090 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 20 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
سنڌي قرآن
مُترجم: ڊاڪٽر عابد لغاري
لَآ اُقْسِمُ بِهٰذَا الْبَلَدِ 1ۙ
نه، آئون قسم کڻان ٿو هن شهر (مڪي) جو
— ڊاڪٽر عابد لغاريوَاَنْتَ حِـۢلٌّ بِهٰذَا الْبَلَدِ 2ۙ
۽ تنهنجو حل هي آهي (اي نبي!) توکي حلال بڻايو ويو آهي هن شهر ۾
— ڊاڪٽر عابد لغاريوَوَالِدٍ وَّمَا وَلَدَ 3ۙ
۽ قسم آهي پيءُ آدم ۽ ان جي اولاد جو
— ڊاڪٽر عابد لغاريلَقَدْ خَلَقْنَا الْاِنْسَانَ فِيْ كَبَدٍ 4ۭ
بيشڪ پيدا ڪيوسين انسان کي مشقت ۾
— ڊاڪٽر عابد لغارياَيَحْسَبُ اَنْ لَّنْ يَّقْدِرَ عَلَيْهِ اَحَدٌ 5ۘ
ڇا هو سمجهي ٿو مٿس غالب نه ايندو ڪير به؟
— ڊاڪٽر عابد لغارييَقُوْلُ اَهْلَكْتُ مَالًا لُّبَدًا 6ۭ
چوي ٿو ته مون اُڏايا مال تمام گهڻا
— ڊاڪٽر عابد لغارياَيَحْسَبُ اَنْ لَّمْ يَرَهٗ ٓ اَحَدٌ 7ۭ
ڇا هو سمجهي ٿو ته ان کي ڏٺو ناهي ڪنهن به؟
— ڊاڪٽر عابد لغارياَلَمْ نَجْعَلْ لَّهٗ عَيْنَيْنِ 8ۙ
ڇا نه ڏنيون سين ان کي ٻه اکيون؟
— ڊاڪٽر عابد لغاريوَلِسَانًا وَّشَفَتَيْنِ 9ۙ
۽ هڪ زبان ۽ ٻه چپ ڏنا آهن؟
— ڊاڪٽر عابد لغاريوَهَدَيْنٰهُ النَّجْدَيْنِ ۚ10
۽ ڏيکارياسين ان کي (نه) ٻه رستا (نيڪي بديءَ جا)؟
— ڊاڪٽر عابد لغاريفَلَا اقْتَحَمَ الْعَقَبَةَ ڮ 11
پر (نه) لنگهيو اهو ڪنهن ڏکئي لڪ مان؟
— ڊاڪٽر عابد لغاريوَمَآ اَدْرٰىكَ مَا الْعَقَبَةُ ۭ12
۽ ڇا ڪهڙي خبر توکي ڇاهي اهو ڏکيو لڪ؟
— ڊاڪٽر عابد لغاريفَكُّ رَقَبَةٍ ۙ13
ڪنهن غلام کي آزاد ڪرائڻ
— ڊاڪٽر عابد لغارياَوْ اِطْعٰمٌ فِيْ يَوْمٍ ذِيْ مَسْغَبَةٍ ۙ14
يا کاڌو کارائڻ ان زماني ۾ جڏهن ڏڪار هجي
— ڊاڪٽر عابد لغارييَّـتِيْمًـا ذَا مَقْرَبَةٍ ۙ15
ڪنهن ڇوري ٻار کي جيڪو مائٽ هجي
— ڊاڪٽر عابد لغارياَوْ مِسْكِيْنًا ذَا مَتْرَبَةٍ ۭ16
يا ڪنهن غريب کي جيڪو مٽيءَ ۾ ڀڀوت هجي
— ڊاڪٽر عابد لغاريثُـمَّ كَانَ مِنَ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَتَوَاصَوْا بِالصَّبْرِ وَتَوَاصَوْا بِالْمَرْحَمَةِ ۭ17
پوءِ اهو هجي انهن مان جن ايمان آندو ۽ تلقين ڪئي صبر جي ۽ پارت ڪئي رحم ۽ ٻاجهه ڪرڻ جي
— ڊاڪٽر عابد لغارياُولٰۗىِٕكَ اَصْـحٰبُ الْمَيْمَنَةِ ۭ18
اهي ئي ماڻهو آهن ساڄي پاسي وارا
— ڊاڪٽر عابد لغاريوَالَّذِيْنَ كَفَرُوْا بِاٰيٰتِنَا هُمْ اَصْـحٰبُ الْمَشْــَٔــمَةِ ۭ19
۽ جن ماڻهن انڪار ڪيو اسان جي آيتن کي مڃڻ کان، اهي ماڻهو آهن کاٻي پاسي وارا
— ڊاڪٽر عابد لغاريعَلَيْهِمْ نَارٌ مُّؤْصَدَةٌ ۧ20
انهن تي باهه ڇانيل هوندي
— ڊاڪٽر عابد لغاري