110 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 3 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالمؤمن ميمڻ
110:1
اِذَا جَاۗءَ نَصْرُ اللّٰهِ وَالْفَتْحُ 1ۙ
جڏهن خدا جي مدد اچي پهتي ۽ (حق ۽ صداقت جي) سوڀ ٿي.
— عبدالمؤمن ميمڻ
110:2
وَرَاَيْتَ النَّاسَ يَدْخُلُوْنَ فِيْ دِيْنِ اللّٰهِ اَفْوَاجًا 2ۙ
۽ توهين پنهنجين اکين سان ڏسي ورتو ته الله جي دين ۾ (آزاديءَ واري نظريي جي سچائي سبب) ماڻهو ٽولن جا ٽولا داخل ٿي رهيا آهن (جو دين جو اڳواڻ کين ماڻهو سمجهي ساڻن ٻاجهه واري هلت هلي ٿو)
— عبدالمؤمن ميمڻ
110:3
فَسَبِّحْ بِحَمْدِ رَبِّكَ وَاسْتَغْفِرْهُ ڼ اِنَّهٗ كَانَ تَوَّابًا 3ۧ
ته، هاڻي تون (سوڀارو ٿيڻ جي خوشيءَ ۾) پنهنجي پالڻهار جي ثنا ڪر ۽ کانئس بخشش گُهر- يقيناً هو وڏي ٻاجهه سان موٽندڙ آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