070 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 44 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
سنڌي قرآن
مُترجم: ڊاڪٽر عابد لغاري
سَاَلَ سَاۗىِٕلٌۢ بِعَذَابٍ وَّاقِعٍ 1ۙ
گهرڻ واري گهريو عذاب (اهو) جيڪو ضرور واقع ٿيڻ وارو آهي
— ڊاڪٽر عابد لغاريلِّلْكٰفِرِيْنَ لَيْسَ لَهٗ دَافِعٌ 2ۙ
اهو ڪافرن لاءِ آهي ڪوبه ان کي ناهي ٽارڻ وارو
— ڊاڪٽر عابد لغاريمِّنَ اللّٰهِ ذِي الْمَعَارِجِ 3ۭ
طرفان ان خدا جي آهي جيڪو مالڪ آهي وڏن مرتبن جو
— ڊاڪٽر عابد لغاريتَعْرُجُ الْمَلٰۗىِٕكَةُ وَالرُّوْحُ اِلَيْهِ فِيْ يَوْمٍ كَانَ مِقْدَارُهٗ خَمْسِيْنَ اَلْفَ سَـنَةٍ 4ۚ
چڙهي ويندا آهن ملائڪ ۽ روح سندس حضور ۾ اهڙي ڏينهن جنهن جو مقدار آهي پنجاهه هزار سال
— ڊاڪٽر عابد لغاريفَاصْبِرْ صَبْرًا جَمِيْلًا 5
پوءِ (اي نبي!) صبر ڪر صبر سهڻو
— ڊاڪٽر عابد لغارياِنَّهُمْ يَرَوْنَهٗ بَعِيْدًا 6ۙ
بيشڪ اهي ماڻهو سمجهن ٿا ان کي پري
— ڊاڪٽر عابد لغاريوَّنَرٰىهُ قَرِيْبًا 7ۭ
۽ اسان ڏسي رهيا آهيون ان کي ويجهو
— ڊاڪٽر عابد لغارييَوْمَ تَكُوْنُ السَّمَاۗءُ كَالْمُهْلِ 8ۙ
(اهو عذاب ان ڏينهن ٿيندو) جنهن ڏينهن ٿيندو آسمان پگهريل چاندي وانگر
— ڊاڪٽر عابد لغاريوَتَكُوْنُ الْجِبَالُ كَالْعِهْنِ 9ۙ
۽ ٿيندا جبل رنگ برنگي پڃيل اُنَ وانگر
— ڊاڪٽر عابد لغاريوَلَا يَسْـَٔــلُ حَـمِيْمٌ حَمِـيْمًا ښ 10
۽ نه پڇندو ڪوبه پيارو دوست پياري دوست کان
— ڊاڪٽر عابد لغارييُّبَصَّرُوْنَهُمْ ۭ يَوَدُّ الْمُجْرِمُ لَوْ يَفْتَدِيْ مِنْ عَذَابِ يَوْمِىِٕذٍۢ بِبَنِيْهِ ۙ11
جڏهن اهي ڏيکاريا ويندا هڪ ٻئي کي، چاهيندو ڏوهاري بچڻ جي لاءِ عذاب کان ان ڏينهن پنهنجي اولاد جو
— ڊاڪٽر عابد لغاريوَصَاحِبَتِهٖ وَاَخِيْهِ ۙ12
۽ پنهنجي زال کي ۽ پنهنجي ڀاءُ کي
— ڊاڪٽر عابد لغاريوَفَصِيْلَتِهِ الَّتِيْ تُـــــْٔوِيْهِ ۙ13
۽ پنهنجي ويجهي کان ويجهي خاندان کي جيڪو کيس پناهه ڏيڻ وارو هو
— ڊاڪٽر عابد لغاريوَمَنْ فِي الْاَرْضِ جَمِيْعًا ۙ ثُـمَّ يُنْجِيْهِ ۙ14
۽ ساري زمين جي سڀني ماڻهن کي فديي ۾ ڏئي پر ان تدبير سان ڇوٽڪارو نه ملندس
— ڊاڪٽر عابد لغاريكَلَّا ۭ اِنَّهَا لَظٰى ۙ15
هرگز نه، اها ته ڄڀي هوندي ڀڙڪندڙ باهه جي
— ڊاڪٽر عابد لغارينَزَّاعَةً لِّلشَّوٰى ښ 16
چٽ ڪندي گوشت کي
— ڊاڪٽر عابد لغاريتَدْعُوْا مَنْ اَدْبَرَ وَتَوَلّٰى ۙ17
پڪاريندي هر ان شخص کي جنهن حق کان منهن موڙيو پٺي ڏني
— ڊاڪٽر عابد لغاريوَجَمَعَ فَاَوْعٰى 18
۽ گڏ ڪيو مال ۽ سنڀالي رکيو
— ڊاڪٽر عابد لغارياِنَّ الْاِنْسَانَ خُلِقَ هَلُوْعًا ۙ19
بيشڪ انسان پيدا ڪيو ويو آهي تنگدل
— ڊاڪٽر عابد لغارياِذَا مَسَّهُ الشَّرُّ جَزُوْعًا ۙ20
جڏهن ايندي اٿس مصيبت ته گهٻرائجي ويندو آهي
— ڊاڪٽر عابد لغاري