100 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 11 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
سنڌي قرآن
مُترجم: ڊاڪٽر عابد لغاري
وَالْعٰدِيٰتِ ضَبْحًا 1ۙ
قسم آهي گهوڙن جو جيڪي ڀڄن ٿا هانباري سان
— ڊاڪٽر عابد لغاريفَالْمُوْرِيٰتِ قَدْحًا 2ۙ
پوءِ سنبن سان ڪڍن ٿا چڻنگون
— ڊاڪٽر عابد لغاريفَالْمُغِيْرٰتِ صُبْحًا 3ۙ
پوءِ ڇاپو هڻن ٿا (لٽندڙن تي) صبح سويري
— ڊاڪٽر عابد لغاريفَاَثَرْنَ بِهٖ نَقْعًا 4ۙ
پوءِ اُڏارين ٿا ان مهل دز کي
— ڊاڪٽر عابد لغاريفَوَسَطْنَ بِهٖ جَمْعًا 5ۙ
پوءِ گِهڙي پون ٿا ان حالت ۾ ڪنهن ميڙ ۾
— ڊاڪٽر عابد لغارياِنَّ الْاِنْسَانَ لِرَبِّهٖ لَكَنُوْدٌ 6ۚ
حقيقت ۾ انسان پنهنجي رب جو وڏو ناشڪرو آهي
— ڊاڪٽر عابد لغاريوَاِنَّهٗ عَلٰي ذٰلِكَ لَشَهِيْدٌ 7ۚ
۽ حقيقت ۾ پاڻ ئي ان تي شاهد آهي
— ڊاڪٽر عابد لغاريوَاِنَّهٗ لِحُبِّ الْخَيْرِ لَشَدِيْدٌ 8ۭ
۽ بيشڪ اهو مال ۽ دولت جي محبت ۾ بري طرح مبتلا آهي
— ڊاڪٽر عابد لغارياَفَلَا يَعْلَمُ اِذَا بُعْثِرَ مَا فِي الْقُبُوْرِ 9ۙ
پوءِ اهو نٿو ڄاڻي ته جڏهن اٿاريا ويندا اهي جيڪي قبرن ۾ (مدفون) آهن
— ڊاڪٽر عابد لغاريوَحُصِّلَ مَا فِي الصُّدُوْرِ ۙ10
۽ پڌرو ڪيو ويندو اهو جيڪي لڪل آهي سينن ۾
— ڊاڪٽر عابد لغارياِنَّ رَبَّهُمْ بِهِمْ يَوْمَىِٕذٍ لَّخَبِيْرٌ ۧ11
بيشڪ انهن جو رب انهن کان ان ڏينهن چڱيءَ طرح واقف هوندو
— ڊاڪٽر عابد لغاري