027 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 93 آيتون ۽ 7 رڪوع آھن
سنڌي قرآن
مُترجم: ڊاڪٽر عابد لغاري
طٰسۗ ۣ تِلْكَ اٰيٰتُ الْقُرْاٰنِ وَكِتَابٍ مُّبِيْنٍ 1ۙ
ط-س- هي آهن آيتون قرآن ۽ (ان) ڪتاب جون جيڪو پڌرو آهي
— ڊاڪٽر عابد لغاريهُدًى وَّبُشْرٰي لِلْمُؤْمِنِيْنَ 2ۙ
هدايت ۽ خوشخبري ڏيڻ ۾ ايمان وارن جي لاءِ
— ڊاڪٽر عابد لغاريالَّذِيْنَ يُقِيْمُوْنَ الصَّلٰوةَ وَيُؤْتُوْنَ الزَّكٰوةَ وَهُمْ بِالْاٰخِرَةِ هُمْ يُوْقِنُوْنَ 3
جيڪي قائم ڪن ٿا نماز ۽ ادا ڪن ٿا زڪواة، ۽ اهي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي آخرت تي پورو يقين رکن ٿا
— ڊاڪٽر عابد لغارياِنَّ الَّذِيْنَ لَا يُؤْمِنُوْنَ بِالْاٰخِرَةِ زَيَّنَّا لَهُمْ اَعْـمَالَهُمْ فَهُمْ يَعْمَهُوْنَ 4ۭ
حقيقت اها آهي ته جيڪي ماڻهو نٿا مڃين آخرت کي، تن جي لاءِ اسان سهڻو بڻايو آهي سندن ڪرتوتن کي، تنهن ڪري اهي ڀٽڪندا ٿا وتن
— ڊاڪٽر عابد لغارياُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ لَهُمْ سُوْۗءُ الْعَذَابِ وَهُمْ فِي الْاٰخِرَةِ هُمُ الْاَخْسَرُوْنَ 5
هي ئي اهي ماڻهو آهن جن جي لاءِ بنهه بري سزا آهي، ۽ اهي ئي آخرت ۾ سڀني کان وڌيڪ خساري ۾ رهڻ وارا آهن
— ڊاڪٽر عابد لغاريوَاِنَّكَ لَتُلَقَّى الْقُرْاٰنَ مِنْ لَّدُنْ حَكِيْمٍ عَلِيْمٍ 6
۽ (اي نبي!) بيشڪ تون حاصل ڪري رهيو آهين هي قرآن هڪ اهڙي هستيءَ طرفان جيڪا حڪمت واري ڄاڻندڙ آهي
— ڊاڪٽر عابد لغارياِذْ قَالَ مُوْسٰي لِاَهْلِهٖٓ اِنِّىْٓ اٰنَسْتُ نَارًا ۭ سَاٰتِيْكُمْ مِّنْهَا بِخَــبَرٍ اَوْ اٰتِيْكُمْ بِشِهَابٍ قَبَسٍ لَّعَلَّكُمْ تَصْطَلُوْنَ 7
جڏهن (کين اهو قصو ٻڌاءِ) موسيٰ پنهنجي گهر وارن کي چيو ته، مون کي هڪ باهه ڏسڻ ۾ پئي اچي، آئون اجهو ٿو اتان ڪا خبر آڻيان يا ڪو ٽانڊو کڻي اچان ٿو، جيئن توهان گرم ٿي سگهو
— ڊاڪٽر عابد لغاريفَلَمَّا جَاۗءَهَا نُوْدِيَ اَنْۢ بُوْرِكَ مَنْ فِي النَّارِ وَمَنْ حَوْلَهَا ۭ وَسُـبْحٰنَ اللّٰهِ رَبِّ الْعٰلَمِيْنَ 8
پوءِ اتي هو جڏهن پهتو ته آواز آيو، برڪت وارو آهي اهو جيڪو هن باهه ۾ آهي ۽ جيڪو هن ماحول ۾ آهي، ۽ پاڪ آهي الله جيڪو سڀني جهانن جو پالڻهار آهي
