012 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 111 آيتون ۽ 12 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالمؤمن ميمڻ
الۗرٰ ۣ تِلْكَ اٰيٰتُ الْكِتٰبِ الْمُبِيْنِ 1ۣ
الف لام را. اهي آيتون آهن روشن ۽ واضح ڪتاب جون.
— عبدالمؤمن ميمڻاِنَّآ اَنْزَلْنٰهُ قُرْءٰنًا عَرَبِيًّا لَّعَلَّكُمْ تَعْقِلُوْنَ 2
ان ڪتاب کي اسين عربي قرآن جي صورت ۾ نازل ڪيو ته جيئن توهين سمجهي سگهو.
— عبدالمؤمن ميمڻنَـحْنُ نَقُصُّ عَلَيْكَ اَحْسَنَ الْقَصَصِ بِـمَآ اَوْحَيْنَآ اِلَيْكَ ھٰذَا الْقُرْاٰنَ ڰ وَاِنْ كُنْتَ مِنْ قَبْلِهٖ لَمِنَ الْغٰفِلِيْنَ 3
(اي پيغمبر!) هي قرآن وحي ڪري، اسين توکي بهتر کان بهتر طريقن سان (گذريل داستان ٻڌايون ٿا) ۽ يقيناَ قرآن جي نازل ٿيڻ کان اڳ تون به انهن ئي ماڻهن منجهان هئين جيڪي (انهن داستانن کان) بي خبر هئا.
— عبدالمؤمن ميمڻاِذْ قَالَ يُوْسُفُ لِاَبِيْهِ يٰٓاَبَتِ اِنِّىْ رَاَيْتُ اَحَدَ عَشَرَ كَوْكَبًا وَّالشَّمْسَ وَالْقَمَرَ رَاَيْتُهُمْ لِيْ سٰجِدِيْنَ 4
جڏهن يوسف پنهنجي پيءُ کي چيو: اي منهنجا بابا! مون (خواب ۾) ڏٺو ته يارهن ستارا آهن ۽ سج ۽ چنڊ! (۽) ڏٺم ته (اهي) سڀ مون کي سجدو ڪري رهيا آهن.
— عبدالمؤمن ميمڻقَالَ يٰبُنَيَّ لَا تَقْصُصْ رُءْيَاكَ عَلٰٓي اِخْوَتِكَ فَيَكِيْدُوْا لَكَ كَيْدًا ۭ اِنَّ الشَّيْطٰنَ لِلْاِنْسَانِ عَدُوٌّ مُّبِيْنٌ 5
(پيءُ) چيو: اي منهنجا پٽ ! پنهنجو اهو خواب ڀائرن سان بيان نه ڪجانءِ نه ته هو تنهنجي خلاف ڪا شرارت رِٿي وٺندا. بي شڪ! شيطان انسان جو پڌرو دشمن آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻوَكَذٰلِكَ يَجْتَبِيْكَ رَبُّكَ وَيُعَلِّمُكَ مِنْ تَاْوِيْلِ الْاَحَادِيْثِ وَيُـــتِمُّ نِعْمَتَهٗ عَلَيْكَ وَعَلٰٓي اٰلِ يَعْقُوْبَ كَـمَآ اَتَمَّــهَا عَلٰٓي اَبَوَيْكَ مِنْ قَبْلُ اِبْرٰهِيْمَ وَاِسْـحٰقَ ۭ اِنَّ رَبَّكَ عَلِيْمٌ حَكِيْمٌ 6ۧ
۽ (اي منهنجا پٽ ! جيئن تو ڏٺو آهي ته يارهن ستارا ۽ سج ۽ چنڊ تنهنجي آڏو جهڪيا آهن ته) اهڙيءَ طرح تنهنجو پالڻهار، توکي (نبوت لاءِ) چونڊڻ وارو آهي ۽ توکي خوابن جو تعبير (به) سيکاريندو. پڻ، جيئن هو پهريان تنهنجن وڏن- ابراهيم ۽ اسحاق تي پنهنجي نعمت پوري ڪري چڪو آهي تيئن هاڻي توتي ۽ يعقوب جي گهراڻي تي به پنهنجي نعمت پوري ڪندو. بي شڪ! تنهنجو پالڻهار (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ (۽ پنهنجن سمورن ڪمن ۾) حڪمت ڀريو آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻلَقَدْ كَانَ فِيْ يُوْسُفَ وَاِخْوَتِهٖٓ اٰيٰتٌ لِّلسَّاۗىِٕلِيْنَ 7
جيڪي ماڻهو (حقيقت بابت) پڇندڙ آهن (جيڪڏن اهي سمجهن ته) انهن جي لاءِ يوسف۽ ان جي ڀائرن جي داستان ۾ (نصيحت ۽ عبرت جون) وڏيون نشانيون آهن!
