012 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 111 آيتون ۽ 12 رڪوع آھن
سنڌي قرآن
مُترجم: ڊاڪٽر عابد لغاري
الۗرٰ ۣ تِلْكَ اٰيٰتُ الْكِتٰبِ الْمُبِيْنِ 1ۣ
ا-ل-ر هي آيتون آهن ان ڪتاب جون جيڪي پنهنجو مطلب صاف بيان ڪن ٿيون
— ڊاڪٽر عابد لغارياِنَّآ اَنْزَلْنٰهُ قُرْءٰنًا عَرَبِيًّا لَّعَلَّكُمْ تَعْقِلُوْنَ 2
اسان نازل ڪيو آهي ان کي قرآن بڻائي عربي زبان ۾ جيئن توهان (عرب) ان کي چڱيءَ طرح سمجهي سگهو
— ڊاڪٽر عابد لغارينَـحْنُ نَقُصُّ عَلَيْكَ اَحْسَنَ الْقَصَصِ بِـمَآ اَوْحَيْنَآ اِلَيْكَ ھٰذَا الْقُرْاٰنَ ڰ وَاِنْ كُنْتَ مِنْ قَبْلِهٖ لَمِنَ الْغٰفِلِيْنَ 3
(اي نبي!) اسان سهڻي انداز ۾ بيان ڪريون ٿا واقعا ۽ حقيقتون تو ڏانهن وحي ڪري توکي ٻڌايون ٿا هن قرآن ۾، نه ته هن کان اڳ ۾ تون (انهن ڳالهين کان) بلڪل ئي بي خبر هئين
— ڊاڪٽر عابد لغارياِذْ قَالَ يُوْسُفُ لِاَبِيْهِ يٰٓاَبَتِ اِنِّىْ رَاَيْتُ اَحَدَ عَشَرَ كَوْكَبًا وَّالشَّمْسَ وَالْقَمَرَ رَاَيْتُهُمْ لِيْ سٰجِدِيْنَ 4
هي ان وقت جي ڳالهه آهي جڏهن يوسف پنهنجي پيءُ کي چيو ته، اي منهنجا پيءُ! بيشڪ مون هڪ خواب ڏٺو آهي ته يارهن تارا آهن ۽ سج ۽ چنڊ آهن اهي مون کي سجدو ڪري رهيا آهن
— ڊاڪٽر عابد لغاريقَالَ يٰبُنَيَّ لَا تَقْصُصْ رُءْيَاكَ عَلٰٓي اِخْوَتِكَ فَيَكِيْدُوْا لَكَ كَيْدًا ۭ اِنَّ الشَّيْطٰنَ لِلْاِنْسَانِ عَدُوٌّ مُّبِيْنٌ 5
جواب ۾ (سندس پيءُ) چيو: اي پٽڙا! نه ٻڌائجان اهو خواب پنهنجي ڀائرن کي، نه ته اهي توکي ستائڻ لاءِ پٺيان پئجي ويندا. حقيقت هيءَ آهي ته شيطان انسان جو دشمن آهي بلڪل ئي پڌرو
— ڊاڪٽر عابد لغاريوَكَذٰلِكَ يَجْتَبِيْكَ رَبُّكَ وَيُعَلِّمُكَ مِنْ تَاْوِيْلِ الْاَحَادِيْثِ وَيُـــتِمُّ نِعْمَتَهٗ عَلَيْكَ وَعَلٰٓي اٰلِ يَعْقُوْبَ كَـمَآ اَتَمَّــهَا عَلٰٓي اَبَوَيْكَ مِنْ قَبْلُ اِبْرٰهِيْمَ وَاِسْـحٰقَ ۭ اِنَّ رَبَّكَ عَلِيْمٌ حَكِيْمٌ 6ۧ
۽ ائين ئي ٿيندو (جيئن تو خواب ۾ ڏٺو آهي) ته تنهنجو رب توکي (پنهنجي ڪم لاءِ) چونڊيندو ۽ توکي ڳالهين جي تهن تائين پهچڻ سيکاريندو ۽ توتي پنهنجي نعمت ۽ يعقوب جي اولاد تي اهڙيءَ طرح پوري ڪندو جيئن هن کان اڳي تنهنجي وڏن ابراهيم ۽ اسحاق تي ڪري چڪو آهي، بيشڪ تنهنجو رب ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي
