019 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 98 آيتون ۽ 6 رڪوع آھن
سنڌي قرآن
مُترجم: ڊاڪٽر عابد لغاري
كۗهٰيٰعۗصۗ ڗ 1
ڪ،هه،ي،ع،ص
— ڊاڪٽر عابد لغاريذِكْرُ رَحْمَتِ رَبِّكَ عَبْدَهٗ زَكَرِيَّا ڻ 2
بيان آهي ان ٻاجهه جو، جيڪا تنهنجي رب پنهنجي بندي زڪريا تي ڪئي
— ڊاڪٽر عابد لغارياِذْ نَادٰى رَبَّهٗ نِدَاۗءً خَفِيًّا 3
جڏهن هن پڪاريو پنهنجي رب کي چپ چاپ ۾
— ڊاڪٽر عابد لغاريقَالَ رَبِّ اِنِّىْ وَهَنَ الْعَظْمُ مِنِّيْ وَاشْتَعَلَ الرَّاْسُ شَيْبًا وَّلَمْ اَكُنْۢ بِدُعَاۗىِٕكَ رَبِّ شَقِيًّا 4
هن عرض ڪيو، ”اي منهنجا رب! منهنجا ته هڏ به ڳري ويا آهن ۽ پوڙهائپ جي ڪري منهنجو مٿو به اڇو ٿي ويو آهي ۽ اي منهنجا پالڻهار! آئون توکان دعا گهرڻ بعد نامراد نه رهيو آهيان
— ڊاڪٽر عابد لغاريوَاِنِّىْ خِفْتُ الْمَوَالِيَ مِنْ وَّرَاۗءِيْ وَكَانَتِ امْرَاَتِيْ عَاقِرًا فَهَبْ لِيْ مِنْ لَّدُنْكَ وَلِيًّا 5ۙ
۽ مون کي پنهنجي پويان پنهنجي مائٽن جي مداين جو ڊپ آهي ۽ منهنجي زال آهي سَنڍ، تنهنڪري تون مون کي خاص فضل سان هڪ وارث عطا ڪر
— ڊاڪٽر عابد لغارييَّرِثُنِيْ وَيَرِثُ مِنْ اٰلِ يَعْقُوْبَ ڰ وَاجْعَلْهُ رَبِّ رَضِيًّا 6
جيڪو وارث ٿئي منهنجو ۽ وارث بڻجي آلِ يعقوب جو، ۽ اي رب! بڻاءِ ان کي وڻندڙ انسان“
— ڊاڪٽر عابد لغارييٰزَكَرِيَّآ اِنَّا نُبَشِّرُكَ بِغُلٰمِ ۨاسْمُهٗ يَحْــيٰى ۙ لَمْ نَجْعَلْ لَّهٗ مِنْ قَبْلُ سَمِيًّا 7
(رب فرمايو) ”اي زڪريا! اسان خوشخبري توکي ڏيون ٿا هڪ ڇوڪر جي، جنهن جو نالو يحيٰ هوندو، پئدا نه ڪيو آهي انهيءَ نالي وارو هن کان اڳ ۾“
— ڊاڪٽر عابد لغاريقَالَ رَبِّ اَنّٰى يَكُوْنُ لِيْ غُلٰمٌ وَّكَانَتِ امْرَاَتِيْ عَاقِرًا وَّقَدْ بَلَغْتُ مِنَ الْكِبَرِ عِتِيًّا 8
(عرض ڪيائين) منهنجا پالڻهار! ڀلا مون کي ڪيئن پٽ ٿيندو جڏهن ته منهنجي زال سَنڍ آهي، ۽ آئون ٿي ويو آهيان جهور پوڙهو
— ڊاڪٽر عابد لغاريقَالَ كَذٰلِكَ ۚ قَالَ رَبُّكَ هُوَ عَلَيَّ هَيِّنٌ وَّقَدْ خَلَقْتُكَ مِنْ قَبْلُ وَلَمْ تَكُ شَـيْـــــًٔـا 9
جواب مليو، ”ائين ئي ٿيندو جيئن تنهنجي رب فرمايو ته اها مون لاءِ معمولي ڳالهه آهي، ۽ آخر هن کان پهرين توکي پيدا ڪيم جڏهن ته تون ڪابه شيءِ نه هئين
— ڊاڪٽر عابد لغاريقَالَ رَبِّ اجْعَلْ لِّيْٓ اٰيَةً ۭ قَالَ اٰيَتُكَ اَلَّا تُكَلِّمَ النَّاسَ ثَلٰثَ لَيَالٍ سَوِيًّا ١0
