018 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 110 آيتون ۽ 12 رڪوع آھن
سنڌي قرآن
مُترجم: ڊاڪٽر عابد لغاري
اَلْـحَمْدُ لِلّٰهِ الَّذِيْٓ اَنْزَلَ عَلٰي عَبْدِهِ الْكِتٰبَ وَلَمْ يَجْعَلْ لَّهٗ عِوَجًا ڸ 1
سڀڪا ساراهه الله جي لاءِ آهي جنهن نازل ڪيو پنهنجي ٻانهي تي هي ڪتاب (قرآن) ۽ ان ۾ ڪوبه ڏِنگ ناهي رکيو
— ڊاڪٽر عابد لغاريقَـيِّمًا لِّيُنْذِرَ بَاْسًا شَدِيْدًا مِّنْ لَّدُنْهُ وَيُبَشِّرَ الْمُؤْمِنِيْنَ الَّذِيْنَ يَعْمَلُوْنَ الصّٰلِحٰتِ اَنَّ لَهُمْ اَجْرًا حَسَـنًا 2ۙ
سڌي سنئين صحيح ڳالهه چوڻ وارو (ڪتاب)، جيئن ماڻهن کي خدا جي سخت عذاب کان خبردار ڪري ۽ خوشخبري ڏئي ايمان آڻڻ وارن نيڪ عمل ڪندڙ ماڻهن کي ته بيشڪ انهن جي لاءِ سٺو اجر آهي
— ڊاڪٽر عابد لغاريمَّاكِثِيْنَ فِيْهِ اَبَدًا 3ۙ
جتي اهي هميشه رهندا
— ڊاڪٽر عابد لغاريوَّيُنْذِرَ الَّذِيْنَ قَالُوا اتَّخَذَ اللّٰهُ وَلَدًا 4ۤ
۽ ڊيڄاري انهن ماڻهن کي جيڪي چون ٿا ته ورتو آهي الله ڪنهن کي پٽيلو ڪري
— ڊاڪٽر عابد لغاريمَا لَهُمْ بِهٖ مِنْ عِلْمٍ وَّلَا لِاٰبَاۗىِٕهِمْ ۭ كَبُرَتْ كَلِمَةً تَخْرُجُ مِنْ اَفْوَاهِهِمْ ۭ اِنْ يَّقُوْلُوْنَ اِلَّا كَذِبًا 5
نه انهن کي ان ڳالهه جو علم آهي ۽ نه سندن ابن ڏاڏن کي هو، وڏي ڳالهه اها جيڪا نڪري ٿي سندن واتان، اهي ته بڪن ٿا نسورو ڪوڙ
— ڊاڪٽر عابد لغاريفَلَعَلَّكَ بَاخِعٌ نَّفْسَكَ عَلٰٓي اٰثَارِهِمْ اِنْ لَّمْ يُؤْمِنُوْا بِهٰذَا الْحَدِيْثِ اَسَفًا 6
(چڱو اي نبي!) شايد تون انهن جي پويان غم ۾ جان وڃائڻ وارو آهين پنهنجي، جي هنن ايمان نه آندو هن تعليم تي افسوس ڪندي
— ڊاڪٽر عابد لغارياِنَّا جَعَلْنَا مَا عَلَي الْاَرْضِ زِيْنَةً لَّهَا لِنَبْلُوَهُمْ اَيُّهُمْ اَحْسَنُ عَمَلًا 7
(حقيقت هيءَ آهي ته) بيشڪ اسان هن زمين تي آندو آهي ساز وسامان زينت وارو ته جيئن انهن ماڻهن کي آزمايون ته ڪير آهن سٺا عمل ڪرڻ وارا
— ڊاڪٽر عابد لغاريوَاِنَّا لَجٰعِلُوْنَ مَا عَلَيْهَا صَعِيْدًا جُرُزًا 8ۭ
۽ حقيقت ۾ اسين بنائڻ وارا آهيون سڀني کي صاف سٿرو ميدان
— ڊاڪٽر عابد لغارياَمْ حَسِبْتَ اَنَّ اَصْحٰبَ الْكَهْفِ وَالرَّقِيْمِ ۙ كَانُوْا مِنْ اٰيٰتِنَا عَجَبًا 9
ڇا تون سمجهين ٿو ته اهي غار ۽ ڪتي وارا (ماڻهو) اسان جي ڪن وڏين نشانين مان عجيب هئا؟
— ڊاڪٽر عابد لغارياِذْ اَوَى الْفِتْيَةُ اِلَى الْكَهْفِ فَقَالُوْا رَبَّنَآ اٰتِنَا مِنْ لَّدُنْكَ رَحْـمَةً وَّهَيِّئْ لَنَا مِنْ اَمْرِنَا رَشَدًا 10
