043 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 89 آيتون ۽ 7 رڪوع آھن
سنڌي قرآن
مُترجم: ڊاڪٽر عابد لغاري
حٰــمۗ ڔ 1
ح-م
— ڊاڪٽر عابد لغاريوَالْكِتٰبِ الْمُبِيْنِ ڒ 2
قسم آهي هن ڪتاب پڌري جو
— ڊاڪٽر عابد لغارياِنَّا جَعَلْنٰهُ قُرْءٰنًا عَرَبِيًّا لَّعَلَّكُمْ تَعْقِلُوْنَ 3ۚ
بيشڪ اسان بنايو آهي ان کي قرآن عربي زبان جو، جيئن توهان ان کي سمجهي سگهو
— ڊاڪٽر عابد لغاريوَاِنَّهٗ فِيْٓ اُمِّ الْكِتٰبِ لَدَيْنَا لَعَلِيٌّ حَكِيْمٌ 4ۭ
۽ بيشڪ اهو ام الڪتاب (لوح محفوظ) ۾ ثبت (لکيل) اسان وٽ اوچي مرتبي وارو حڪمت سان ٽمٽار آهي
— ڊاڪٽر عابد لغارياَفَنَضْرِبُ عَنْكُمُ الذِّكْرَ صَفْحًا اَنْ كُنْتُمْ قَوْمًا مُّسْرِفِيْنَ 5
ڇا بيزار ٿي توهان کان اهو درس نصيحت جو موڪلڻ ڇڏي ڏيون رڳو ان ڪري جو توهان ماڻهو حد کان ٽپي ويل آهيو
— ڊاڪٽر عابد لغاريوَكَمْ اَرْسَلْنَا مِنْ نَّبِيٍّ فِي الْاَوَّلِيْنَ 6
۽ ڪيترا ئي موڪليا آهن اسان نبي گذريل قومن ۾ اڳي
— ڊاڪٽر عابد لغاريوَمَا يَاْتِيْهِمْ مِّنْ نَّبِيٍّ اِلَّا كَانُوْا بِهٖ يَسْتَهْزِءُوْنَ 7
۽ ٿيو ڪڏهن ائين جو آيو انهن وٽ هجي ڪو نبي، ته انهن نه ڪيون هجن ان تي ٺٺوليون
— ڊاڪٽر عابد لغاريفَاَهْلَكْنَآ اَشَدَّ مِنْهُمْ بَطْشًا وَّمَضٰى مَثَلُ الْاَوَّلِيْنَ 8
پوءِ اسان هلاڪ ڪيو انهن کي جڪي انهن مان سگهارا هئا ۽ گذري چڪا آهن مثال اڳي ڪيترا ئي
— ڊاڪٽر عابد لغاريوَلَىِٕنْ سَاَلْتَهُمْ مَّنْ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ لَيَقُوْلُنَّ خَلَقَهُنَّ الْعَزِيْزُ الْعَلِيْمُ 9ۙ
۽ جي تون پڇين انهن ماڻهن کان ته ڪنهن پيدا ڪيو آهي آسمانن ۽ زمين کي ته اهي پاڻ چوندا انهن کي خلقيو آهي ان زبردست ڄاڻ رکندڙ
— ڊاڪٽر عابد لغاريالَّذِيْ جَعَلَ لَكُمُ الْاَرْضَ مَهْدًا وَّجَعَلَ لَكُمْ فِيْهَا سُبُلًا لَّعَلَّكُمْ تَهْتَدُوْنَ ۚ10
اهو ئي جنهن بڻايو توهان جي لاءِ زمين کي وڇاڻو ۽ ٺاهيائين توهان جي لاءِ ان ۾ رستا، جيئن توهان لهي سگهو پنهنجي منزل
— ڊاڪٽر عابد لغاريوَالَّذِيْ نَزَّلَ مِنَ السَّمَاۗءِ مَاۗءًۢ بِقَدَرٍ ۚ فَاَنْشَرْنَا بِهٖ بَلْدَةً مَّيْتًا ۚ كَذٰلِكَ تُـخْـرَجُوْنَ 11
۽ جنهن لاٿو آسمان مان توهان لاءِ پاڻي خاص مقدار ۾ ۽ ان سان بڻايو زنده مئل زمين کي، اهڙيءَ طرح هڪ ڏينهن توهان به ڪڍيا ويندؤ زمين مان
— ڊاڪٽر عابد لغاريوَالَّذِيْ خَلَقَ الْاَزْوَاجَ كُلَّهَا وَجَعَلَ لَكُمْ مِّنَ الْفُلْكِ وَالْاَنْعَامِ مَا تَرْكَبُوْنَ ۙ12
