011 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 123 آيتون ۽ 10 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالمؤمن ميمڻ
الۗرٰ ۣ كِتٰبٌ اُحْكِمَتْ اٰيٰتُهٗ ثُـمَّ فُصِّلَتْ مِنْ لَّدُنْ حَكِيْمٍ خَبِيْرٍ 1ۙ
الف، لام ، را. هي ڪتاب آهي جنهن جون آيتون (پنهنجن مطلبن ۽ دليلن ۾) ٺوس آهن، جيڪي وري واضح ۽ چِٽيون ڪيون ويون آهن. اهو ڪتاب ان ذات جي طرفان آهي جيڪو حڪمت ڀريو ۽ سمورين ڳالهين جي ڄاڻ رکندڙ آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻاَلَّا تَعْبُدُوْٓا اِلَّا اللّٰهَ ۭ اِنَّنِيْ لَكُمْ مِّنْهُ نَذِيْرٌ وَّبَشِيْرٌ 2ۙ
(اِن جو اعلان آهي ته) الله کانسواءِ ڪنهن جي بندگي نه ڪريو. يقين ڪريو! مان ان جي پاران توهان کي خبردار ڪندڙ ۽ خوشخبري ڏيندڙ آهيان-
— عبدالمؤمن ميمڻوَّاَنِ اسْتَغْفِرُوْا رَبَّكُمْ ثُـمَّ تُوْبُوْٓا اِلَيْهِ يُمَتِّعْكُمْ مَّتَاعًا حَسَنًا اِلٰٓى اَجَلٍ مُّسَمًّى وَّيُؤْتِ كُلَّ ذِيْ فَضْلٍ فَضْلَهٗ ۭ وَاِنْ تَوَلَّوْا فَاِنِّىْٓ اَخَافُ عَلَيْكُمْ عَذَابَ يَوْمٍ كَبِيْرٍ 3
۽ پنهنجي پالڻهار کان معافيءَ جا طلبگار ٿيو ۽ ان ڏانهن موٽي پئو. (ايئن ڪندؤ ته) هو توهان کي هڪ مقرر وقت تائين زندگيءَ جي سامان مان سهڻي طريقي سان فائدا عطا ڪندو. ۽ هر عمل ڪرڻ واري کي ان جي ٻٽي ڪوشش جو ٻيڻو اجر به ڏيندو. جيڪڏهن توهين منهن مٽيو ته، مان ڊڄان ٿو ته ڪٿي توهان تي عذاب جو ڪو وڏو ڏينهن نه اچي ڪڙڪي.
— عبدالمؤمن ميمڻاِلَى اللّٰهِ مَرْجِعُكُمْ ۚ وَھُوَ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ 4
توهان سڀني کي الله ڏانهن موٽي هلڻو آهي ۽ ان جي قدرت کان ڪائي شيءِ ٻاهر ڪانهي.
