010 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 109 آيتون ۽ 11 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالمؤمن ميمڻ
الۗرٰ ۣ تِلْكَ اٰيٰتُ الْكِتٰبِ الْحَكِيْمِ 1
الف، لام، را، هي آيتون آهن ڪتاب حڪيم جون (يعني اهڙي ڪتاب جون جنهن جون سموريون ڳالهيون حڪمت ۽ ڏاهپ ڀريون آهن)
— عبدالمؤمن ميمڻاَكَانَ لِلنَّاسِ عَجَبًا اَنْ اَوْحَيْنَآ اِلٰى رَجُلٍ مِّنْھُمْ اَنْ اَنْذِرِ النَّاسَ وَبَشِّرِ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اَنَّ لَھُمْ قَدَمَ صِدْقٍ عِنْدَ رَبِّهِمْ ڼ قَالَ الْكٰفِرُوْنَ اِنَّ ھٰذَا لَسٰحِرٌ مُّبِيْنٌ 2
ڇا ماڻهن کي ان ڳالهه تي اچرج ٿيو ته انهن منجهان ئي هڪ ماڻهوءَ تي اسين وحي موڪلي آهي ته جيئن ماڻهن کي (انڪار ۽ بدڪرداريءَ جي نتيجن کان) خبردار ڪري ۽ ايمان وارن کي خوشخبري ڏئي ڇڏي ته پالڻهار جي حضور ۾ انهن جي لاءِ سٺو رتبو آهي. ڪافرن چيو: بي شڪ! هي شخص جادوگر آهي- چٽو پِٽو جادوگر.
— عبدالمؤمن ميمڻاِنَّ رَبَّكُمُ اللّٰهُ الَّذِيْ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ فِيْ سِتَّةِ اَيَّامٍ ثُـمَّ اسْتَوٰى عَلَي الْعَرْشِ يُدَبِّرُ الْاَمْرَ ۭ مَا مِنْ شَفِيْعٍ اِلَّا مِنْۢ بَعْدِ اِذْنِهٖ ۭ ذٰلِكُمُ اللّٰهُ رَبُّكُمْ فَاعْبُدُوْهُ ۭ اَفَلَا تَذَكَّرُوْنَ 3
(لوڪو!) توهان جو پالڻهار ته اهوئي الله آهي جنهن آسمانن ۽ زمين کي ڇهن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو (يعني ڇهن مقرر دؤرن ۾ پيدا ڪيائين) پوءِ پنهنجي حڪومت جي تخت ڏانهن متوجهه ٿيو. اهوئي مڙني ڪمن جو بندوبست ڪري رهيو آهي (يعني ڪائنات پيدا به ان ڪئي ۽ فرمان به ان جو هلندڙ آهي) ان جي حضور ۾ ڪوئي سفارشي ٿي نه ٿو سگهي سواءِ ان جي ته هو خود سفارش جي اجازت عنايت ڪري (۽ اجازت کانپوءِ ئي ڪو سفارش جي جرئت ڪندو) اهو آهي الله- توهان جو پالڻهار! تنهنڪري ان جي ئي بندگي ڪريو. ڇا توهين غور فڪر کان ڪم نه ٿا وٺو؟
— عبدالمؤمن ميمڻاِلَيْهِ مَرْجِعُكُمْ جَمِيْعًا ۭ وَعْدَ اللّٰهِ حَقًّا ۭ اِنَّهٗ يَبْدَؤُا الْـخَلْقَ ثُـمَّ يُعِيْدُهٗ لِيَجْزِيَ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ بِالْقِسْطِ ۭ وَالَّذِيْنَ كَفَرُوْا لَھُمْ شَرَابٌ مِّنْ حَمِيْمٍ وَّعَذَابٌ اَلِيْمٌۢ بِـمَا كَانُوْا يَكْفُرُوْنَ 4
توهان مڙني کي، آخرڪار ان ڏانهن ئي ورڻو آهي. اهو الله جو سچو واعدو آهي. اهوئي آهي جيڪو نئين سري سان تخليق جو عمل شروع ڪندو آهي ۽ وري ان کي دهرائيندو آهي (يعني مرڻ کانپوءِ هو ٻيهر زنده ڪندو) ته جيئن جن ماڻهن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، انهن کي انصاف سان بدلو ڏئي. باقي اهي ماڻهو- جن ڪفر جي واٽ ورتي ته انهن کي سندن ڪفر جي ڪري ٻڙڪندڙ پاڻي ۽ دردناڪ عذاب ملندو.
