052 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 49 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
سنڌي قرآن
مُترجم: ڊاڪٽر عابد لغاري
وَالطُّوْرِ 1ۙ
قسم آهي طور (جبل) جو
— ڊاڪٽر عابد لغاريوَكِتٰبٍ مَّسْطُوْرٍ 2ۙ
۽ ڪتاب جو جيڪو کليل آهي
— ڊاڪٽر عابد لغاريفِيْ رَقٍّ مَّنْشُوْرٍ 3ۙ
اهو لکيل آهي سنهي کل تي
— ڊاڪٽر عابد لغاريوَّالْبَيْتِ الْمَعْمُوْرِ 4ۙ
۽ گهر (جو) جيڪو آباد آهي
— ڊاڪٽر عابد لغاريوَالسَّقْفِ الْمَرْفُوْعِ 5ۙ
۽ ڇت (جيڪا) مٿاهين آهي
— ڊاڪٽر عابد لغاريوَالْبَحْرِ الْمَسْجُوْرِ 6ۙ
۽ سمنڊ موجون هڻندڙ جو
— ڊاڪٽر عابد لغارياِنَّ عَذَابَ رَبِّكَ لَوَاقِعٌ 7ۙ
تحقيق عذاب تنهنجي رب جو ضرور واقع ٿيڻ وارو آهي
— ڊاڪٽر عابد لغاريمَّا لَهٗ مِنْ دَافِعٍ 8ۙ
ناهي ان کي (ڪوبه) ٽارڻ وارو
— ڊاڪٽر عابد لغارييَّوْمَ تَـمُوْرُ السَّمَاۗءُ مَوْرًا 9ۙ
ان ڏينهن واقع ٿيندو جڏهن آسمان بي حد ٿڙڪندو
— ڊاڪٽر عابد لغاريوَّتَسِيْرُ الْـجِبَالُ سَيْرًا ۭ10
۽ چڱيءَ طرح جبل اڏامندا
— ڊاڪٽر عابد لغاريفَوَيْلٌ يَّوْمَىِٕذٍ لِّلْمُكَذِّبِيْنَ ۙ11
پوءِ تباهي آهي ان ڏينهن ڪوڙو چوندڙن لاءِ
— ڊاڪٽر عابد لغاريالَّذِيْنَ هُمْ فِيْ خَوْضٍ يَّلْعَبُوْنَ ۘ12
اهي جيڪي اڄ راند طور حجت بازين ۾ لڳل آهن
— ڊاڪٽر عابد لغارييَوْمَ يُدَعُّوْنَ اِلٰى نَارِ جَهَنَّمَ دَعًّا ۭ13
جنهن ڏينهن ڌڪا ڏئي کين باهه جهنم ڏي نيو ويندو
— ڊاڪٽر عابد لغاريهٰذِهِ النَّارُ الَّتِيْ كُنْتُمْ بِهَا تُكَذِّبُوْنَ 14
(کين چيو ويندو ته) هي اها ئي باهه آهي جنهن کي توهان ڪوڙو چوندا هئا
— ڊاڪٽر عابد لغارياَفَسِحْرٌ ھٰذَآ اَمْ اَنْتُمْ لَا تُبْصِرُوْنَ ۚ15
هاڻي ٻڌايو جادو آهي اهو؟ يا توهان کي (ڪجهه) سُجهائي نٿي ڏئي؟
— ڊاڪٽر عابد لغارياِصْلَوْهَا فَاصْبِرُوْٓا اَوْ لَا تَصْبِرُوْا ۚ سَوَاۗءٌ عَلَيْكُمْ ۭ اِنَّـمَا تُـجْزَوْنَ مَا كُنْتُمْ تَعْمَلُوْنَ 16
وڃو هاڻي گهڙو ان ۾، پوءِ صبر ڪريو يا نه ڪريو ڪو صبر، برابر آهي توهان جي لاءِ، تحقيق اهڙو بدلو ملي پيو توهان کي جهڙا توهان جا عمل هئا
— ڊاڪٽر عابد لغارياِنَّ الْمُتَّقِيْنَ فِيْ جَنّٰتٍ وَّنَعِيْمٍ ۙ17
بيشڪ پرهيزگار ماڻهو اتي جنتن ۽ نعمتن ۾ هوندا
— ڊاڪٽر عابد لغاريفٰكِهِيْنَ بِـمَآ اٰتٰىهُمْ رَبُّهُمْ ۚ وَوَقٰىهُمْ رَبُّهُمْ عَذَابَ الْـجَحِيْمِ 18
مزا وٺندا هوندا انهن شين مان جيڪي کين اتي ڏنو ويندو سندن رب طرفان ۽ بچائي وٺندو سندن رب کين عذابِ جهنم کان
— ڊاڪٽر عابد لغاريكُلُوْا وَاشْرَبُوْا هَنِيْۗــــًٔـــۢا بِـمَا كُنْتُمْ تَعْمَلُوْنَ ۙ19
(کين چيو ويندو) کائو ۽ پيئو مزي سان پنهنجن انهن عملن جي بدلي جيڪي ڪندا هئا
— ڊاڪٽر عابد لغاريمُتَّكِــــِٕيْنَ عَلٰي سُرُرٍ مَّصْفُوْفَةٍ ۚ وَزَوَّجْنٰهُمْ بِـحُوْرٍ عِيْنٍ 20
اهي ويٺا هوندا وڇايل تختن تي ٽيڪ لڳائي وهاڻن کي ۽ کين پرڻائينداسين حورون سهڻين اکين واريون
— ڊاڪٽر عابد لغاري