— ڊاڪٽر عابد لغاريلَقَدْ كَانَ فِيْ يُوْسُفَ وَاِخْوَتِهٖٓ اٰيٰتٌ لِّلسَّاۗىِٕلِيْنَ 7
حقيقت هيءَ آهي ته يوسف ۽ سندس ڀائرن جي قصي ۾ نشانيون آهن پڇڻ وارن لاءِ
— ڊاڪٽر عابد لغارياِذْ قَالُوْا لَيُوْسُفُ وَاَخُوْهُ اَحَبُّ اِلٰٓي اَبِيْنَا مِنَّا وَنَـحْنُ عُصْبَةٌ ۭ اِنَّ اَبَانَا لَفِيْ ضَلٰلٍ مُّبِيْنِ ښ 8
(قصو هينئن آهي ته) جڏهن سندس ڀائرن چيو ته يوسف ۽ سندس ڀاءُ ٻئي ڏاڍا پيارا آهن ابي کي اسان سڀني کان، ۽ جڏهن ته اسان هڪ ٽولو آهيون. سچي ڳالهه هيءَ آهي ته بابو ٿڙي ويو آهي سنئين راهه کان
— ڊاڪٽر عابد لغاريۨاقْــتُلُوْا يُوْسُفَ اَوِ اطْرَحُوْهُ اَرْضًا يَّخْلُ لَكُمْ وَجْهُ اَبِيْكُمْ وَتَكُوْنُوْا مِنْۢ بَعْدِهٖ قَوْمًا صٰلِحِيْنَ 9
قتل ڪيون يوسف کي يا کيس ڪٿي ڦٽو ڪريون جيئن بابي جو توجهه توهان ڏي وري ٿي وڃي، ۽ اهو ڪم ڪرڻ کان پوءِ وري (اڳي وانگر) سٺا ٿي رهون
— ڊاڪٽر عابد لغاريقَالَ قَاۗىِٕلٌ مِّنْهُمْ لَا تَـقْتُلُوْا يُوْسُفَ وَاَلْقُوْهُ فِيْ غَيٰبَتِ الْجُبِّ يَلْتَقِطْهُ بَعْضُ السَّـيَّارَةِ اِنْ كُنْتُمْ فٰعِلِيْنَ 10
انهن مان هڪ چيو (ٻين کي قائل ڪيو) ته نه ڪريو قتل يوسف کي، اگر ڪجهه ڪرڻو اٿوَ ته پوءِ کيس ڦٽو ڪريو ڪنهن ڦٽل کوهه ۾، ڪو ايندڙ ويندڙ قافلو کيس اتان ڪڍي پاڻ سان وٺي ويندو
— ڊاڪٽر عابد لغاريقَالُوْا يٰٓاَبَانَا مَالَكَ لَا تَاْمَنَّا عَلٰي يُوْسُفَ وَاِنَّا لَهٗ لَنٰصِحُوْنَ 11
انهيءَ رٿ تي انهن پيءُ کي چيو، بابا سائين! ائين ڇو آهي جو تون اسان تي يوسف جي باري ۾ ڀروسو نٿو ڪرين؟ بيشڪ اسين ته خيرخواهه آهيون
— ڊاڪٽر عابد لغارياَرْسِلْهُ مَعَنَا غَدًا يَّرْتَعْ وَيَلْعَبْ وَاِنَّا لَهٗ لَحٰفِظُوْنَ 12
ان کي موڪل ڏي ته سڀاڻي اسان سان گڏ هلي ۽ ڪجهه کائي پيئي ۽ راند روند ڪري، اسين سندس محافظ آهيون
— ڊاڪٽر عابد لغاريقَالَ اِنِّىْ لَيَحْزُنُنِيْٓ اَنْ تَذْهَبُوْا بِهٖ وَاَخَافُ اَنْ يَّاْكُلَهُ الذِّئْبُ وَاَنْتُمْ عَنْهُ غٰفِلُوْنَ 13
پيءُ چيو، بيشڪ مون کي ڏاڍو ڏکيو ٿو ٿئي توهان جو ان کي وٺي وڃڻ، ڊڄان ٿو آئون ته متان ان کي بگهڙ کائي نه وڃي، ۽ جنهن وقت ان کان توهان غافل هجو
— ڊاڪٽر عابد لغاريقَالُوْا لَىِٕنْ اَكَلَهُ الذِّئْبُ وَنَـحْنُ عُصْبَةٌ اِنَّآ اِذًا لَّخٰسِرُوْنَ 14
انهن جواب ڏنو، جي اسان جي هوندي کيس بگهڙ کائي ويو جڏهن ته اسين هڪ چڱو ٽولو آهيون، ته اسان وڏا بيڪار هونداسين
