قرآن مجيد

مُترجم: عبدالمؤمن ميمڻ

عبدالمؤمن ميمڻ



  • ڄمڻ جو ھنڌ: ھنڱورجا (خيرپور ميرس)
    بنيادي تعليم سندس والد گرامئ جي قائم ڪيل اداري؛ ”دارلعلوم المحمديہ، ھنڱورجا“ ۾ سندس والد گرامئ وٽ۔
    دورہ حديث ۽ قرآني علوم م تخصص (ڊاڪٽريٽ) جامعہ علوم اسلاميہ علامہ محمد يوسف بنوري ٽائون ڪراچئ مان۔
    سنڌي ۽ اردوء ۾ ويھارو ڪتابن جو مصنف۔
    ان کان علاوہ فارسي، عربي ۽ اردوءَ مان ويھارو کن ڪتابن جو ترجمو۔
    لکڻين جو موضوع: سمجايات، قومي آزادي، شخصيات ۽ فلسفو ۔
    سندس مشھور اردو ڪتابن ۾؛ ”اکابر مجرمين“ ، ”آئيڊيل عورت“، ”صبح انقلاب“، ”سيرت قبل از بعثت“، ”بغاوت تک“- (ناول)، ”قران آپ سے کيا چاہتا ہے“ ”گلشن بنوري کا ناياب پھول“ ( سندس والد صاحب جي سوانح بابت )شامل آھن۔
    سنڌئ م سندس مشھور ڪتاب:
      ھنڱورجا جو ھيرو
      ھڪ کاھوڙي ڪردار

  •  سنڌ جو بي تاج بادشاہ؛ حاجي امداد اللہ ڦلپوٽو
     آئيڊيل عورت
    عورت جي عظمت
    عورت جي آزادي

  •   اڄ جي عورت
     مسلمان عورت
    دين اسلام
    اسلامي روشن فڪري
     اجتماعي زندگي
    نماز جي حقيقت
    روزي جي حقيقت

  • حج جي حقيقت
    زڪواة جي حقيقت
    توحيد جي حقيقت
    مولانا عبيداللہ سنڌئ جو تاريخ بابت فلسفو
    مولانا ابولڪلام آزاد جون ذاتي ڳالھيون
    سلمي ڪِرامي ۽ خليل جبران جي پيار ڪھاڻي
    ۽ ٻيا کوڙ ڪتاب، مضمون، ڪالم ۽ خاڪا پڻ سندس قلمي پورھئي ۾ شال آھن۔
    پاڻ ، سنڌ ٽي وي نيوز تان ’حقيقت‘ نالي سؤ کن پروگرام پڻ ڪري چڪو آھي۔
    ھن۔ وقت مولانا عبيداللہ سنڌي جي قائم ڪيل پارٽي؛ ’سنڌ ساگر پارٽيءَ‘ جو منتخب چيئرمين پڻ آھي۔

     


قرآن المجيد جي ھن ترجمي بابت پاڻ لکن ٿا:


قرآن حڪيم جا سنڌي ترجما پهريان به منظرِعام تي کوڙ سارا موجود آهن، مون تقريبًا انهن سمورن ترجمن جو مطالعو ڪيو آهي. سچي ڳالهه اها آهي ته انهن ترجمن جي مطالعي جي برڪت سان منهنجي قرآن کي سمجهڻ واري اُڃ تهائين وڌندي رهي. قرآن فهميءَ جي مڪمل سيرابي ته هن مختصر زندگيءَ ۾ ممڪن ڪانهي پر ڪجهه قدر سيرابيءَ جي غرض سان امام الهند مولانا آزاد جي تتبع ۾ ‘مون هي پنهنجو چشمو پاڻ کوٽيو آهي.’
حديث شريف جي جڳ مشهور ڪتاب ”الصحيح المسلم“ جي مصنف امام مسلم نيشا پوريءَ پنهنجي ڪتاب: ”الصحيح المسلم“ جي مهاڳ ۾ هڪ ڳالهه ڏاڍي شاندار ڪئي آهي ته : ”مون جڏهن به ڪا تحرير لکي آهي ته ان جو پهريون مقصد پنهنجو اصلاح ڪرڻ هوندو آهي“.
منهنجي هن علمي جاکوڙ جو به اولين مقصد پنهنجو اصلاح ڪرڻ آهي پر ڇاڪاڻ ته قرآن حڪيم جي ترجمي جو هي چشمو عام شاهراهه تي کوٽيو ويو آهي، تنهن ڪري منهنجي دلي تمنا آهي ته منهنجي مسلمان قوم جا سمورا ماڻهو هن چشمي مان ضرور سُرڪ ڀرين، جنهن به ڀاءُ کي جيتري به سيرابي نصيب ٿيندي ته منهنجي روح کي راحت ميسر ٿيندي.
ترجمو ڪرڻ وقت، منهنجي مطالعي جي ميز تي اردو، سنڌي ۽ عربيءَ جا ڪيترائي ترجما ۽ تفسير موجود رهيا جن مان هر موڙ تي مون استفادي جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. منهنجي ترجمي جي طرز، اسلوب ۽ انداز امام الهند مولانا ابو الڪلام آزاد ؓ جي ترجمي: ’ترجمان القرآن‘جي مطابق آهي پر عربيءَ مان براهِ راست پنهنجي مادري ٻوليءَ ۾ قرآن حڪيم جي سنڌي معنيٰ جو لفظي خزانو منهنجي والدگرامي، منهنجي مُربي ۽ معلم : شيخ القرآن حضرت مولانا در محمد ميمڻ ؓ جي مرهونِ منت آهي.
مون تمام دلجمعيءَ سان ڪوشش ڪئي آهي ته سنڌي ترجمي ۾ پروفن جي غلطيءَ جي ڪا به گنجائش نه رهي، مون ترجمي جا پروف پنهنجن عالم سڳورن دوستن کان به پڙهايا آهن. ان جي باوجود جيڪڏهن ڪٿي ڪي غلطيون رهجي ويون آهن ته اهي غلطيون دراصل پروف جون غلطيون ليکبيون جن بابت پڙهندڙن پاران نشاندهي ڪرڻ جي مهربانيءَ تي ٻئي ڇاپي ۾ انهن جي درستگيءَ جو لازمي اهتمام ڪيو ويندو.