جڏهن ڪن نوجوانن غار ۾ پناهه ورتي ۽ انهن چيو ته، اي پالڻهار! اسان کي نواز پنهنجي خاص رحمت سان ۽ اسان جي معاملي کي سهڻو ڪرڻ فرماءِ
— ڊاڪٽر عابد لغاريفَضَرَبْنَا عَلٰٓي اٰذَانِهِمْ فِي الْكَهْفِ سِنِيْنَ عَدَدًا ۙ11
ته اسان انهن کي ٿپڪي ڏئي انهيءَ غار ۾ گَهري ننڊ ۾ سمهاريو ڪيترا ئي سال
— ڊاڪٽر عابد لغاريثُـمَّ بَعَثْنٰهُمْ لِنَعْلَمَ اَيُّ الْحِزْبَيْنِ اَحْصٰى لِمَا لَبِثُوْٓا اَمَدًا ۧ12
پوءِ اسان کين اٿاريو جيئن ڏسون ته انهن جي ٻن ٽولن مان ڪير پنهنجي رهڻ جي مدت جو ٺيڪ اندازو ٿو لڳائي
— ڊاڪٽر عابد لغارينَـحْنُ نَقُصُّ عَلَيْكَ نَبَاَهُمْ بِالْـحَقِّ ۭ اِنَّهُمْ فِتْيَةٌ اٰمَنُوْا بِرَبِّهِمْ وَزِدْنٰهُمْ هُدًى ڰ 13
اسان انهن جو اصلي قصو توکي ٻڌايون ٿا حقيقت سان، اهي ڪي نوجوان هئا جن ايمان آندو هو پنهنجي رب تي ۽ اسان کين ڏني هئي هدايت
— ڊاڪٽر عابد لغاريوَّرَبَطْنَا عَلٰي قُلُوْبِهِمْ اِذْ قَامُوْا فَقَالُوْا رَبُّنَا رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ لَنْ نَّدْعُوَا۟ مِنْ دُوْنِهٖٓ اِلٰـهًا لَّقَدْ قُلْنَآ اِذًا شَطَطًا 14
۽ اسان مضبوط ڪيو سندن دلين کي جڏهن اهي اٿيا، ۽ اعلان ڪيائون ته، اسان جو پالڻهار ته اهو ئي آهي جيڪو آسمانن ۽ زمين جو رب آهي، نه پڪارينداسين اسان ان کي ڇڏي ڪنهن ٻئي خدا کي، جي اسان ائين ڪريون ته اجائي ڳالهه ڪنداسين
— ڊاڪٽر عابد لغاريهٰٓؤُلَاۗءِ قَوْمُنَا اتَّخَذُوْا مِنْ دُوْنِهٖٓ اٰلِهَةً ۭ لَوْلَا يَاْتُوْنَ عَلَيْهِمْ بِسُلْطٰنٍۢ بَيِّنٍ ۭ فَـمَنْ اَظْلَمُ مِـمَّنِ افْتَرٰى عَلَي اللّٰهِ كَذِبًا ۭ15
(انهن هڪٻئي کي چيو) هي اسان جي قوم ته ربِ ڪائنات کي ڇڏي ٻيا خدا بنائي ويٺي آهي ۽ ماڻهو پنهنجي عقيدي تي ڪو پڌرو دليل ڇو نٿا آڻين؟ آخر ان شخص کان وڌيڪ ظالم ٻيو ڪير ٿي سگهي ٿو جيڪو الله تي به ڪوڙ ٺاهي؟
— ڊاڪٽر عابد لغاريوَاِذِ اعْتَزَلْتُمُوْهُمْ وَمَا يَعْبُدُوْنَ اِلَّا اللّٰهَ فَاْوٗا ٓ اِلَى الْكَهْفِ يَنْشُرْ لَكُمْ رَبُّكُمْ مِّنْ رَّحْمَتِهٖ وَيُهَــيِّئْ لَكُمْ مِّنْ اَمْرِكُمْ مِّرْفَقًا 16
۽ هاڻي جڏهن ته توهان انهن کان ۽ الله کان سواءِ ٻين خدائن کان بي تعلق ٿي ويا آهيو ته هاڻي هلو ته فلاڻي غار ۾ هلي پناهه وٺون، توهان جو پالڻهار توهان تي ٻاجهه ڪندو پنهنجي ۽ توهان جي ڪم لاءِ ڪو نه ڪو ساز و سامان حوالي ڪندو
— ڊاڪٽر عابد لغاريوَتَرَى الشَّمْسَ اِذَا طَلَعَتْ تَّزٰوَرُ عَنْ كَهْفِهِمْ ذَاتَ الْيَمِيْنِ وَاِذَا غَرَبَتْ تَّقْرِضُهُمْ ذَاتَ الشِّمَالِ وَهُمْ فِيْ فَجْــوَةٍ مِّنْهُ ۭ ذٰلِكَ مِنْ اٰيٰتِ اللّٰهِ ۭ مَنْ يَّهْدِ اللّٰهُ فَهُوَ الْمُهْتَدِ ۚ وَمَنْ يُّضْلِلْ فَلَنْ تَـجِدَ لَهٗ وَلِيًّا مُّرْشِدًا ۧ17