— عبدالمؤمن ميمڻھُوَ الَّذِيْ جَعَلَ الشَّمْسَ ضِيَاۗءً وَّالْقَمَرَ نُوْرًا وَّقَدَّرَهٗ مَنَازِلَ لِتَعْلَمُوْا عَدَدَ السِّـنِيْنَ وَالْحِسَابَ ۭ مَا خَلَقَ اللّٰهُ ذٰلِكَ اِلَّا بِالْـحَقِّ ۚ يُفَصِّلُ الْاٰيٰتِ لِقَوْمٍ يَّعْلَمُوْنَ 5
الله ئي آهي، جنهن سج کي چمڪندڙ ۽ چنڊ کي روشن ڪيو ۽ پوءِ چنڊ جي منزلن جو اندازو مقرر ڪيائين ته جيئن توهين سالن جي ڳڻپ ۽ حساب معلوم ڪري سگهو. الله، اهو سڀ ڪجهه حڪمت ۽ مصلحت سان جوڙيو آهي. ڄاڻو ماڻهن جي لاءِ، هو (پنهنجي قدرت ۽ حڪمت جا) دليل کولي کولي بيان ٿو ڪري.
— عبدالمؤمن ميمڻاِنَّ فِي اخْتِلَافِ الَّيْلِ وَالنَّهَارِ وَمَا خَلَقَ اللّٰهُ فِي السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ لَاٰيٰتٍ لِّقَوْمٍ يَّتَّقُوْنَ 6
بي شڪ ! ان ڳالهه ۾ ته - رات جي پويان ڏينهن ۽ ڏينهن جي پويان رات اچي ٿي، ۽ بي شڪ ! انهن سمورين شين ۾ جيڪي الله، آسمانن ۾ ۽ زمين ۾ پيدا ڪيون آهن، متقي ماڻهن جي لاءِ (قدرت ۽ حڪمت جون) نشانيون آهن.
— عبدالمؤمن ميمڻاِنَّ الَّذِيْنَ لَا يَرْجُوْنَ لِقَاۗءَنَا وَرَضُوْا بِالْـحَيٰوةِ الدُّنْيَا وَاطْمَاَنُّوْا بِهَا وَالَّذِيْنَ ھُمْ عَنْ اٰيٰتِنَا غٰفِلُوْنَ 7ۙ
جيڪي ماڻهو مرڻ کانپوءِ اسان سان ملاقات جي اميد نه ٿا رکن، رڳو دنيا جي زندگيءَ ۾ ئي مگن آهن ۽ ان حالت تي مطمئن ٿي ويا آهن ۽ جيڪي ماڻهو اسان جي نشانين کان غافل آهن-
— عبدالمؤمن ميمڻاُولٰۗىِٕكَ مَاْوٰىھُمُ النَّارُ بِـمَا كَانُوْا يَكْسِبُوْنَ 8
ته اهڙا ئي ماڻهو آهن جن جو (آخري) ٺڪاڻو پنهنجن عملن جي ڪمائيءَ سبب دوزخ ٿيندو-
— عبدالمؤمن ميمڻاِنَّ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ يَهْدِيْهِمْ رَبُّھُمْ بِاِيْـمَانِهِمْ ۚ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهِمُ الْاَنْهٰرُ فِيْ جَنّٰتِ النَّعِيْمِ 9
وري جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا ته انهن جو پالڻهار انهن جي ايمان جي ڪري (مٿن ڪاميابي ۽ سعادت جي) واٽ کولي ڇڏيندو انهن جي (ٺڪاڻن) هيٺان نهرون وهي رهيون هونديون ۽ اهي الله جي نعمتن جي باغن ۾ هوندا.