(زڪريا) چيو، پالڻهار! مقرر ڪر مون لاءِ ڪا نشاني، فرمايو ويو، تو لاءِ نشاني هيءَ آهي ته، ڳالهائي نه سگهندين ماڻهن سان ٽن ڏينهن تائين لڳاتار
— ڊاڪٽر عابد لغاريفَخَرَجَ عَلٰي قَوْمِهٖ مِنَ الْمِحْرَابِ فَاَوْحٰٓى اِلَيْهِمْ اَنْ سَبِّحُوْا بُكْرَةً وَّعَشِـيًّا 11
پوءِ هو نڪري آيو قوم جي سامهون محراب مان، ۽ اشارو ڪيو انهن کي ته اهي پاڪائي بيان ڪن الله جي ۽ صبح شام
— ڊاڪٽر عابد لغارييٰــيَحْـيٰى خُذِ الْكِتٰبَ بِقُوَّةٍ ۭ وَاٰتَيْنٰهُ الْحُكْمَ صَبِيًّا ۙ12
اي يحييٰ! خدا جي ڪتاب کي مضبوطيءَ سان وٺ، ۽ اسان کيس نوازيو حڪم سان ننڍپڻ کان ئي
— ڊاڪٽر عابد لغاريوَّحَنَانًا مِّنْ لَّدُنَّا وَزَكٰوةً ۭ وَكَانَ تَقِيًّا ۙ13
۽ پنهنجي طرفان نرم دليءَ سان گڏ پاڪائي عطا ڪئي، ۽ هو ڏاڍو پرهيزگار هو
— ڊاڪٽر عابد لغاريوَّځ ابِوَالِدَيْهِ وَلَمْ يَكُنْ جَبَّارًا عَصِيًّا ١4
۽ حق سڃاڻندڙ هو پنهنجي والدين جو، ۽ هو نه هٺيلو هو ۽ نه نافرمان هو
— ڊاڪٽر عابد لغاريوَسَلٰمٌ عَلَيْهِ يَوْمَ وُلِدَ وَيَوْمَ يَمُوْتُ وَيَوْمَ يُـبْعَثُ حَيًّا ۧ15
۽ سلام ان تي هجي جنهن ڏينهن اهو ڄائو ۽ جنهن ڏينهن اهو مئو ۽ جنهن ڏينهن اهو اٿاريو ويندو جيئرو ڪري
— ڊاڪٽر عابد لغاريوَاذْكُرْ فِى الْكِتٰبِ مَرْيَـمَ ۘاِذِ انْتَبَذَتْ مِنْ اَهْلِهَا مَكَانًا شَرْقِيًّا ۙ16
۽ (اي نبيؐ،) بيان ڪر هن ڪتاب ۾ مريم جو حال، جڏهن اها ڌار ٿي پنهنجي ماڻهن کان هڪ هنڌ اوڀر طرف ويهي رهي هئي
— ڊاڪٽر عابد لغاريفَاتَّخَذَتْ مِنْ دُوْنِهِمْ حِجَابًا ڨ فَاَرْسَلْنَآ اِلَيْهَا رُوْحَنَا فَتَمَثَّلَ لَهَا بَشَرًا سَوِيًّا 17
۽ اها پردو وجهي کانئن لڪي ويٺي هئي، ان حالت ۾ اسان موڪليو وٽس پنهنجي روح (فرشتي کي) ۽ اهو هن جي آڏو انسان جي صورت ۾ ظاهر ٿيو
— ڊاڪٽر عابد لغاريقَالَتْ اِنِّىْٓ اَعُوْذُ بِالرَّحْمٰنِ مِنْكَ اِنْ كُنْتَ تَقِيًّا 18
مريم چيو، آئون پناهه ٿي گهران الله رحمان جي توکان، جي تون ڪو خدا ترس ماڻهو آهين
— ڊاڪٽر عابد لغاريقَالَ اِنَّـمَآ اَنَا رَسُوْلُ رَبِّكِ ڰ لِاَهَبَ لَكِ غُلٰمًا زَكِيًّا 19
هن چيو، بيشڪ آئون ته تنهنجي پالڻهار جو موڪليل آهيان، ته توکي هڪ پاڪيزه نينگر بخشيان
— ڊاڪٽر عابد لغاريقَالَتْ اَنّٰى يَكُوْنُ لِيْ غُلٰمٌ وَّلَمْ يَمْسَسْنِيْ بَشَرٌ وَّلَمْ اَكُ بَغِيًّا 20
مريم چيو، مون کي ڪيئن ٿيندو ڪو ٻار، جڏهن ته مون کي ڪنهن به ڇهيو نه آهي انسان ۽ نه آئون ڪا بدڪار عورت آهيان
— ڊاڪٽر عابد لغاري