سنڌي قرآن

مُترجم: ڊاڪٽر عابد لغاري

نامياري محقق ۽ استاد ڊاڪٽر عبدالجبار عابد ولد محب علي لغاريءَ جو جنم 11 مئي 1944ع تي ڳوٺ تاجپور، تعلقي مٽياريءَ ۾ ٿيو. هن پرائمري تعليم ڳوٺ تاجپور، منڱين جي تڙ ۽ ڏيپر/ منصوره (هالا) مان حاصل ڪئي. مـئـٽـرڪ 1962ع ۾ تـعـمـيـر ملـت هـاءِ اسڪـول، ڏيـپـر/ مـنـصـوره (هـالا) مـان، 1965ع ڌاري انـٽـر، گـورنميـنٽ ڪـالـيـج (ڪاري موري) حيدرآباد مان، بي. اي سنڌ يـونيـورسـٽـيءَ مـان 1967ع ۾، ايـم. اي پوليٽيڪل سـائـنـس ۾ سـنڌ يونيورسٽيءَ مان 1973ع ۾، ايم. اي سنڌي 1985ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪرڻ بعد 1989ع ڌاري غـلام مصطـفيٰ قـاسمـيءَ جـي رهنمائـيءَ ۾ ‘تاجپـور جي لغاري خاندان جون علمي ۽ ادبي خدمتون’ جي عنوان تي تحقيقي مقالو لکي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪيائين. کيس شاگرديءَ واري زماني کان ئي درس تدريس سان تمام گهڻو چاهه رهيو. 1960ع ۾ حيدرآباد ضلعي ۾ ‘مجاهد’ نالي لائبرري قائم ڪيائين. 65-1960ع ڌاري شاهه جي رسالي جو ناياب قلمي نسخو (جنهن ۾ سر سهڻيءَ سان رسالي جي ابتدا ٿيل آهي) شاهه ولي الله اورينٽل ڪاليج لائبرري، منصوره، هالا ۾ تحفي طور ڏنو. اهو رسالو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ‘شاهه جو رسالو’ (ڏهه جلد) جي حوالن ۾ منصوره جي رسالي طور ڄاڻايو آهي. ان کان سواءِ به سندس سون جي تعداد ۾ ڪتاب مدرسه جامعة العلوم اسلاميه، منصوره کي عطيي طور ڏنل آهن. پاڻ 1963ع کان 1967ع تائين جامعه عربيه ڪاليج حيدرآباد جو انچارج پڻ رهيو. هن جو ڪيترين ئي ادبي تنظيمن سان واسطو رهيو.پاڻ سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جو سيڪريٽري پڻ رهي چڪو آهي. ان کان سواءِ رهبر ادبي سوسائٽيءَ طرفان سيمينار ۽ ڪانفرنسون به منعقد ڪرائيندو رهيو. ڊاڪٽر عبدالجبار عابد 25 نومبر 2020ع تي وفات ڪئي.

حوالو : انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا