049 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 18 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
سنڌي قرآن
مُترجم: ڊاڪٽر عابد لغاري
يٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لَا تُـقَدِّمُوْا بَيْنَ يَدَيِ اللّٰهِ وَرَسُوْلِهٖ وَاتَّقُوا اللّٰهَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ سَـمِيْعٌ عَلِيْمٌ 1
اي لوڪو جن ايمان آندو آهي! اڳرائي نه ڪريو آڏو الله ۽ سندس رسول جي، ۽ ڊڄو الله کان، بيشڪ الله ته سڀڪجهه ٻڌڻ ڄاڻڻ وارو آهي
— ڊاڪٽر عابد لغارييٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لَا تَرْفَعُوْٓا اَصْوَاتَكُمْ فَوْقَ صَوْتِ النَّبِيِّ وَلَا تَـجْـهَرُوْا لَهٗ بِالْقَوْلِ كَـجَــهْرِ بَعْضِكُمْ لِبَعْضٍ اَنْ تَـحْبَــطَ اَعْــمَالُكُمْ وَاَنْتُمْ لَا تَشْعُرُوْنَ 2
اي لوڪو جن ايمان آندو آهي، مٿي نه ڪريو پنهنجا آواز مٿان آواز نبي جي ۽ نه وري وڏي آواز سان ساڻن ڳالهايو جيئن توهان پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان ڳالهائيندا آهيو ڏاڍيان، ائين نه ٿئي جو چٽ ٿي وڃن توهان جا سڀ عمل، ۽ توهان کي ان جي خبر به نه پوي
— ڊاڪٽر عابد لغارياِنَّ الَّذِيْنَ يَغُضُّوْنَ اَصْوَاتَهُمْ عِنْدَ رَسُوْلِ اللّٰهِ اُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ امْتَحَنَ اللّٰهُ قُلُوْبَهُمْ لِلتَّقْوٰى ۭ لَهُمْ مَّغْفِرَةٌ وَّاَجْرٌ عَظِيْمٌ 3
بيشڪ جيڪي ماڻهو جهڪا رکن ٿا پنهنجا آواز ڳالهه ڪندي رسول الله جي آڏو، سي حقيقت ۾ اهي ئي ماڻهو آهن جن کي پرکيو آهي الله سندن دلين کي پرهيزگاريءَ ۾، انهن جي لاءِ ئي بخشش ۽ وڏو اجر آهي
— ڊاڪٽر عابد لغارياِنَّ الَّذِيْنَ يُنَادُوْنَكَ مِنْ وَّرَاۗءِ الْحُـجُرٰتِ اَكْثَرُهُمْ لَا يَعْقِلُوْنَ 4
(اي نبي!) بيشڪ جيڪي ماڻهو پڪارين ٿا توکي ٻاهران حجرن جي، انهن مان گهڻا ته بي سمجهه آهن
— ڊاڪٽر عابد لغاريوَلَوْ اَنَّهُمْ صَبَرُوْا حَتّٰى تَـخْرُجَ اِلَيْهِمْ لَكَانَ خَيْرًا لَّهُمْ ۭ وَاللّٰهُ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ 5
۽ جي اهي صبر ڪن ها تنهنجي ٻاهر اچڻ تائين ته انهن جي لاءِ وڌيڪ بهتر هو، ۽ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي
