112 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 4 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالمؤمن ميمڻ
112:1
قُلْ هُوَ اللّٰهُ اَحَدٌ 1ۚ
(اي نبي!) چئه؛ الله جي ذات (مجموعي ڪمال صفات ۾ بس) اڪيلي ئي آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻ
112:2
اَللّٰهُ الصَّمَدُ 2ۚ
کيس ڪنهن جي محتاجي ڪانهي.
— عبدالمؤمن ميمڻ
112:3
لَمْ يَلِدْ ڏ وَلَمْ يُوْلَدْ 3ۙ
نه ڪي منجهانئس ڪو پيدا ٿيو ۽ نه ڪي هو، ڪنهن مان پيدا ٿيو (هن جي ذات وراءَ الوراءَ هڪ ٺوس حقيقت آهي)
— عبدالمؤمن ميمڻ
112:4
وَلَمْ يَكُنْ لَّهٗ كُفُوًا اَحَدٌ 4ۧ
نه ئي وري ڪا هستي ان جي برابر آهي! (جو ان سان ڀيٽي کيس پروڙي سگهجي، هن جي فقط معرفت ئي ماڻڻ ممڪن آهي)
— عبدالمؤمن ميمڻ