038 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 88 آيتون ۽ 5 رڪوع آھن
سنڌي قرآن
مُترجم: ڊاڪٽر عابد لغاري
صۗ وَالْقُرْاٰنِ ذِي الذِّكْرِ 1ۭ
ص، قسم آهي قرآن نصيحت ڀرئي جو
— ڊاڪٽر عابد لغاريبَلِ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا فِيْ عِزَّةٍ وَّشِقَاقٍ 2
پر اهي ماڻهو جن انڪار ڪيو آهي مڃڻ کان، وڏي وڏائي ۽ ضد ۾ پيل آهن
— ڊاڪٽر عابد لغاريكَمْ اَهْلَكْنَا مِنْ قَبْلِهِمْ مِّنْ قَرْنٍ فَنَادَوْا وَّلَاتَ حِيْنَ مَنَاصٍ 3
اسان هلاڪ ڪري چڪا آهيون انهن کان اڳي ڪيترين ئي قومن کي، ۽ جڏهن سندن شامت آئي ته رڙيون ڪيون پر اهو وقت بچڻ جو نه هو
— ڊاڪٽر عابد لغاريوَعَـجِبُوْٓا اَنْ جَاۗءَهُمْ مُّنْذِرٌ مِّنْهُمْ ۡ وَقَالَ الْكٰفِرُوْنَ ھٰذَا سٰـحِرٌ كَذَّابٌ ڻ 4
۽ ان ڳالهه تي کين عجب ٿيو ته اچي ويو ڊيڄارڻ وارو انهن مان ئي، ۽ چوڻ لڳا منڪر ته، هي جادوگر آهي وڏو ڪوڙو آهي
— ڊاڪٽر عابد لغارياَجَعَلَ الْاٰلِـهَةَ اِلٰــهًا وَّاحِدًا ښ اِنَّ ھٰذَا لَشَيْءٌ عُـجَابٌ 5
هن ٺاهيو آهي هيترن سارن خدائن جي بدلي ۾ فقط هڪ خدا؟ اها ڳالهه ته بنهه ئي عجب جهڙي آهي
— ڊاڪٽر عابد لغاريوَانْطَلَقَ الْمَلَاُ مِنْهُمْ اَنِ امْشُوْا وَاصْبِرُوْا عَلٰٓي اٰلِـهَتِكُمْ ښ اِنَّ ھٰذَا لَشَيْءٌ يُّرَادُ ڻ 6
۽ هليا ويا قوم جا سردار ائين چوندي ته هلو ۽ مضبوط رهو پنهني خدائن جي عبادت تي، ضرور اها ڳالهه ڪنهن ٻئي مقصد لاءِ چئي پئي وڃي
— ڊاڪٽر عابد لغاريمَا سَمِعْنَا بِھٰذَا فِي الْمِلَّةِ الْاٰخِرَةِ ښ اِنْ ھٰذَآ اِلَّا اخْتِلَاقٌ ڻ 7
جيڪا نه ٻڌي آهي پنهنجي ڪنهن به ملت ۾ ويجهڙ ۾ ڪنهن کان، اها ته پنهنجي مرضيءَ سان ٺاهيل ڪا ڳالهه بنا ڪجهه جي
— ڊاڪٽر عابد لغاريءَاُنْزِلَ عَلَيْهِ الذِّكْرُ مِنْۢ بَيْنِنَا ۭ بَلْ هُمْ فِيْ شَكٍّ مِّنْ ذِكْرِيْ ۚ بَلْ لَّمَّا يَذُوْقُوْا عَذَابِ 8ۭ
۽ جنهن تي نازل ڪيو ويو آهي الله جو ذڪر اسان مان، بس اهو ئي هو، اهي منهنجي ”ذڪر“ بابت شڪ ۾ پيا ۽ ڳالهيون ڪيون جو چکيو ناهي مزو منهنجي عذاب جو
— ڊاڪٽر عابد لغارياَمْ عِنْدَهُمْ خَزَاۗىِٕنُ رَحْـمَةِ رَبِّكَ الْعَزِيْزِ الْوَهَّابِ 9ۚ
ڇا انهن جي قبضي ۾ آهن خزانا تنهنجي رب جي رحمت جا، جيڪو ڏاتار ۽ وڏو پالڻهار آهي