— ڊاڪٽر عابد لغارييٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اِنْ جَاۗءَكُمْ فَاسِقٌۢ بِنَبَاٍ فَتَبَيَّنُوْٓا اَنْ تُصِيْبُوْا قَوْمًۢا بِجَــهَالَةٍ فَتُصْبِحُوْا عَلٰي مَا فَعَلْتُمْ نٰدِمِيْنَ 6
اي لوڪو جن ايمان آندو آهي، جي توهان وٽ اچي ڪو فاسق ڪا خبر کڻي ته چڱيءَ طرح ان جي جاچ ڪندا ڪريو، ڪٿي ڪنهن قوم کي بي خبريءَ ۾ نقصان پهچايو پوءِ پنهنجي ان عمل تي پشيمان ٿيو
— ڊاڪٽر عابد لغاريوَاعْلَمُوْٓا اَنَّ فِيْكُمْ رَسُوْلَ اللّٰهِ ۭ لَوْ يُطِيْعُكُمْ فِيْ كَثِيْرٍ مِّنَ الْاَمْرِ لَعَنِتُّمْ وَلٰكِنَّ اللّٰهَ حَبَّبَ اِلَيْكُمُ الْاِيْـمَانَ وَزَيَّنَهٗ فِيْ قُلُوْبِكُمْ وَكَرَّهَ اِلَيْكُمُ الْكُفْرَ وَالْفُسُوْقَ وَالْعِصْيَانَ ۭ اُولٰۗىِٕكَ هُمُ الرّٰشِدُوْنَ 7ۙ
۽ چڱيءَ طرح ڄاڻي وٺو ته بيشڪ توهان جي وچ ۾ موجود آهي رسول الله، جي اهو مڃي وٺي گهڻيون ئي ڳالهيون ته پوءِ توهان پاڻ تڪليف ۾ اچي ويندؤ، پر الله توهان کي محبت ڏني آهي ايمان جي، ۽ ان کي ئي توهان جي دلين لاءِ پسند ڪيو ۽ نفرت ڏياري اٿس توهان کي ڪفر ۽ فسق ۽ نافرمانيءَ کان، اهڙا ئي ماڻهو آهن سڌي رستي تي
— ڊاڪٽر عابد لغاريفَضْلًا مِّنَ اللّٰهِ وَنِعْمَةً ۭ وَاللّٰهُ عَلِيْمٌ حَكِيْمٌ 8
فضل الله جي سان ۽ سندس احسان سان، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي
— ڊاڪٽر عابد لغاريوَاِنْ طَاۗىِٕفَتٰنِ مِنَ الْمُؤْمِنِيْنَ اقْتَتَلُوْا فَاَصْلِحُوْا بَيْنَهُمَا ۚ فَاِنْۢ بَغَتْ اِحْدٰىهُمَا عَلَي الْاُخْرٰى فَقَاتِلُوا الَّتِيْ تَبْغِيْ حَتّٰى تَفِيْۗءَ اِلٰٓى اَمْرِ اللّٰهِ ۚ فَاِنْ فَاۗءَتْ فَاَصْلِحُوْا بَيْنَهُمَا بِالْعَدْلِ وَاَقْسِطُوْا ۭ اِنَّ اللّٰهَ يُـحِبُّ الْمُقْسِطِيْنَ 9
۽ جيڪڏهن ٻه ٽولا مؤمنن مان پاڻ ۾ وڙهي پون ته ٺاهه ڪرايو انهن ۾، ۽ جيڪڏهن هڪ ٽولو زيادتي ڪري ته ٻئي ٽولي تي زيادتي ڪندڙ ٽولي سان وڙهو، ايستائين جو اهو موٽي اچي حڪم الله جي ڏانهن، پوءِ جڏهن اهو موٽي اچي ته صلح ڪرايو انهن جي وچ ۾ عدل ۽ انصاف سان ۽ انصاف ڪريو، بيشڪ الله پسند ڪري ٿو انصاف ڪرڻ وارن کي
— ڊاڪٽر عابد لغارياِنَّـمَا الْمُؤْمِنُوْنَ اِخْوَةٌ فَاَصْلِحُوْا بَيْنَ اَخَوَيْكُمْ ۚ وَاتَّقُوا اللّٰهَ لَعَلَّكُمْ تُرْحَـمُوْنَ ۧ10
بيشڪ مؤمن ته هڪ ٻئي جا ڀائر آهن ان ڪري پنهنجي ڀائرن جي وچ ۾ لاڳاپا درست ڪريو، ۽ ڊڄو الله کان، اميد ته توهان تي رحم ڪيو ويندو
