تفھيم القرآن

مُترجم: سيد ابوالاعليٰ مودودي

سيد ابوالاعليٰ مودودي ھڪ پاڪستاني عالم، مسلم فلاسافر، اسلامي اصول قانون جو ماھر، مذھبي ۽ سياسي اڳواڻ ۽ قرآن جو مفسر ھيو. ھن قرآن ، حديث، اسلامي قانون۽ تاريخ تي ڪيترائي بھترين ڪتاب لکيا. ڪافي زبانن ۾ ترجما ٿيا  ھن اسلام کي زندہ رکڻ لاءِ پوري زندگي وقف ڪئي ھن جو يقين ھيو تہ سياست لاءِ اسلام لازمي آھي ۽ شريعت جو نفاذ ۽ اسلامي ثقافت جي حفاظت لازم آھي جن کي سوشلزم، قومپرستي، سيڪيولرزم جي براين کان متاثر ٿيڻ جو خدشو ھيو . 

سید ابوالاعلٰی مودودي جي ابن ڏاڏن ۾ ھڪ بزرگ خواجه قطب الدين مودود مشھور ھيو جيڪو چشتي ھيو ۽ خواجہ معين الدين چشتي اجميري جو شيخ الشيوخ ھيو ان جي ئي خاندان مان ھجڻ ڪري مولانا جو خاندان مودودي سڏجڻ لڳو. 

پاڪستان جي قيام بعد مولانا پاڪستان ھليو آيو ۽ 26 -آگسٽ- 1941ع تي، لاهور ۾ ’جماعت اسلاميءَ‘ جو بنياد وڌائين، -ان- کان پوءِ -پٺاڻ- ڪوٽ وڃي ’دارالاسلام‘ قائم ڪيائين. 1947ع ۾ لاهور پهچي مستقل رهائش اختيار ڪيائين. 1953ع ۾ ختم نبوت جي تحريڪ هلي، ته ڪتاب ’قادياني مسئله‘ لکڻ تي فوجي عدالت کيس موت جي سزا ٻڌائي، اُن فيصلي خلاف وڏا اجتماع ٿيا ۽ جلسا جلوس ڪڍيا ويا. نتيجي طور سندس موت جي سزا، عمر قيد ۾ بدلجي ويئي، تڏهن به -ٽن- سالن جي قيد ڪاٽڻ کان پوءِ، آزاد ٿيو.. مولانا مودوديءَ جي تصنيفن جو تعداد، پنجاهه کان وڌيڪ آهي. دينيات، -تاريخ-، سياسيات، عمرانيات، قانون، ادبيات، معاشيات ۽ حديث جي موضوعن تي لکيل سندس تصنيفون قابلِ ذڪر آهن. سندس قرآن پاڪ جو -تفسير- ’تفهيم القرآن‘ تمام گهڻو مشهور آهي. جنھن کي محترم عبداللہ تونيہ سنڌي ۾ ترجمي طور آندو. هن 25 ڊسمبر 1979ع تي وفات ڪئي.