وَلَا يَنْقُضُوْنَ الْمِيْثَاقَ ۙ20
اهي اُهي ماڻهو آهن جيڪي الله سان پنهنجو (عبديت وارو) واعدو پاڙن ٿا، پنهنجو قول قرار ٽوڙن نه ٿا.
— عبدالمؤمن ميمڻ