— ڊاڪٽر عابد لغارييٰمُوْسٰٓي اِنَّهٗ ٓ اَنَا اللّٰهُ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ 9ۙ
اي موسي! اهو آئون الله آهيان زبردست ۽ حڪمت وارو
— ڊاڪٽر عابد لغاريوَاَلْقِ عَصَاكَ ۭ فَلَمَّا رَاٰهَا تَهْتَزُّ كَاَنَّهَا جَاۗنٌّ وَّلّٰى مُدْبِرًا وَّلَمْ يُعَقِّبْ ۭ يٰمُوْسٰي لَا تَخَفْ ۣ اِنِّىْ لَا يَخَافُ لَدَيَّ الْمُرْسَلُوْنَ ڰ 10
۽ اڇل تون پنهنجي لٺ کي، جڏهن هن (موسيٰ) ڏٺو ته اها لٺ نانگ وانگر وٽجي رهي آهي ته پٺي ڏئي ڀڳو، ۽ پوئتي مڙي به نه ڏٺائين. اي موسيٰ ڊڄ نه، بيشڪ منهنجي حضور ۾ ڊڄندا نه آهن رسول
— ڊاڪٽر عابد لغارياِلَّا مَنْ ظَلَمَ ثُـمَّ بَدَّلَ حُسْـنًۢا بَعْدَ سُوْۗءٍ فَاِنِّىْ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ 11
سواءِ ان جي ته ڪنهن قصور ڪيو هجي پوءِ جي هن ڀلائي سان پنهنجو عمل بدليو ته آئون معاف ڪندڙ مهربان آهيان
— ڊاڪٽر عابد لغاريوَاَدْخِلْ يَدَكَ فِيْ جَيْبِكَ تَخْرُجْ بَيْضَاۗءَ مِنْ غَيْرِ سُوْۗءٍ ۣ فِيْ تِسْعِ اٰيٰتٍ اِلٰى فِرْعَوْنَ وَقَوْمِهٖ ۭ اِنَّهُمْ كَانُوْا قَوْمًا فٰسِقِيْنَ 12
۽ وجهه پنهنجو هٿ پنهنجي بغل ۾، چمڪندو نڪرندو بنا ڪنهن تڪليف جي، اهي ٻه نشانيون آهن نون نشانين مان، اهي فرعون ۽ سندس قوم ڏي کڻي وڃ، اهي (ماڻهو) وڏا بدڪار آهن
— ڊاڪٽر عابد لغاريفَلَمَّا جَاۗءَتْهُمْ اٰيٰتُنَا مُبْصِرَةً قَالُوْا ھٰذَا سِحْرٌ مُّبِيْنٌ ۚ13
پوءِ جڏهن اسان جون چٽيون نشانيون انهن جي آڏو آيون ته انهن چيو، هي ته سڌو سنئون جادو آهي
— ڊاڪٽر عابد لغاريوَجَحَدُوْا بِهَا وَاسْتَيْقَنَتْهَآ اَنْفُسُهُمْ ظُلْمًا وَّعُلُوًّا ۭ فَانْظُرْ كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الْمُفْسِدِيْنَ ۧ14
۽ انهن انڪار ڪيو انهن نشانين جو وڏائيءَ سان، جڏهن ته سندن دلين انهن کي مڃي ورتو هو، پوءِ ڏسو ته پڇاڙي ڪهڙي ٿي انهن فسادين جي
— ڊاڪٽر عابد لغاريوَلَقَدْ اٰتَيْنَا دَاوٗدَ وَسُلَيْمٰنَ عِلْمًا ۚ وَقَالَا الْـحَمْدُ لِلّٰهِ الَّذِيْ فَضَّلَنَا عَلٰي كَثِيْرٍ مِّنْ عِبَادِهِ الْمُؤْمِنِيْنَ 15