— عبدالمؤمن ميمڻاِذْ قَالُوْا لَيُوْسُفُ وَاَخُوْهُ اَحَبُّ اِلٰٓي اَبِيْنَا مِنَّا وَنَـحْنُ عُصْبَةٌ ۭ اِنَّ اَبَانَا لَفِيْ ضَلٰلٍ مُّبِيْنِ ښ 8
۽ جڏهن (يوسف جا ويڳا ڀائر پاڻ ۾) چوڻ لڳا ته: اسان جي پيءُ کي يوسف ۽ سندس ڀاءُ (بن يامين) اسان سمورن ڀائرن کان وڌيڪ پيارا آهن حالانڪه اسين ڀائر (پاڻ ۾) هڪ پورو ٽولو آهيون (يعني اسان جو تعداد وڏو آهي) يقيناَ اسان جو پيءُ نسوري غلطيءَ تي آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻۨاقْــتُلُوْا يُوْسُفَ اَوِ اطْرَحُوْهُ اَرْضًا يَّخْلُ لَكُمْ وَجْهُ اَبِيْكُمْ وَتَكُوْنُوْا مِنْۢ بَعْدِهٖ قَوْمًا صٰلِحِيْنَ 9
(تنهنڪري بهتر اهو آهي ته) يوسف کي پورو ڪري ڇڏيئون! يا کيس ڪنهن هنڌ اڇلي اچئون ته جيئن اسان جي پيءُ جو توجهه اسان ڏانهن ئي رهي ۽ يوسف جي نڪري وڃڻ کانپوءِ اسان جا سڀ ڪم سولا ٿي پون.
— عبدالمؤمن ميمڻقَالَ قَاۗىِٕلٌ مِّنْهُمْ لَا تَـقْتُلُوْا يُوْسُفَ وَاَلْقُوْهُ فِيْ غَيٰبَتِ الْجُبِّ يَلْتَقِطْهُ بَعْضُ السَّـيَّارَةِ اِنْ كُنْتُمْ فٰعِلِيْنَ 10
انهن منجهان هڪ چوندڙ چيو: يوسف کي پورو نه ڪريو. جيڪڏهن توهان کي ڪجهه ڪرڻو ئي آهي ته کيس ڪنهن اونداهي کوهه ۾ اڇليو، (جتان لنگهندڙ قافلن منجهان) ڪو قافلو (مٿس گذرندو ۽) کيس (کوهه مان) ڪڍي وٺندو.
— عبدالمؤمن ميمڻقَالُوْا يٰٓاَبَانَا مَالَكَ لَا تَاْمَنَّا عَلٰي يُوْسُفَ وَاِنَّا لَهٗ لَنٰصِحُوْنَ 11
(آخرڪار سڀ گڏجي پيءُ وٽ آيا ۽) چيائونس: اي اسان جا پيءُ! تون ڇو نه ٿو يوسف بابت اسان تي اعتبار ڪرين (۽ يوسف کي اسان سان کيس ڪيڏانهن هلڻ ڇو نه ٿو ڏئين؟) حالانڪه اسين ته ان جا دلي طور خير خواهه آهيون.
