098 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 8 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
سنڌي قرآن
مُترجم: ڊاڪٽر عابد لغاري
لَمْ يَكُنِ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا مِنْ اَهْلِ الْكِتٰبِ وَالْمُشْرِكِيْنَ مُنْفَكِّيْنَ حَتّٰى تَاْتِيَهُمُ الْبَيِّنَةُ 1ۙ
نه هئا اهي جن ڪفر ڪيو اهلِ ڪتاب ۽ مشرڪن مان مڙڻ وارا، جيستائين انهن وٽ اچي ڪو روشن دليل
— ڊاڪٽر عابد لغاريرَسُوْلٌ مِّنَ اللّٰهِ يَتْلُوْا صُحُفًا مُّطَهَّرَةً 2ۙ
يعني رسول الله جو پڙهي ٻڌائي کين پاڪ صحيفا
— ڊاڪٽر عابد لغاريفِيْهَا كُتُبٌ قَيِّمَةٌ 3ۭ
جن ۾ لکيل هجن سنوان سڌا حڪم
— ڊاڪٽر عابد لغاريوَمَا تَفَرَّقَ الَّذِيْنَ اُوْتُوا الْكِتٰبَ اِلَّا مِنْۢ بَعْدِ مَا جَاۗءَتْهُمُ الْبَيِّنَةُ 4ۭ
۽ نه هئا فرقا انهن ماڻهن ۾ اهلِ ڪتاب مان، پر هن کان پوءِ جڏهن ته آيو انهن وٽ چٽو دليل
— ڊاڪٽر عابد لغاريوَمَآ اُمِرُوْٓا اِلَّا لِيَعْبُدُوا اللّٰهَ مُخْلِصِيْنَ لَهُ الدِّيْنَ ڏ حُنَفَاۗءَ وَيُقِيْمُوا الصَّلٰوةَ وَيُؤْتُوا الزَّكٰوةَ وَذٰلِكَ دِيْنُ الْقَيِّمَةِ 5ۭ
۽ نه حڪم ڪيو انهن کي ڪو ٻيو سواءِ ان جي ته بندگي ڪن الله جي بلڪه خالص ڪن پنهنجي دين کي، بلڪل هڪ مَنا ٿي وڃن ۽ قائم ڪن نماز ۽ ڏيندا رهن زڪواة ۽ اهو ئي دين صحيح ۽ درست آهي
— ڊاڪٽر عابد لغارياِنَّ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا مِنْ اَهْلِ الْكِتٰبِ وَالْمُشْرِكِيْنَ فِيْ نَارِ جَهَنَّمَ خٰلِدِيْنَ فِيْهَا ۭ اُولٰۗىِٕكَ هُمْ شَرُّ الْبَرِيَّةِ 6ۭ
بيشڪ جن ماڻهن ڪفر ڪيو آهي اهلِ ڪتاب ۽ مشرڪن مان، اهي دوزخ جي باهه ۾ (ضرور ويندا) هميشه ان ۾ رهندا، اهي ماڻهو بدترين مخلوق آهن
— ڊاڪٽر عابد لغارياِنَّ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ ۙ اُولٰۗىِٕكَ هُمْ خَيْرُ الْبَرِيَّةِ 7ۭ
بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ عمل نيڪ ڪيا، اهي ئي يقينًا بهترين مخلوق آهن
— ڊاڪٽر عابد لغاريجَزَاۗؤُهُمْ عِنْدَ رَبِّهِمْ جَنّٰتُ عَدْنٍ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ خٰلِدِيْنَ فِيْهَآ اَبَدًا ۭ رَضِيَ اللّٰهُ عَنْهُمْ وَرَضُوْا عَنْهُ ۭ ذٰلِكَ لِمَنْ خَشِيَ رَبَّهٗ 8ۧ
سندن بدلو سندن رب وٽ هميشه رهڻ وارا باغ آهن جن جي هيٺان نهرون وهي رهيون هونديون، هو هميشه ان ۾ رهندا، راضي ٿيو الله انهن کان ۽ راضي اهي ٿيا (الله) کان، اهو ان شخص لاءِ آهي جيڪو خوف رکي پنهنجي رب جو
— ڊاڪٽر عابد لغاري