۽ اهو ئي آهي جنهن پيدا ڪيا جوڙا سڀئي ۽ جنهن بڻايو توهان جي لاءِ ٻيڙين ۽ جانورن کي (واسطي) سواري جي
— ڊاڪٽر عابد لغاريلِتَسْتَوٗا عَلٰي ظُهُوْرِهٖ ثُـمَّ تَذْكُرُوْا نِعْمَةَ رَبِّكُمْ اِذَا اسْـتَوَيْتُمْ عَلَيْهِ وَتَـقُوْلُوْاسُـبْحٰنَ الَّذِيْ سَـخَّــرَ لَنَا ھٰذَا وَمَا كُنَّا لَهٗ مُقْرِنِيْنَ ۙ13
جيئن توهان سوار ٿيو انهن جي پٺيءَ تي پوءِ ياد ڪريو احسان پنهنجي رب جو جڏهن سوار ٿيو انهن تي ته چئو، پاڪ آهي اهو جنهن تابع ڪيو اسان جي لاءِ انهن کي نه ته انهن کي قابو رکڻ جي سگهه ڪنهن کي به ناهي
— ڊاڪٽر عابد لغاريوَاِنَّآ اِلٰى رَبِّنَا لَمُنْقَلِبُوْنَ 14
۽ بيشڪ موٽڻو آهي اسان کي پنهنجي رب ڏي
— ڊاڪٽر عابد لغاريوَجَعَلُوْا لَهٗ مِنْ عِبَادِهٖ جُزْءًا ۭ اِنَّ الْاِنْسَانَ لَكَفُوْرٌ مُّبِيْنٌ ۧ15
(اهو سڀ ڄاڻندي) مقرر ڪيو انهن (الله) سان سندس بندن کي هڪ حصو، بيشڪ انسان وڏو ناشڪرو آهي ظاهر ظهور
— ڊاڪٽر عابد لغارياَمِ اتَّـخَذَ مِـمَّا يَـخْلُقُ بَنٰتٍ وَّاَصْفٰىكُمْ بِالْبَنِيْنَ 16
ڇا (الله) چونڊيون آهن پنهنجي مخلوق مان ڌيئرون ۽ نوازيائين توهان کي پٽن سان؟
— ڊاڪٽر عابد لغاريوَاِذَا بُشِّرَ اَحَدُهُمْ بِـمَا ضَرَبَ لِلرَّحْمٰنِ مَثَلًا ظَلَّ وَجْهُهٗ مُسْوَدًّا وَّهُوَ كَظِيْمٌ 17
۽ جڏهن خوشخبري خود انهن مان ڪنهن کي ڏني ويندي آهي، نسبت رحمٰن جي سان مثال طور ته ڪاراڻ اچي ويندي آهي انهن جي چهرن تي ۽ اهو غم ۾ ٽمٽار ٿي ويندو آهي
— ڊاڪٽر عابد لغارياَوَمَنْ يُّنَشَّؤُا فِي الْـحِلْيَةِ وَهُوَ فِي الْـخِـصَامِ غَيْرُ مُبِيْنٍ 18
ڇا (الله جي) حصي ۾ اهو ڳهن ڳٺن ۾ پاليل اولاد آيو آهي جيڪو ڪنهن جهيڙي جهڳڙي ۾ پنهنجو مقصد پوري طرح پڌرو نٿو ڪري سگهي؟
— ڊاڪٽر عابد لغاريوَجَعَلُوا الْمَلٰۗىِٕكَةَ الَّذِيْنَ هُمْ عِبٰدُ الرَّحْـمٰنِ اِنَاثًا ۭ اَشَهِدُوْا خَلْقَهُمْ ۭ سَـتُكْتَبُ شَهَادَتُهُمْ وَيُسْــَٔــلُوْنَ 19
۽ قرار ڏنو ملائڪن کي جيڪي آهن خاص ٻانها رحمٰن جا عورتون، ڇا انهن جي جسم جي بناوٽ انهن ڏٺي آهي؟ لکي ويندي سندن شاهدي ۽ کين ان جو جواب ڏيڻو پوندو
— ڊاڪٽر عابد لغاريوَقَالُوْا لَوْ شَاۗءَ الرَّحْـمٰنُ مَا عَبَدْنٰهُمْ ۭ مَا لَهُمْ بِذٰلِكَ مِنْ عِلْمٍ ۤ اِنْ هُمْ اِلَّا يَـخْرُصُوْنَ ۭ20
۽ اهي چوندا، جي گهري ها رحمٰن ته (اسان انهن جي عبادت نه ڪريون ته) اسان کين نه پوڄيون ها. اهي ان بابت ڪجهه نٿا ڄاڻن، بس اهي رڳو هڻن ٿا ڌڪا
— ڊاڪٽر عابد لغاري