114 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 6 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالمؤمن ميمڻ
قُلْ اَعُوْذُ بِرَبِّ النَّاسِ 1ۙ
(اي نبي!) تون چئه؛ مان انسانن جي رب جي پناهه ۾ ٿو اچان- (جيڪو زندگيءَ جا سمورا لقاوَ ميسر ڪري وٺي ٿو)
— عبدالمؤمن ميمڻمَلِكِ النَّاسِ 2ۙ
انسانن جي بادشاهه جي پناهه ۾ اچان ٿو- (جنهن جي ئي بندگي مناسب آهي)
— عبدالمؤمن ميمڻاِلٰهِ النَّاسِ 3ۙ
انسانن جي حقيقي معبود جي پناهه ۾ اچان ٿو! (جنهن جي حضور ۾ جذبا ۽ احساس نڇاور ڪجن ٿا)
— عبدالمؤمن ميمڻمِنْ شَرِّ الْوَسْوَاسِ ڏ الْخَنَّاسِ ۽ 4
ان وسوسا وجهندڙ- پٺتي هٽي ويندڙ جي شر کان (رب جي پناهه ۾ اچان ٿو)-
— عبدالمؤمن ميمڻالَّذِيْ يُوَسْوِسُ فِيْ صُدُوْرِ النَّاسِ 5ۙ
جيڪو (سازشون ڪري انيڪ ايجادات جي ذريعي) ماڻهن جي دلين ۾ وسوسا ٿو وجهي-
— عبدالمؤمن ميمڻمِنَ الْـجِنَّةِ وَالنَّاسِ 6ۧ
جيڪو خواه جنن (يعني ڳجهين ايجنسين) منجهان هجي يا انسانن منجهان (جيڪي انيڪ وردين ۾ ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪن ٿا)
— عبدالمؤمن ميمڻ