— عبدالمؤمن ميمڻاَرْسِلْهُ مَعَنَا غَدًا يَّرْتَعْ وَيَلْعَبْ وَاِنَّا لَهٗ لَحٰفِظُوْنَ 12
سڀاڻي اسان سان گڏ کيس (ميدان ڏانهن) هلڻ ڏجانءِ ته هو کائي پيئي ۽ اسان سان گڏ راند روند ڪري، اسين سندس حفاظت جا ذميوار آهيون.
— عبدالمؤمن ميمڻقَالَ اِنِّىْ لَيَحْزُنُنِيْٓ اَنْ تَذْهَبُوْا بِهٖ وَاَخَافُ اَنْ يَّاْكُلَهُ الذِّئْبُ وَاَنْتُمْ عَنْهُ غٰفِلُوْنَ 13
(پيءُ چيو:) اها ڳالهه مون کي ڳڻتيءَ ۾ ٿي وجهي ته توهين کيس پاڻ سان ورتيون وڃو ۽ مان خوفزده آهيان ته ڪٿي کيس ڪو بگهڙ نه کائي وجهي ۽ توهين کانئس غافل هجو.
— عبدالمؤمن ميمڻقَالُوْا لَىِٕنْ اَكَلَهُ الذِّئْبُ وَنَـحْنُ عُصْبَةٌ اِنَّآ اِذًا لَّخٰسِرُوْنَ 14
چيائون : ڀلا ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته بگهڙ، يوسف کي کائي وڃي جڏهن ته اسان جو هيڏو سارو ٽولو اتي موجود هجي! جيڪڏهن ائين ٿيو ته اسين چنڊا چئباسون.
— عبدالمؤمن ميمڻفَلَمَّا ذَهَبُوْا بِهٖ وَاَجْمَعُوْٓا اَنْ يَّجْعَلُوْهُ فِيْ غَيٰبَتِ الْجُبِّ ۚ وَاَوْحَيْنَآ اِلَيْهِ لَتُنَبِّئَنَّهُمْ بِاَمْرِهِمْ ھٰذَا وَهُمْ لَا يَشْعُرُوْنَ 15
پوءِ جڏهن ڀائر (پيءُ کان موڪل وٺي) يوسف کي ساڻ وٺي ويا ۽ سڀ ان تي متفق ٿيا ته يوسف کي اونداهي کوهه ۾ ٿا اڇليون (۽ ڪيائون به ائين ئي!-) ته اسين يوسف ڏانهن وحي ڪئي ته (يوسف! مايوس نه ٿيءُ) ضرور هڪ ڏينهن اهڙو ايندو، جڏهن تون سندن اهو وڙُ کين جتائيندين ۽ هو نه ٿا ڄاڻن (ته ڇا ٿيڻ وارو آهي!)
— عبدالمؤمن ميمڻوَجَاۗءُوْٓا اَبَاهُمْ عِشَاۗءً يَّبْكُوْنَ ۭ16
۽ يوسف جا ڀائر شام ويلي پنهنجي پيءُ وٽ روئيندا پٽيندا آيا.
— عبدالمؤمن ميمڻقَالُوْا يٰٓاَبَانَآ اِنَّا ذَهَبْنَا نَسْتَبِقُ وَتَرَكْنَا يُوْسُفَ عِنْدَ مَتَاعِنَا فَاَكَلَهُ الذِّئْبُ ۚ وَمَآ اَنْتَ بِـمُؤْمِنٍ لَّنَا وَلَوْ كُنَّا صٰدِقِيْنَ 17
چيائون: اي اسان جا پيءُ! اسين هڪ ٻئي سان ڊُڪَ پڄائيندي اڳتي نڪري وياسين ۽ يوسف کي پنهنجي سامان وٽ ڇڏيوسين پوءِ کيس بگهڙ کائي ويو ۽ تون اسان تي پَتِ به نه ڪندين ڀلي کڻي اسين ڪيترا به سچا هجئون.