— عبدالمؤمن ميمڻاَلَآ اِنَّھُمْ يَثْنُوْنَ صُدُوْرَھُمْ لِيَسْتَخْفُوْا مِنْهُ ۭ اَلَا حِيْنَ يَسْتَغْشُوْنَ ثِيَابَھُمْ ۙ يَعْلَمُ مَا يُسِرُّوْنَ وَمَا يُعْلِنُوْنَ ۚ اِنَّهٗ عَلِيْمٌۢ بِذَاتِ الصُّدُوْرِ 5
خبردار- اهي ماڻهو پنهنجن سينن کي ڪُنڊڙو ڪن ٿا ته الله کان لڪي وڃن (يعني پنهنجي دل جون ڳالهيون لڪائي ٿا رکن) پر ياد رک! (انسان جي ڪائي ڳالهه الله کان لڪل ڪانهي) اِهي جڏهن سمورا ڪپڙا پنهنجي مٿان وجهي ڇڏين ٿا تڏهن به لڪي نه ٿا سگهن. جيڪو لڪ ڇپ ۾ ڪن، يا سَرِعام ڪن- سڀ الله کي معلوم آهي. الله ته سينن جا راز به ڄاڻندڙ آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻوَمَا مِنْ دَاۗبَّةٍ فِي الْاَرْضِ اِلَّا عَلَي اللّٰهِ رِزْقُهَا وَيَعْلَمُ مُسْتَــقَرَّهَا وَمُسْـتَوْدَعَهَا ۭ كُلٌّ فِيْ كِتٰبٍ مُّبِيْنٍ 6
۽ زمين ۾ چُرندڙ (هر ساهدار) شيءِ جو رزق الله جي ذمي آهي ۽ الله ڄاڻي ٿو ته سندس ٺڪاڻو ۽ اها جاءِ ڪٿي آهي جنهن ۾ نيٺ ساهدار جو وجود حوالي ڪيو ويندو. اهو سڀ (الله جي) ڪتاب ۾ چٽو لکيل آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻوَهُوَ الَّذِيْ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ فِيْ سِتَّةِ اَيَّامٍ وَّكَانَ عَرْشُهٗ عَلَي الْمَاۗءِ لِيَبْلُوَكُمْ اَيُّكُمْ اَحْسَنُ عَمَلًا ۭ وَلَىِٕنْ قُلْتَ اِنَّكُمْ مَّبْعُوْثُوْنَ مِنْۢ بَعْدِ الْمَوْتِ لَيَقُوْلَنَّ الَّذِيْنَ كَفَرُوْٓا اِنْ ھٰذَآ اِلَّا سِحْــرٌ مُّبِيْنٌ 7
۽ الله ئي آهي جنهن آسمانن کي ۽ زمين کي ڇهن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو ۽ الله جي حڪمرانيءَ جي فرمانروائيءَ جو عرش پاڻيءَ تي هو ۽ توهان کي ان لاءِ پيدا ڪيائين ته توهان کي آزمائش ۾ وجهي ۽ ڏسي ته ڪير، عمل ۾ بهتر آهي. (اي پيغمبر!) جيڪڏهن تون انهن ماڻهن کي چوين ٿو ته توهين مرڻ کانپوءِ اٿاريا ويندؤ ته جيڪي ماڻهو منڪر آهن اهي چوڻ لڳن ٿا اهي ته نسوريون جادوءَ جهڙيون ڳالهيون آهن.
— عبدالمؤمن ميمڻوَلَىِٕنْ اَخَّرْنَا عَنْهُمُ الْعَذَابَ اِلٰٓى اُمَّةٍ مَّعْدُوْدَةٍ لَّيَقُوْلُنَّ مَا يَحْبِسُهٗ ۭ اَلَا يَوْمَ يَاْتِيْهِمْ لَيْسَ مَصْرُوْفًا عَنْهُمْ وَحَاقَ بِهِمْ مَّا كَانُوْا بِهٖ يَسْتَهْزِءُوْنَ 8ۧ
۽ جيڪڏهن مٿن عذاب جو نزول، هڪ مقرر وقت تائين، اسين پوئتي ڪري ڇڏيئون ٿا ته اهي چوڻ لڳن ٿا: ڪهڙي ڳالهه آهي، جيڪا عذاب روڪيون ويٺي آهي-تنهنڪري ٻڌي ڇڏيو! جنهن ڏينهن مٿن عذاب ايندو پوءِ ڪنهن جي ٽارڻ سان اهو نه ٽرندو ۽ جنهن ڳالهه جو، اهي مذاق اڏائيندا هئا اها ئي اچي کين وڪوڙيندي.