— ڊاڪٽر عابد لغارييٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لَا يَسْخَرْ قَوْمٌ مِّنْ قَوْمٍ عَسٰٓى اَنْ يَّكُوْنُوْا خَيْرًا مِّنْهُمْ وَلَا نِسَاۗءٌ مِّنْ نِّسَاۗءٍ عَسٰٓى اَنْ يَّكُنَّ خَيْرًا مِّنْهُنَّ ۚ وَلَا تَلْمِزُوْٓا اَنْفُسَكُمْ وَلَا تَنَابَزُوْا بِالْاَلْقَابِ ۭ بِئْسَ الِاسْمُ الْفُسُوْقُ بَعْدَ الْاِيْـمَانِ ۚ وَمَنْ لَّمْ يَتُبْ فَاُولٰۗىِٕكَ هُمُ الظّٰلِمُوْنَ 11
اي لوڪو جن ايمان آندو آهي، ڪير به (مرد) ڪنهن سان ٺٺولي نه ڪري ڪنهن (مرد) سان ٿي سگهي ٿو ته اهي کانئن ڀلا هجن ۽ نه وري عورتون (ٺٺوليون) ڪن عورتن سان، ٿي سگهي ٿو اهي وڌيڪ بهتر هجن انهن کان، ۽ نه ڪريو عيب جوئي هڪ ٻئي جي ۽ نه وري هڪ ٻئي کي سڏيو برن لقبن سان، تمام خراب آهي فسق (بي ديني) ايمان آڻڻ کان پوءِ، ۽ جيڪي ماڻهو ان هلت کان نه رڪجن ته اهي ئي ظالم آهن
— ڊاڪٽر عابد لغارييٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوا اجْتَنِبُوْا كَثِيْرًا مِّنَ الظَّنِّ ۡ اِنَّ بَعْضَ الظَّنِّ اِثْمٌ وَّلَا تَجَسَّسُوْا وَلَا يَغْتَبْ بَّعْضُكُمْ بَعْضًا ۭ اَيُـحِبُّ اَحَدُكُمْ اَنْ يَّاْكُلَ لَحْمَ اَخِيْهِ مَيْتًا فَكَرِهْتُمُوْهُ ۭ وَاتَّقُوا اللّٰهَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ تَوَّابٌ رَّحِيْمٌ 12
اي لوڪو جن ايمان آندو آهي، پاسو ڪريو گهڻي گمان (وهم) ڪرڻ کان، بيشڪ ڪي گمان ڪرڻ ئي ته گناهه هوندا آهن ۽ نه ڪريو جاسوسي ۽ نه ڪنهن جي ڪا گلا ڪندا ڪريو، ڇا پسند ڪندؤ ته اهو کائي گوشت پنهنجي ڀاءُ جو جيڪو مري ويو هجي؟ ڏسو توهان پاڻ ان کان نفرت ڪريو ٿا، پوءِ ڊڄو الله کان، بيشڪ الله توبهه قبول ڪندڙ وڏو ٻاجهارو آهي
— ڊاڪٽر عابد لغارييٰٓاَيُّهَا النَّاسُ اِنَّا خَلَقْنٰكُمْ مِّنْ ذَكَرٍ وَّاُنْثٰى وَجَعَلْنٰكُمْ شُعُوْبًا وَّقَبَاۗىِٕلَ لِتَعَارَفُوْا ۭ اِنَّ اَكْرَمَكُمْ عِنْدَ اللّٰهِ اَتْقٰىكُمْ ۭ اِنَّ اللّٰهَ عَلِيْمٌ خَبِيْرٌ 13
اي لوڪو (انسانؤ)! بيشڪ اسان خلقيو توهان کي هڪ مرد ۽ عورت مان ۽ ٺاهيون توهان جون برادريون ۽ قبيلا جيئن هڪ ٻئي کي سڃاڻي سگهو، بيشڪ سڀ کان وڌيڪ عزت وارو الله وٽ اهو آهي جيڪو توهان مان پرهيزگار آهي، بيشڪ الله سڀڪجهه ڄاڻندڙ ۽ باخبر آهي
— ڊاڪٽر عابد لغاريقَالَتِ الْاَعْرَابُ اٰمَنَّا ۭ قُلْ لَّمْ تُؤْمِنُوْا وَلٰكِنْ قُوْلُوْٓا اَسْلَمْنَا وَلَمَّا يَدْخُلِ الْاِيْـمَانُ فِيْ قُلُوْبِكُمْ ۭ وَاِنْ تُطِيْعُوا اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ لَا يَـلِتْكُمْ مِّنْ اَعْـمَالِكُمْ شَـيْـــــًٔا ۭ اِنَّ اللّٰهَ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ 14