۽ (ٻئي طرف) اسان عطا ڪيو دائود ۽ سليمان کي علم، ۽ انهن چيو ته شڪر آهي ان الله جو، جنهن اسان کي فضيلت ڏني ڪيترن ئي پنهنجن مؤمن ٻانهن تي
— ڊاڪٽر عابد لغاريوَوَرِثَ سُلَيْمٰنُ دَاوٗدَ وَقَالَ يٰٓاَيُّهَا النَّاسُ عُلِّمْنَا مَنْطِقَ الطَّيْرِ وَاُوْتِيْنَا مِنْ كُلِّ شَيْءٍ ۭ اِنَّ ھٰذَا لَهُوَ الْفَضْلُ الْمُبِيْنُ 16
۽ وارث ٿيو سليمان دائود جو، ۽ هن چيو، اي انسانؤ! اسان کي سيکاريون ويون آهن پکين جون ٻوليون ۽ عطا ڪيون ويون آهن ڪيتريون ئي شيون، بيشڪ هي (الله جو) فضل آهي پڌرو (سڌو سنئون)
— ڊاڪٽر عابد لغاريوَحُشِرَ لِسُلَيْمٰنَ جُنُوْدُهٗ مِنَ الْجِنِّ وَالْاِنْسِ وَالطَّيْرِ فَهُمْ يُوْزَعُوْنَ 17
۽ گڏ ڪيا ويا هئا سليمان جي لاءِ لشڪر جنن ۽ انسانن ۽ پکين جا، ۽ اهي پوري ضبط ۾ رکيا ويا
— ڊاڪٽر عابد لغاريحَتّىٰٓ اِذَآ اَتَوْا عَلٰي وَادِ النَّمْلِ ۙ قَالَتْ نَمْــلَةٌ يّـٰٓاَيُّهَا النَّمْلُ ادْخُلُوْا مَسٰكِنَكُمْ ۚ لَا يَحْطِمَنَّكُمْ سُلَيْمٰنُ وَجُنُوْدُهٗ ۙ وَهُمْ لَا يَشْعُرُوْنَ 18
(هڪ ڀيري هو انهن سان گڏ پئي ويو) جڏهن اهي وادي ڪيولين جي ۾ پهتا، ته هڪ ڪيولي چيو، اي ڪيوليؤ! گِهڙي وڃو پنهنجي ٻرن ۾، ڪٿي ائين نه ٿئي جو سليمان ۽ سندس لشڪر توهان کي لتاڙي ۽ کين پتو به نه پوي
— ڊاڪٽر عابد لغاريفَتَبَسَّمَ ضَاحِكًا مِّنْ قَوْلِهَا وَقَالَ رَبِّ اَوْزِعْنِيْٓ اَنْ اَشْكُرَ نِعْمَتَكَ الَّتِيْٓ اَنْعَمْتَ عَلَيَّ وَعَلٰي وَالِدَيَّ وَاَنْ اَعْمَلَ صَالِحًا تَرْضٰىهُ وَاَدْخِلْنِيْ بِرَحْمَتِكَ فِيْ عِبَادِكَ الصّٰلِحِيْنَ 19
پوءِ کلي ڏنو (سليمان) انهن جي ڳالهه تي ۽ چيو، اي منهنجا رب! مون کي قابو ۾ رک، جو آئون شڪر ادا ڪندو رهان تنهنجي هن نعمت جو، جيڪو تو مون تي ۽ منهنجي والدين تي ڪيو آهي ۽ اهڙو نيڪ عمل ڪيان جيڪو توکي وڻي ۽ مون کي داخل ڪر پنهنجي رحمت سان پنهنجي صالح ٻانهن ۾
— ڊاڪٽر عابد لغاريوَتَفَقَّدَ الطَّيْرَ فَقَالَ مَا لِيَ لَآ اَرَى الْهُدْهُدَ ڮ اَمْ كَانَ مِنَ الْغَاۗىِٕـبِيْنَ 20
(هڪ ٻئي موقعي تي) ۽ جائزو ورتو پکين جو پوءِ (سليمان) چيو، ڇا ڳالهه آهي جو آئون هدهد کي نه پيو ڏسان، ڇا اهو ڪٿي غائب ٿي ويو آهي؟
— ڊاڪٽر عابد لغاري