— عبدالمؤمن ميمڻوَلَىِٕنْ اَذَقْنَا الْاِنْسَانَ مِنَّا رَحْـمَةً ثُـمَّ نَزَعْنٰهَا مِنْهُ ۚ اِنَّهٗ لَيَـــُٔــوْسٌ كَفُوْرٌ 9
۽ جيڪڏهن انسان کي اسين پنهنجي پاران رحمت جو مزو چکائيندا آهيون (يعني کيس ڪا نعمت بخشيندا آهيون) ۽ پوءِ کانئس اها واپس وٺي ڇڏيندا آهيون ته (هو بلڪل به صبر ناهي ڪندو) امالڪ مايوس ۽ ناشڪرو ٿي پوندو آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻوَلَىِٕنْ اَذَقْنٰهُ نَعْمَاۗءَ بَعْدَ ضَرَّاۗءَ مَسَّتْهُ لَيَقُوْلَنَّ ذَهَبَ السَّـيِّاٰتُ عَنِّيْ ۭ اِنَّهٗ لَفَرِحٌ فَخُــوْرٌ 10
۽ جيڪڏهن کيس ڏک رسائيندا آهيون ۽ پوءِ (ستت ئي کيس) راحت رسائيندا آهيون ته پوءِ (امالڪ غافل ٿي پوندو آهي ۽) چوندو آهي ته: نحوستون ٽري چڪيون (هاڻي ڪهڙو الڪو؟!) حقيقت اها آهي ته انسان (ٿورڙي ڳالهه تي) خوش ٿي ويندڙ ۽ فخر ڪندڙ آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻاِلَّا الَّذِيْنَ صَبَرُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ ۭ اُولٰۗىِٕكَ لَهُمْ مَّغْفِرَةٌ وَّاَجْرٌ كَبِيْرٌ 11
ها، باقي! جيڪي صبر ڪندڙ آهن ۽ چڱن عملن جي واٽ تي هلن ٿا- ته انهن جو (سندن مزاج جي لاهن چاڙهن ۾) اهڙو حال ناهي ٿيندو. اهڙن ئي ماڻهن جي لاءِ بخشش ۽ وڏو اجر آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻفَلَعَلَّكَ تَارِكٌۢ بَعْضَ مَا يُوْحٰٓى اِلَيْكَ وَضَاۗىِٕقٌۢ بِهٖ صَدْرُكَ اَنْ يَّقُوْلُوْا لَوْلَآ اُنْزِلَ عَلَيْهِ كَنْزٌ اَوْ جَاۗءَ مَعَهٗ مَلَكٌ ۭ اِنَّـمَآ اَنْتَ نَذِيْرٌ ۭ وَاللّٰهُ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ وَّكِيْلٌ ۭ12
پوءِ ڇا تون پاڻ ڏانهن وحي ڪيل ڳالهين مان ڪجهه ڳالهين کي ان ڪري ڇڏي ڏيندين ته منڪرن جي ڳالهين جي ڪري توکي دل ۾ مونجهه ٿئي ٿي- ڇاڪاڻ جو هو چون ٿا ته: هن پيغمبر تي خزانو ڇو نه لاٿو ويو آهي يا هن سان گڏ فرشتا ڇو نه اماڻيا ويا آهن؟! (پر پيغمبر!) تون ته صرف پڌرو ڊيڄاريندڙ آهين ۽ الله هر شيءِ تي نگهبان آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻاَمْ يَقُوْلُوْنَ افْتَرٰىهُ ۭ قُلْ فَاْتُوْا بِعَشْرِ سُوَرٍ مِّثْلِهٖ مُفْتَرَيٰتٍ وَّادْعُوْا مَنِ اسْتَطَعْتُمْ مِّنْ دُوْنِ اللّٰهِ اِنْ كُنْتُمْ صٰدِقِيْنَ 13
بلڪه اهي ماڻهو ائين به چون ٿا ته: هن شخص، قرآن پنهنجي ليکي جوڙي ورتو آهي! (اي پيغمبر!) تون چئه: جيڪڏهن توهين ان دعوى ۾ سچا آهيو ته قرآن جهڙيون ڏهه سورتون جوڙي آڻي ڏيکاريو ۽ الله کانسواءِ جنهن کي (پنهنجي مدد لاءِ) پڪاري سگهو ٿا- پڪاريو.