— عبدالمؤمن ميمڻوَجَاۗءُوْ عَلٰي قَمِيْصِهٖ بِدَمٍ كَذِبٍ ۭ قَالَ بَلْ سَوَّلَتْ لَكُمْ اَنْفُسُكُمْ اَمْرًا ۭ فَصَبْرٌ جَمِيْلٌ ۭ وَاللّٰهُ الْمُسْتَعَانُ عَلٰي مَا تَصِفُوْنَ 18
۽ ڀائر، يوسف جي پهراڻ تي ڪوڙو رت لڳائي آيا هئا. پيءُ (اهو ڏسندي ئي) چيو ته: (مان نه ٿو مڃيان) بلڪه اهو ته هڪ ٺاهه آهي جيڪو توهان جي نفسن ٺاهي توهان کي سهڻو ڪري ڏيکاريو آهي (۽ توهان جي ليکي ته توهان پنهنجي ان مَڪر ۾ ڪامياب ويندؤ) . خير! (مون کي ته هاڻي صبر ئي ڪرڻو آهي ۽) صبر (به اهڙو جيڪو) سهڻو (هجي) ۽ توهين جيڪو ڪجهه بيان ڪيو ٿا، ان بابت الله کان ئي مدد گهرندس.
— عبدالمؤمن ميمڻوَجَاۗءَتْ سَيَّارَةٌ فَاَرْسَلُوْا وَارِدَهُمْ فَاَدْلٰى دَلْوَهٗ ۭ قَالَ يٰبُشْرٰي ھٰذَا غُلٰمٌ ۭ وَاَسَرُّوْهُ بِضَاعَةً ۭ وَاللّٰهُ عَلِيْمٌۢ بِـمَا يَعْمَلُوْنَ 19
۽ هڪ قافلي جو ان کوهه وٽان گذر ٿيو، (جنهن ۾ هنن يوسف کي اُڇليو هو) ۽ قافلي وارن پاڻي ڀريندڙ کوهه ڏانهن موڪليو پوءِ جيئن ئي هُن پنهنجو ڏول لٽڪايو (۽ اهو سمجهي ته پاڻيءَ سان ڀرجي ويو آهي-ڏول کي مٿي ڇڪيائين) ته (ڇا ٿا ٿو ڏسي ته هڪ سهڻو سيبتو ڇوڪرڙو جيئرو جاڳندو ڏول ۾ ويٺل آهي هُن) رڙ ڪئي: واهه واهه! هي ته هڪ ڇوڪرو آهي! ۽ (پوءِ) قافلي وارن ان کي پنهنجي تجارت جو سامان سمجهي لڪائي رکيو (ته متان ڪو ڇوڪر جو وارث نڪري پوي) ۽ هو جيڪو ڪجهه ڪري رهيا هئا-سو الله جي علم کان لڪل ڪونه هو.
— عبدالمؤمن ميمڻوَشَرَوْهُ بِثَمَنٍۢ بَخْسٍ دَرَاهِمَ مَعْدُوْدَةٍ ۚ وَكَانُوْا فِيْهِ مِنَ الزَّاهِدِيْنَ ۧ20
۽ (پوءِ) قافلي وارن يوسف کي صفا گهٽ اگهه ۾- جيڪي ڳڻپ ۾ ڳچ درهم هيا، (مصر جي بازار ۾) وڪڻي ڇڏيو ۽ قافلي وارا يوسف جي (وڏي اگهه وٺڻ جا) خواهشمند ڪونه هئا. (يعني کين ڇوڪر، مفت ۾ مليو هيو يا ٿورڙي اگهه تي مليو هو تنهنڪري وڏي اگهه جا خواهشمند نه هئا).
— عبدالمؤمن ميمڻ