108 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 3 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالمؤمن ميمڻ
108:1
اِنَّآ اَعْطَيْنٰكَ الْكَوْثَرَ 1ۭ
(اي نبي!) اسين توکي خيرِ ڪثير (قرآن حڪيم) عطا فرمايو آهي!
— عبدالمؤمن ميمڻ
108:2
فَصَلِّ لِرَبِّكَ وَانْحَرْ 2ۭ
تنهنڪري تون (قرآني ڳالهين تي عمل ڪندي، يڪسو ٿيڻ خاطر) پنهنجي رب جي لاءِ نماز پڙهه ۽ (آزاد سماج اڏڻ لاءِ جيڪا به جنهن به حد تائين ڪرڻي پوئي، سا) قرباني ڪر.
— عبدالمؤمن ميمڻ
108:3
اِنَّ شَانِئَكَ هُوَ الْاَبْتَرُ 3
يقيناً تنهنجو بد خواهه (جيڪو تنهنجي آزاديءَ واري انساني تحريڪ جو دشمن آهي، سو هينئر ڀلي ڪيڏو به آسودو آهي، سو آخرڪار) بي نام و نشان ٿيڻو آهي !
— عبدالمؤمن ميمڻ