— عبدالمؤمن ميمڻفَاِنْ لَّمْ يَسْتَجِيْبُوْا لَكُمْ فَاعْلَمُوْٓا اَنَّـمَآ اُنْزِلَ بِعِلْمِ اللّٰهِ وَاَنْ لَّآ اِلٰهَ اِلَّا هُوَ ۚ فَهَلْ اَنْتُمْ مُّسْلِمُوْنَ 14
پوءِ جيڪڏهن (توهان جا جوڙيل معبود) توهان جي پڪار جو جواب نه ڏين (۽ توهين پنهنجيءَ ڪوشش ۾ ڪامياب نه ٿيو) ته سمجهي ڇڏيو ته قرآن، الله جي ئي علم سان لٿو آهي ۽ اهو به سچ آهي ته الله کانسواءِ ڪوئي معبود ڪونهي- هاڻي ٻڌايو، ڇا توهين اها ڳالهه مڃيوٿا؟
— عبدالمؤمن ميمڻمَنْ كَانَ يُرِيْدُ الْحَيٰوةَ الدُّنْيَا وَزِيْنَتَهَا نُوَفِّ اِلَيْهِمْ اَعْـمَالَهُمْ فِيْهَا وَهُمْ فِيْهَا لَا يُبْخَسُوْنَ 15
جيڪو ماڻهو (رڳو) دنياوي زندگي ۽ ان جو ساز سامان ئي چاهي ٿو ته (اسان جو قائم ڪيل قانون اهو آهي ته) ان جي ڪوشش ۽ عمل جا نتيجا دنيا ۾ ئي پورا پورا ڏئي ڇڏيندا آهيون. دنيا ۾ ساڻس ڪا ڪمي نه ٿيندي آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻاُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ لَيْسَ لَهُمْ فِي الْاٰخِرَةِ اِلَّا النَّارُ ڮ وَحَبِطَ مَا صَنَعُوْا فِيْهَا وَبٰطِلٌ مَّا كَانُوْا يَعْمَلُوْنَ 16
پر (ياد رکو!) اهي اُهي ماڻهو آهن جن جي لاءِ آخرت (جي زندگيءَ) ۾ (دوزخ جي) باهه کانسواءِ ڪجهه نه هوندو. جيڪو ڪجهه انهن هتي ٺاهيو آهي سو سڀ ناس ٿي ويندو ۽ جيڪو ڪجهه ڪندا رهن ٿا سو سڀ چَٽُ ٿي وڃڻو آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻاَفَـمَنْ كَانَ عَلٰي بَيِّنَةٍ مِّنْ رَّبِّهٖ وَيَتْلُوْهُ شَاهِدٌ مِّنْهُ وَمِنْ قَبْلِهٖ كِتٰبُ مُوْسٰٓى اِمَامًا وَّرَحْـمَةً ۭ اُولٰۗىِٕكَ يُؤْمِنُوْنَ بِهٖ ۭ وَمَنْ يَّكْفُرْ بِهٖ مِنَ الْاَحْزَابِ فَالنَّارُ مَوْعِدُهٗ ۚ فَلَا تَكُ فِيْ مِرْيَةٍ مِّنْهُ ۤ اِنَّهُ الْـحَقُّ مِنْ رَّبِّكَ وَلٰكِنَّ اَكْثَرَ النَّاسِ لَا يُؤْمِنُوْنَ 17
وري جيڪي ماڻهو، پنهنجي پالڻهار جي پاران هڪ روشن دليل رکن ٿا ۽ ان سان گڏوگڏ ڪو گواهه به سندس پاران اچي چڪو آهي: (يعني الله جي وحي!) ۽ ان کان اڳ موسى جو ڪتاب به امام ۽ رحمت بڻجي اچي چڪو آهي (۽ وحي جي تصديق ڪري رهيو آهي ته ڇا اهي ماڻهو انڪار ڪري سگهندا؟- نه بلڪه) اهي ماڻهو قرآن تي ايمان رکن ٿا ۽ (سماج جي مختلف) ٽولن منجهان جيڪو قرآن جو انڪاري ٿيو ته يقين ڪريو (دوزخ جي) باهه ئي انهن جو ٺڪاڻو آهي- جنهن باهه جو منڪرن سان واعدو ڪيو ويو آهي. تنهنڪري (اي پيغمبر!) تون، ان بابت ڪنهن قسم جي شڪ ۾ مبتلا نه ٿيءُ (يعني قرآن جي دعوت جي ڪاميابيءَ بابت ڪنهن به قسم جو شڪ نه ڪر) قرآن تنهنجي پالڻهار جي پاران بلڪل حق آهي، پر (اڪثر ڪري) گهڻا ماڻهو (سچائيءَ تي) ايمان نه رکندا آهن.
