105 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 5 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالمؤمن ميمڻ
105:1
اَلَمْ تَرَ كَيْفَ فَعَلَ رَبُّكَ بِاَصْحٰبِ الْفِيْلِ 1ۭ
(اي پيغمبر!) ڇا تو نه ڏٺو ته تنهنجي پالڻهار ان هاٿين جي فوج سان ڪهڙي ڪار ڪئي؟ (جنهن هاٿين جو لشڪر وٺي مڪي تي ڪاهه ڪئي؟)
— عبدالمؤمن ميمڻ
105:2
اَلَمْ يَجْعَلْ كَيْدَهُمْ فِيْ تَضْلِيْلٍ 2ۙ
خدا، ان جا سمورا داوَ بيڪار ڪري نه ڇڏيا؟
— عبدالمؤمن ميمڻ
105:3
وَّاَرْسَلَ عَلَيْهِمْ طَيْرًا اَبَابِيْلَ 3ۙ
۽ مٿن ولرن جا ولر پکي موڪليائين (يعني توهان ڏٺو ته عذاب جي نحوستن جا ولر مٿن اماڻيائين؟ )
— عبدالمؤمن ميمڻ
105:4
تَرْمِيْهِمْ بِحِـجَارَةٍ مِّنْ سِجِّيْلٍ ۽ 4
جن انهن کي ڪڪريءَ جون پٿريون هنيون ٿي. (۽ ولرن کين سخت برباديءَ ۾ ڦاسائي ڇڏيو جيڪا انهن جو مقدر هئي!)
— عبدالمؤمن ميمڻ
105:5
فَجَــعَلَهُمْ كَعَصْفٍ مَّاْكُوْلٍ 5ۧ
پوءِ کين ڀيليل پوک مثل (برباد) ڪري ڇڏيائين.
— عبدالمؤمن ميمڻ