۽ تون ڏسين جي انهن کي ته سج جڏهن نڪرندو آهي ته سندن غار کي ڇڏي ساڄي پاسي چڙهندو آهي ۽ جڏهن لهندو آهي ته انهن کان پاسو ڪري کاٻي پاسي لهندو آهي ۽ اهي آهن جيڪي هڪ ڪشادي جاءِ (غار) ۾ پيل آهن، هي الله جي نشانين مان هڪ آهي، جنهن کي الله هدايت ڏئي اهو ئي هدايت وارو آهي ۽ جنهن کي گمراهه ڪري تنهن لاءِ تون ڪوبه نه ڏسندين دوست ۽ مرشد (رهبر)
— ڊاڪٽر عابد لغاريوَتَحْسَبُهُمْ اَيْقَاظًا وَّهُمْ رُقُوْدٌ ڰ وَّنُقَلِّبُهُمْ ذَاتَ الْيَمِيْنِ وَذَاتَ الشِّمَالِ ڰ وَكَلْبُهُمْ بَاسِطٌ ذِرَاعَيْهِ بِالْوَصِيْدِ ۭ لَوِ اطَّلَعْتَ عَلَيْهِمْ لَوَلَّيْتَ مِنْهُمْ فِرَارًا وَّلَمُلِئْتَ مِنْهُمْ رُعْبًا 18
۽ تون انهن کي ڏسي ڀانئين ها ته اهي جاڳن پيا، جڏهن ته اهي ستل هئا، اسان انهن جا ساڄي کاٻي پاسا بدلائيندا رهياسين ۽ انهن جو ڪتو غار جي منهن تي هٿ ڊگهيريو ويٺو هو، جيڪڏهن تون جهاتي پائي کين ڏسين ها ته پوئين پيرين ڀڄين ها ۽ توتي انهن جي نظاري جي دهشت ويهي وڃي ها
— ڊاڪٽر عابد لغاريوَكَذٰلِكَ بَعَثْنٰهُمْ لِيَتَسَاۗءَلُوْا بَيْنَهُمْ ۭ قَالَ قَاۗىِٕلٌ مِّنْهُمْ كَمْ لَبِثْتُمْ ۭ قَالُوْا لَبِثْنَا يَوْمًا اَوْ بَعْضَ يَوْمٍ ۭ قَالُوْا رَبُّكُمْ اَعْلَمُ بِـمَا لَبِثْتُمْ ۭ فَابْعَثُوْٓا اَحَدَكُمْ بِوَرِقِكُمْ هٰذِهٖٓ اِلَى الْمَدِيْنَةِ فَلْيَنْظُرْ اَيُّهَآ اَزْكٰى طَعَامًا فَلْيَاْتِكُمْ بِرِزْقٍ مِّنْهُ وَلْيَتَلَطَّفْ وَلَا يُشْعِرَنَّ بِكُمْ اَحَدًا 19
۽ انهيءَ عجيب ڪرشمي مان اسان کين اٿاري ويهاريو، جيئن پاڻ ۾ سوال جواب ڪن. انهن مان هڪ پڇيو، ٻڌايو ڪيتري دير هن حال ۾ هئاسين؟ ٻين چيو، شايد سارو ڏينهن يا ٿورو ان کان به گهٽ ڏينهن جو حصو. وري انهن چيو، توهان جو رب چڱيءَ ريت ڄاڻي ٿو ته اسان ڪيترو وقت ائين گذاريو، چڱو هاڻي پاڻ مان ڪنهن کي چانديءَ جو هي سڪو ڏئي شهر موڪليون ۽ اهو ڏسي ته سڀ کان سٺو کاڌو ڪٿي ٿو ملي، اتان هو ڪجهه کائڻ لاءِ آڻي ۽ کيس جڳائي ته هوشياري کان ڪم وٺي جيئن ڪنهن کي اسان بابت خبردار نه ڪري ويهي
— ڊاڪٽر عابد لغارياِنَّهُمْ اِنْ يَّظْهَرُوْا عَلَيْكُمْ يَرْجُمُوْكُمْ اَوْ يُعِيْدُوْكُمْ فِيْ مِلَّتِهِمْ وَلَنْ تُفْلِحُوْٓا اِذًا اَبَدًا 20
جي اسان سندن ور چڙهي وياسين ته اسان کي سنگسار ڪندا يا وري زوري اسان کي پنهنجي دين ۾ موٽائيندا ۽ ائين ٿيو ته اسان ڪڏهن به ڪاميابي نه ماڻينداسين
— ڊاڪٽر عابد لغاري