— عبدالمؤمن ميمڻدَعْوٰىھُمْ فِيْهَا سُـبْحٰنَكَ اللّٰهُمَّ وَتَحِيَّتُھُمْ فِيْهَا سَلٰمٌ ۚ وَاٰخِرُ دَعْوٰىھُمْ اَنِ الْـحَمْدُ لِلّٰهِ رَبِّ الْعٰلَمِيْنَ ۧ١0
اتي انهن جي پڪار اها هوندي ته: يا الله! سموريون پاڪيزگيون توکي ئي سونهن ٿيون ۽ انهن جي دعا اها هوندي ته “سلامت هجو” ۽ دعائن جي پڄاڻي هوندي: ‘اَلحَمدُللهِ رَبِ العَالَمِينَ.’
— عبدالمؤمن ميمڻوَلَوْ يُعَجِّلُ اللّٰهُ لِلنَّاسِ الشَّرَّ اسْتِعْجَالَھُمْ بِالْخَيْرِ لَقُضِيَ اِلَيْهِمْ اَجَلُھُمْ ۭ فَنَذَرُ الَّذِيْنَ لَا يَرْجُوْنَ لِقَاۗءَنَا فِيْ طُغْيَانِهِمْ يَعْمَهُوْنَ 11
۽ انسان جهڙيءَ طرح فائدو حاصل ڪرڻ ۾ تڪڙو هوندو آهي، جيڪڏهن اهڙيءَ طرح الله کيس نقصان پهچائڻ ۾ تڪڙو هجي ها (يعني الله جي جزا جو قانون اهڙو هجي ها جو هر بڇڙائيءَ جو برو نتيجو فوري طور حرڪت ۾ اچي وڃي) ته انسان جو وقت ڪڏهو ڪو پورو ٿي چڪو هجي ها (پر جزا جي قانون جي مطابق هتي ڍر ڏني وئي آهي) تنهنڪري جيڪي ماڻهو (مرڻ کانپوءِ) اسان سان ملاقات جي توقع نه ٿا رکن اسين انهن کي سندن من مستين ۾ پريشان حال ڇڏي ڏيندا آهيون!
— عبدالمؤمن ميمڻوَاِذَا مَسَّ الْاِنْسَانَ الضُّرُّ دَعَانَا لِجَنْۢبِهٖٓ اَوْ قَاعِدًا اَوْ قَاۗىِٕمًا ۚ فَلَمَّا كَشَفْنَا عَنْهُ ضُرَّهٗ مَرَّ كَاَنْ لَّمْ يَدْعُنَآ اِلٰى ضُرٍّ مَّسَّهٗ ۭ كَذٰلِكَ زُيِّنَ لِلْمُسْرِفِيْنَ مَا كَانُوْا يَعْمَلُوْنَ 12
۽ جڏهن به انسان کي ڪو اهنج رسندو آهي (ته اهو ڀلي ڪهڙي به حال ۾ هجي) پاسيرو ستل هجي، ويٺل هجي، بيٺل هجي- اسان کي ئي پڪارڻ لڳندو آهي. پر جڏهن اسين ان جو اهنج ٽاري ڇڏيندا آهيون ته وري ساڳئي نموني (منهن ڦيرائي) هلڻ لڳندو آهي-جهڙوڪر اهنج ۽ ڏکيائيءَ ۾ اسان کي پڪاريو ئي نه هئائين. تنهنڪري جيڪي ماڻهو حد کان لنگهي چڪا آهن انهن جي نظرن ۾ سندن ڪرتوت سهڻا ڪري ڏيکاريا ويا آهن (جنهنڪري اصلاح جي بجاءِ رهندو گمراهه ٿيندا ويندا).