— ڊاڪٽر عابد لغاريفَلَمَّا ذَهَبُوْا بِهٖ وَاَجْمَعُوْٓا اَنْ يَّجْعَلُوْهُ فِيْ غَيٰبَتِ الْجُبِّ ۚ وَاَوْحَيْنَآ اِلَيْهِ لَتُنَبِّئَنَّهُمْ بِاَمْرِهِمْ ھٰذَا وَهُمْ لَا يَشْعُرُوْنَ 15
اهڙيءَ طرح زور ڀري جڏهن هو ان کي پاڻ سان گڏ وٺي ويا ته انهن طئي ڪيو ته کيس هڪ ڦٽل کوهه ۾ وجهن، ته اسان وحي ڪيو (يوسف کي) ته ڪو وقت ايندو جڏهن انهن تي سندن اها حرڪت تون کوليندين، ۽ هي پنهنجي فعل کان اڻڄاڻ آهن
— ڊاڪٽر عابد لغاريوَجَاۗءُوْٓا اَبَاهُمْ عِشَاۗءً يَّبْكُوْنَ ۭ16
۽ اهي آيا پنهنجي پيءُ وٽ سانجهيءَ جو روئيندا پٽيندا
— ڊاڪٽر عابد لغاريقَالُوْا يٰٓاَبَانَآ اِنَّا ذَهَبْنَا نَسْتَبِقُ وَتَرَكْنَا يُوْسُفَ عِنْدَ مَتَاعِنَا فَاَكَلَهُ الذِّئْبُ ۚ وَمَآ اَنْتَ بِـمُؤْمِنٍ لَّنَا وَلَوْ كُنَّا صٰدِقِيْنَ 17
چيائون، اي بابا! اسان ڊوڙ جي مقابلي ۾ لڳي ويا هئاسين ۽ ڇڏيو هوسين يوسف کي پنهنجي سامان وٽ، ته کيس کائي ويو بگهڙ ۽ توهان ته اسان جي ڳالهه تي يقين نه ڪندؤ پوءِ کڻي اسان سچا ئي (ڇو نه) هجون
— ڊاڪٽر عابد لغاريوَجَاۗءُوْ عَلٰي قَمِيْصِهٖ بِدَمٍ كَذِبٍ ۭ قَالَ بَلْ سَوَّلَتْ لَكُمْ اَنْفُسُكُمْ اَمْرًا ۭ فَصَبْرٌ جَمِيْلٌ ۭ وَاللّٰهُ الْمُسْتَعَانُ عَلٰي مَا تَصِفُوْنَ 18
۽ هو لڳائي آيا هئا هن جي قميص تي رت ڪوڙ بدوڙ جو، اهو ٻڌي سندن پيءُ چيو، اصل ۾ سهولت توهان جي لاءِ توهان جي نفس آسان ڪري ڇڏي، پوءِ صبر ڪندس چڱيءَ طرح (جيڪي ڳالهه توهان ٺاهي آهي) ان تي الله کان ئي مدد وٺي سگهجي ٿي
— ڊاڪٽر عابد لغاريوَجَاۗءَتْ سَيَّارَةٌ فَاَرْسَلُوْا وَارِدَهُمْ فَاَدْلٰى دَلْوَهٗ ۭ قَالَ يٰبُشْرٰي ھٰذَا غُلٰمٌ ۭ وَاَسَرُّوْهُ بِضَاعَةً ۭ وَاللّٰهُ عَلِيْمٌۢ بِـمَا يَعْمَلُوْنَ 19
۽ هوڏاهن هڪ قافلو آيو جنهن پنهنجي پاڻي واري کي پاڻي ڀرڻ لاءِ موڪليو، هن کوهه ۾ پنهنجو ڏول لاٿو ته (يوسف کي ڏسي) واڪو ڪري چيو، مبارڪ هجيو! هتي هڪ ڇوڪرو آهي. ۽ انهن کيس واپار جو مال سمجهي لڪائي ڇڏيو. ۽ الله ته ان کان باخبر هو جيڪي ڪجهه هو ڪري رهيا هئا
— ڊاڪٽر عابد لغاريوَشَرَوْهُ بِثَمَنٍۢ بَخْسٍ دَرَاهِمَ مَعْدُوْدَةٍ ۚ وَكَانُوْا فِيْهِ مِنَ الزَّاهِدِيْنَ ۧ20
۽ آخرڪار ٿورڙي قيمت تي هنن کيس چند درهمن ۾ وڪڻي ڇڏيو. هو سندس قيمت جي معاملي ۾ ڪجهه وڌيڪ جي اميد ۾ به نه هئا
— ڊاڪٽر عابد لغاري