البُرھان

مُترجم: محمد عثمان ڏيپلائي

ڏيپلائي محمد عثمان

سنڌ جو ناميارو عالم، صحافي، مزاحمتي اديب، ناول نگار، مضمون نويس، نقاد ۽ پبلشر محمد عثمان ڏيپلائي، 13 جون 1908ع تي ٿرپارڪر ضلعي جي ڳوٺ ڏيپلي ۾ هڪ ننڍڙي واپاري حبيب الله ميمڻ جي گهر ۾ ڄائو. 

ڏيپلائي صاحب جو پهريون ڪتاب ’قرآني دعائون‘ 1934ع ۾، سنڌي مسلم ادبي سوسائٽيءَ شايع ڪيو ۽ ان جا چار ايڊيشن ڇپيا. هو مذهبي حوالي کان مولانا مودوديءَ جي اسلامي نظريي کان متاثر هو. هن جي نظر ۾ مولانا مودوديءَ جي نظريي کي عملي صورت وٺائڻ لاءِ پهرئين مرحلي ۾ ’پاڪستان جو حصول‘ ضروري هو، ان ڪري هن پنهنجي تحريرن ۾ پاڪستان جي تائيد ڪئي. 

نون خيالن واري انسان دوست ڏيپلائيءَ پنهنجي مطالعي ۽ مشاهدي کي پڙهندڙن آڏو آڻڻ لاءِ ’اسلاميه دارالاشاعت‘ سان گڏ ’اداره انسانيت‘ قائم ڪيو. 

ڏيپلائي صاحب جي ڇپيل ڪتابن جو تعداد 150 کان مٿي آهي. ان کان سواءِ ڏيپلائي صاحب ڏهاڪو کن درسي ڪتابن ۾ به مواد ڏنو. سڀ کان وڏي خصوصيت، جنهن ڏيپلائيءَ کي امتياز ۽ فوقيت بخشي، سا آهي سندس اوهام پرستيءَ ۽ شرڪ خلاف بغاوت ۽ مسلسل جهاد. سندس طبيعت ۾ اها بغاوت مشهور موحد مبلغن مولانا عبدالرحيم پڇمي ۽ مولانا حاجي احمد ملاح وغيره جي تعليمات سان پيدا ٿي. انهيءَ موضوع تي هن بيشمار افسانا، مضمون ۽ ناول قلمبند ڪيا. 

اسلامي تعليم ۽ تشريح تي ڏيپلائي صاحب کي وڏو عبور هو. ان ڏس ۾ هن قرآن شريف جو البرھان نالي با محاوره ۽ سليس ترجمو ترتيب ڏئي جديد طريقي سان 1949ع ڌاري ڇپايو. ان کان سواءِ ڪيترائي ديني ڪتاب لکي ۽ لکرائي شايع ڪرايا، جن ۾ مولانا حاجي احمد ملاح جا توحيدي شاعريءَ وارا مجموعا، سندس نظم ۾ قرآن شريف جي شروعاتي پاره الم ۽ پاره سبقول جا ترجما، انتخاب صحيح بخاري، سنڌي ترجمي سان (علامه وفائيءَ سان گڏ)، قرآني دعائون، قرآني خزانو، صداقت القران، مطالب القران، ارشاد القران وغيره شامل آهن. لطيفيات جي موضوع تي به ڏيپلائي صاحب گهڻو ڪم ڪيو.

شخصيتن/ سوانح حيات جي موضوع تي ڏيپلائي صاحب ڊزن کن ڪتاب ۽ مضمون لکيا، جن ۾ سيرت محمدي (صلي الله عليه وسلم)، سيرت الرسول (صلي الله عليه وسلم)، سيرت الحيدر (ڪرم الله وجهه)، سيرت الصديق (رضي الله تعاليٰ عنه) سيرت الفاروق (رضي الله تعاليٰ عنه)، سيرت الفاطمه (رضي الله تعاليٰ عنه)، سيرت امام حسن (رضي الله تعاليٰ عنه)، سيرت الحسين (رضي الله تعاليٰ عنه)، شاهه جيلان (رحمت الله عليه)، وهابين جو بابو (محمد بن عبدالوهاب) شامل آهن. 

ڏيپلائي صاحب کي وفات کان پوءِ 2004ع ۾ حسن ڪارڪردگيءَ جو صدارتي اوارڊ ڏنو ويو. انهيءَ کان سواءِ قاسم آباد ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اهم روڊ ساڻس منسوب ڪيا ويا آهن. سندس اولاد طرفان ’محمد عثمان ڏيپلائي ٽرسٽ‘ قائم ڪيل آهي، جنهن جو چيئرمئن سندس وڏو فرزند محمد علي ڏيپلائي آهي. ٽرسٽ طرفان حيدرآباد ۾ ثقافتي ۽ علمي اسڪول سينٽر قائم ٿيو آهي. سنڌ تعليم کاتي طرفان ڏيپلي ۾ 1912ع ۾ پرائمري اسڪول (جنهن ۾ ڏيپلائي صاحب تعليم حاصل ڪئي هئي) ڏيپلائي صاحب جي نالي منسوب ڪندي انهيءَ جو نالو ’گورنمينٽ محمد عثمان ڏيپلائي بوائز پرائمري (مئن) اسڪول‘ نالو رکيو ويو. ڏيپلائي صاحب ڪيترن ئي ادارن جو باني هو، جنهن ۾ اسلاميه دارالاشاعت، اداره اشاعت اسلاميه پرنٽنگ پريس، قرآن پريس، اسلاميه پرنٽنگ پريس، اداره لطيفي، ڏيپلائي اڪيڊمي، اداره تبليغ، قرآن و حديث وغيره شامل آهن. 

ڏيپلائي صاحب 7 فبروري 1981ع تي حيدرآباد، سنڌ ۾ وفات ڪئي. سندس مزار شاهه مڪي (حيدرآباد ڪئنٽونمينٽ) واري مقام ۾ آهي.