— عبدالمؤمن ميمڻوَلَقَدْ اَهْلَكْنَا الْقُرُوْنَ مِنْ قَبْلِكُمْ لَمَّا ظَلَمُوْا ۙ وَجَاۗءَتْھُمْ رُسُلُھُمْ بِالْبَيِّنٰتِ وَمَا كَانُوْا لِيُؤْمِنُوْا ۭ كَذٰلِكَ نَجْزِي الْقَوْمَ الْمُجْرِمِيْنَ 13
۽ توهان کان پهريان ڪيتريون ئي امتون گذري چڪيون آهن جن جڏهن ظلم جي واٽ ورتي ته اسين کين برباد ڪري ڇڏيو. انهن جا رسول، وٽن روشن دليلن سميت آيا هئا، تڏهن به ايمان نه آندائون. (تنهنڪري) ڏوهين کي اسين ايئن ئي سندن ڏوهن جو بدلو ڏيندا آهيون.
— عبدالمؤمن ميمڻثُـمَّ جَعَلْنٰكُمْ خَلٰۗىِٕفَ فِي الْاَرْضِ مِنْۢ بَعْدِهِمْ لِنَنْظُرَ كَيْفَ تَعْمَلُوْنَ 14
وري اسين انهن امتن کانپوءِ توهان کي سندن جانشين بڻايو ته جيئن ڏسئون ته توهان جا ڪهڙا لڇڻ آهن؟
— عبدالمؤمن ميمڻوَاِذَا تُتْلٰى عَلَيْهِمْ اٰيَاتُنَا بَيِّنٰتٍ ۙ قَالَ الَّذِيْنَ لَا يَرْجُوْنَ لِقَاۗءَنَا ائْتِ بِقُرْاٰنٍ غَيْرِ ھٰذَآ اَوْ بَدِّلْهُ ۭ قُلْ مَا يَكُوْنُ لِيْٓ اَنْ اُبَدِّلَهٗ مِنْ تِلْقَاۗئِ نَفْسِيْ ۚ اِنْ اَتَّبِعُ اِلَّا مَا يُوْحٰٓى اِلَيَّ ۚ اِنِّىْٓ اَخَافُ اِنْ عَصَيْتُ رَبِّيْ عَذَابَ يَوْمٍ عَظِيْمٍ 15
۽ (اي پيغمبر!) جڏهن تون اسان جون چٽيون آيتون کين پڙهي ٻڌائين ٿو ته جيڪي ماڻهو (مرڻ کانپوءِ) اسان سان ملڻ جي توقع نه ٿا رکن اهي چون ٿا ته هن قرآن کانسواءِ ڪو ٻيو قرآن آڻي ٻڌاءِ، يا ان (جي معنى ۽ مطلب) ۾ ردوبدل ڪر. تون چئه: منهنجي وس ۾ اها ڳالهه ئي ناهي جو مان پنهنجي مرضيءَ سان قرآن ۾ ردوبدل ڪريان. مان ته بس ان حڪم جو بندو آهيان جيڪو مون تي وحي ڪيو وڃي ٿو. مان ڊڄان ٿو ته جيڪڏهن پنهنجي پالڻهار جي حڪم جي نافرماني ڪيم ته عذاب جو هڪ تمام وڏو ڏينهن ضرور اچڻو آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻقُلْ لَّوْ شَاۗءَ اللّٰهُ مَا تَلَوْتُهٗ عَلَيْكُمْ وَلَآ اَدْرٰىكُمْ بِهٖ ڮ فَقَدْ لَبِثْتُ فِيْكُمْ عُمُرًا مِّنْ قَبْلِهٖ ۭ اَفَلَا تَعْقِلُوْنَ 16
تون چئه: جيڪڏهن الله چاهي ها ته مان، توهان کي قرآن ٻڌايان ئي نه ها ۽ توهان کي ان کان خبردار ئي نه ڪريان ها (پر الله جي مرضي اهائي آهي ته توهان وٽ ان جو ڪلام نازل ٿئي ۽ توهان کي دنيا جي سمورين قومن جي هدايت جو ذريعو بڻائي) اها حقيقت آهي ته مان ان معاملي (يعني وحي جي آغاز) کان پهريان توهان جي اندر هڪ عرصو به گذاري چڪو آهيان، ڇا توهين پوءِ به نه ٿا سمجهو؟
— عبدالمؤمن ميمڻفَـمَنْ اَظْلَمُ مِـمَّنِ افْتَرٰي عَلَي اللّٰهِ كَذِبًا اَوْ كَذَّبَ بِاٰيٰتِهٖ ۭ اِنَّهٗ لَا يُفْلِحُ الْمُجْرِمُوْنَ 17
ٻڌايو ته ان کان وڌيڪ ٻيو ڪير ٿو ظالم ٿي سگهي جيڪو الله تي بهتان مڙهي، ۽ ان ماڻهوءَ کان (وڌيڪ ٻيو ڪير ٿو ظالم ٿي سگهي) جيڪو الله جي سچين آيتن کي ڪوڙو چوي؟ يقيناَ ڏوهي ماڻهو ڪڏهن به ڪامياب ٿي نه ٿا سگهن.
