103 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 3 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالمؤمن ميمڻ
وَالْعَصْرِ 1ۙ
قسم آهي زماني جو (جيڪو انقلاب ۽ نواڻ جو دؤر آهي)-
— عبدالمؤمن ميمڻاِنَّ الْاِنْسَانَ لَفِيْ خُسْرٍ 2ۙ
(جيڪو مرحليوار پوئين دؤر کي ختم ڪري ٿو ۽ نئين دؤر جو بنياد رکي ٿو) ته (فطرت سان کونسندڙ) انــــــــسان جـــــــي لاءِ دنــــيا ۾ نقصــان ۽ بربـــــاديءَ کانسواءِ ڪجهه ڪونهي.
— عبدالمؤمن ميمڻاِلَّا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَتَوَاصَوْا بِالْـحَقِّ ڏ وَتَوَاصَوْا بِالصَّبْرِ 3ۧ
باقي (قدسي الصفات اندر جا اُجرا ۽ تعميري سوچ وارا ماڻهو-) جن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا. هڪ ٻئي کي حق جي وصيت ڪيائون- پڻ (سماج کي اَڏڻ جي واٽ تي هلندي مصيبتون اچڻ تي لُڏي وڃڻ ۽ هٿ پير سَهائي ويهي رهڻ بجاءِ ڄمي بيهندي) صبر ۽ استقامت جي به هڪ ٻئي کي تلقين ڪيائون (ته اهي بهرحال خساري کان بچندا رهندا).
— عبدالمؤمن ميمڻ