— ڊاڪٽر عابد لغارياَمْ لَهُمْ مُّلْكُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا ۣ فَلْيَرْتَقُوْا فِي الْاَسْبَابِ 10
ڇا اهي ئي آهن مالڪ آسمانن ۽ زمين جا ۽ انهن سڀني شين جا جيڪي انهن جي وچ ۾ آهن ته پوءِ اهي مٿي چڙهي عالم اسباب تي وڃي ڏسن
— ڊاڪٽر عابد لغاريجُنْدٌ مَّا هُنَالِكَ مَهْزُوْمٌ مِّنَ الْاَحْزَابِ 11
ٽولن مان هي هڪ ننڍو ٽولو آهي جيڪو انهيءَ هنڌ شڪست کائڻ وارو آهي
— ڊاڪٽر عابد لغاريكَذَّبَتْ قَبْلَهُمْ قَوْمُ نُوْحٍ وَّعَادٌ وَّفِرْعَوْنُ ذُوالْاَوْتَادِ ۙ12
ڪوڙو چئي چڪا آهن انهن کان اڳي هرهڪ رسول کي قوم نوح ۽ عاد ۽ فرعون جيڪو ميخن وارو هو
— ڊاڪٽر عابد لغاريوَثَـمُــوْدُ وَقَوْمُ لُوْطٍ وَّاَصْـحٰبُ لْــــَٔـيْكَةِ ۭ اُولٰۗىِٕكَ الْاَحْزَابُ 13
۽ ثمود ۽ قوم لوط ۽ اهي جيڪي ايڪه وارا، اهي ئي هئا ٽي ٽولا
— ڊاڪٽر عابد لغارياِنْ كُلٌّ اِلَّا كَذَّبَ الرُّسُلَ فَـحَقَّ عِقَابِ ۧ14
انهن مان هرهڪ ڪوڙو چيو رسولن کي پوءِ مٿن لاڳو ٿيو منهنجي سزا جو فيصلو
— ڊاڪٽر عابد لغاريوَمَا يَنْظُرُ هٰٓؤُلَاۗءِ اِلَّا صَيْحَةً وَّاحِدَةً مَّا لَهَا مِنْ فَوَاقٍ 15
۽ (ماڻهو ته بس) منتظر آهن فقط هڪڙي ڌماڪي جا، جنهن بعد ٻيو ڪوبه (ڌماڪو) نه ٿيندو
— ڊاڪٽر عابد لغاريوَقَالُوْا رَبَّنَا عَـجِّلْ لَّنَا قِطَّنَا قَبْلَ يَوْمِ الْـحِسَابِ 16
۽ اهي چون ٿا، اي اسان جا رب! اسان جو حصو اسان کي ڏئي ڇڏ اڳي ڏينهن حساب کان
— ڊاڪٽر عابد لغارياِصْبِرْ عَلٰي مَا يَقُوْلُوْنَ وَاذْكُرْ عَبْدَنَا دَاوٗدَ ذَا الْاَيْدِ ۚ اِنَّهٗ ٓ اَوَّابٌ 17
(اي نبي!) صبر ڪر انهن ڳالهين تي جيڪي اهي چون ٿا ۽ ٻڌاءِ انهن کي اسان جي بندي داؤد جو قصو جيڪو وڏين صلاحيتن جو مالڪ هو، بيشڪ اهو رجوع ڪندڙ هو (الله ڏي)
— ڊاڪٽر عابد لغارياِنَّا سَـخَّرْنَا الْـجِبَالَ مَعَهٗ يُسَبِّحْنَ بِالْعَشِيِّ وَالْاِشْرَاقِ ۙ18
بيشڪ اسان تابع ڪيو هو جبلن کي ان سان گڏ جيڪي تسبيح ڪندڙ هئا صبح ۽ شام جو
— ڊاڪٽر عابد لغاريوَالطَّيْرَ مَحْشُوْرَةً ۭ كُلٌّ لَّهٗ ٓ اَوَّابٌ 19
۽ پکي گڏ ٿيندا هئا، (سندس تسبيح ڏي) متوجهه ٿي ويندا هئا
— ڊاڪٽر عابد لغاريوَشَدَدْنَا مُلْكَهٗ وَاٰتَيْنٰهُ الْحِكْمَةَ وَفَصْلَ الْخِطَابِ 20
۽ مضبوط بڻائي اسان سندس سلطنت ۽ کيس عطا ڪئي حڪمت ۽ فيصلي واري ڳالهه چوڻ جي صلاحيت بخشي هئي
— ڊاڪٽر عابد لغاري