— عبدالمؤمن ميمڻوَيَعْبُدُوْنَ مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ مَا لَا يَضُرُّھُمْ وَلَا يَنْفَعُھُمْ وَيَقُوْلُوْنَ هٰٓؤُلَاۗءِ شُفَعَاۗؤُنَا عِنْدَاللّٰهِ ۭ قُلْ اَتُنَبِّـــــُٔوْنَ اللّٰهَ بِـمَا لَا يَعْلَمُ فِي السَّمٰوٰتِ وَلَا فِي الْاَرْضِ ۭ سُـبْحٰنَهٗ وَتَعٰلٰى عَـمَّا يُشْرِكُوْنَ 18
۽ هي (مشرڪ) الله کانسواءِ اهڙين شين جي پوڄا ڪن ٿا جيڪي- نه ڪي کين نقصان پهچائي سگهن ٿيون نه ڪي ڪو فائدو. ۽ چون ٿا : (اسين ان ڪري ٿا انهن جي پوڄا ڪريون ته) اهي الله جي حضور ۾ اسان جون سفارشي آهن (اي پيغمبر!) تون چئه: ڇا توهين الله کي آسمانن ۽ زمين جون خبرون ڏيڻ ٿا چاهيو، جيڪي (توهان جي خيال موجب) کيس معلوم نه آهن؟! الله ته ماڻهن پاران ساڻس شريڪ بڻايل سمورن شريڪن کان پاڪ آهي.
— عبدالمؤمن ميمڻوَمَا كَانَ النَّاسُ اِلَّآ اُمَّةً وَّاحِدَةً فَاخْتَلَفُوْا ۭ وَلَوْلَا كَلِمَةٌ سَبَقَتْ مِنْ رَّبِّكَ لَقُضِيَ بَيْنَھُمْ فِيْـمَا فِيْهِ يَخْتَلِفُوْنَ 19
۽ شروعات ۾ ماڻهن جي هڪ ئي امت هئي پوءِ ماڻهو الڳ الڳ ٿي ويا. ۽ جيڪڏهن تنهنجي پالڻهار جي پاران اها ڳالهه طئه نه ڪئي وئي هجي ها- (ته: ماڻهو الڳ الڳ رستي تي هلندا ۽ اختلاف ۾ ماڻهن جي لاءِ عمل جي آزمائش هوندي-) ته جن ڳالهين ۾ ماڻهو اختلاف ڪن ٿا ان جو فيصلو ڪڏهو ڪو مُڪجي چڪو هجي ها!
— عبدالمؤمن ميمڻوَيَقُوْلُوْنَ لَوْلَآ اُنْزِلَ عَلَيْهِ اٰيَةٌ مِّنْ رَّبِّهٖ ۚ فَقُلْ اِنَّـمَا الْغَيْبُ لِلّٰهِ فَانْتَظِرُوْا ۚ اِنِّىْ مَعَكُمْ مِّنَ الْمُنْتَظِرِيْنَ ۧ20
۽ اهي ماڻهو چون ٿا ته: پيغمبرِ اسلام تي ان جي پالڻهار جي پاران ڪا نشاني ڇو نه ٿي لهي؟ ته (اي پيغمبر!) تون چئه: غيب جو علم ته صرف الله جي لاءِ ئي آهي. تنهنڪري انتظار ڪريو، مان به توهان سان گڏ انتظار ڪندڙ آهيان.
— عبدالمؤمن ميمڻ