اهي چوندا آهن بدوي، ته، اسان ايمان آندو. کين چؤ ته توهان ايمان نه آندو آهي پر ائين چئو ته اسان تابعداري ڪئي آهي، ڇو ته داخل ئي نه ٿيو آهي ايمان اڃا توهان جي دلين ۾. ها، جيڪڏهن توهان فرمانبردار ٿيو الله ۽ سندس رسول جا ته اهو گهٽتائي نه ڪندو توهان جي عملن جي اجر ۾ ڪابه، بيشڪ الله وڏو معاف ڪندڙ ۽ ٻاجهارو آهي
— ڊاڪٽر عابد لغارياِنَّـمَا الْمُؤْمِنُوْنَ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا بِاللّٰهِ وَرَسُوْلِهٖ ثُـمَّ لَمْ يَرْتَابُوْا وَجٰهَدُوْا بِاَمْوَالِهِمْ وَاَنْفُسِهِمْ فِيْ سَبِيْلِ اللّٰهِ ۭ اُولٰۗىِٕكَ هُمُ الصّٰدِقُوْنَ 15
حقيقت ۾ ته مؤمن اهي آهن جن ايمان آندو الله تي ۽ سندس رسول تي، پوءِ انهن نه ڪيو ڪوبه شڪ ۽ جهاد ڪيائون پنهنجن مالن ۽ جانين سان الله جي راهه ۾، اهي ئي ماڻهو (حقيقت ۾) سچا آهن
— ڊاڪٽر عابد لغاريقُلْ اَتُعَلِّمُوْنَ اللّٰهَ بِدِيْنِكُمْ ۭ وَاللّٰهُ يَعْلَمُ مَا فِي السَّمٰوٰتِ وَمَا فِي الْاَرْضِ ۭ وَاللّٰهُ بِكُلِّ شَيْءٍ عَلِيْمٌ 16
(اي نبي! ايمان جي هام هڻندڙن) چؤ، ڇا توهان ٻڌايو پيا الله کي پنهنجي دين لاءِ؟ ۽ الله جڏهن ته ڄاڻي ٿو جيڪي ڪجهه آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي، بيشڪ الله هر شيءِ جو (پورو پورو) علم رکي ٿو
— ڊاڪٽر عابد لغارييَـمُنُّوْنَ عَلَيْكَ اَنْ اَسْلَمُوْا ۭ قُلْ لَّا تَـمُنُّوْا عَلَيَّ اِسْلَامَكُمْ ۚ بَلِ اللّٰهُ يَـمُنُّ عَلَيْكُمْ اَنْ هَدٰىكُمْ لِلْاِيْـمَانِ اِنْ كُنْتُمْ صٰدِقِيْنَ 17
احسان جتائن ٿا توکي اهي ماڻهو جن اسلام قبول ڪيو آهي، کين چؤ ته مون تي احسان نه ڪيو آهي توهان پنهنجي اسلام جو، پر الله احسان ڪيو آهي توهان تي، جو هدايت ڏنائين توهان کي ايمان آڻڻ جي، جيڪڏهن توهان (پنهنجي ايمان جي دعويٰ ۾) سچا آهيو
— ڊاڪٽر عابد لغارياِنَّ اللّٰهَ يَعْلَمُ غَيْبَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ وَاللّٰهُ بَصِيْرٌۢ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ ۧ18
بيشڪ الله ڄاڻي ٿو اهو غيب جيڪو آسمانن ۽ زمين ۾ آهي، بيشڪ الله ئي نگاهه ۾ رکي ٿو جيڪي توهان عمل ڪندا آهيو
— ڊاڪٽر عابد لغاري