— عبدالمؤمن ميمڻوَمَنْ اَظْلَمُ مِـمَّنِ افْتَرٰي عَلَي اللّٰهِ كَذِبًا ۭ اُولٰۗىِٕكَ يُعْرَضُوْنَ عَلٰي رَبِّهِمْ وَيَقُوْلُ الْاَشْهَادُ هٰٓؤُلَاۗءِ الَّذِيْنَ كَذَبُوْا عَلٰي رَبِّهِمْ ۚ اَلَا لَعْنَةُ اللّٰهِ عَلَي الظّٰلِمِيْنَ ۙ18
۽ ان کان وڌيڪ ٻيو ڪير ٿو ظالم ٿي سگهي جيڪو الله تي بهتان هڻي؟ جيڪي ائين ڪن ٿا، سي پنهنجي پالڻهار جي حضور ۾ پيش ڪيا ويندا ۽ ان وقت، گواهه گواهي ڏيندا ته هي آهن، جن پنهنجي پالڻهار بابت ڪوڙ ڳالهايو-تنهنڪري ٻڌي ڇڏيو! اهڙن ظالمن تي الله جي لعنت آهي-
— عبدالمؤمن ميمڻالَّذِيْنَ يَصُدُّوْنَ عَنْ سَبِيْلِ اللّٰهِ وَيَبْغُوْنَهَا عِوَجًا ۭ وَهُمْ بِالْاٰخِرَةِ هُمْ كٰفِرُوْنَ 19
جيڪي الله جي واٽ کان ان جي بندن کي روڪين ٿا ۽ چاهين ٿا ته ان ۾ ڦِڏائي پيدا ڪن ۽ جيڪي آخرت جا به انڪاري آهن.
— عبدالمؤمن ميمڻاُولٰۗىِٕكَ لَمْ يَكُوْنُوْا مُعْجِزِيْنَ فِي الْاَرْضِ وَمَا كَانَ لَهُمْ مِّنْ دُوْنِ اللّٰهِ مِنْ اَوْلِيَاۗءَ ۘ يُضٰعَفُ لَهُمُ الْعَذَابُ ۭ مَا كَانُوْا يَسْتَطِيْعُوْنَ السَّمْعَ وَمَا كَانُوْا يُبْصِرُوْنَ 20
اهي ماڻهو نه ڪي زمين ۾ (الله کي) عاجز ڪري سگهندڙ آهن نه ڪي الله کانسواءِ سندن ڪي واهرو آهن. کين ٻيڻو عذاب ٿيندو(ڇاڪاڻ جو سندن سرڪشي ۽ هٺيلائپ اهڙي هئي جو) نه ڪي حق جي ڳالهه ٻڌي ٿي سگهيا، نه ڪي (حقيقت جي روشنيءَ تي) انهن جي نظر هئي.
— عبدالمؤمن ميمڻ