قرآن مجيد

مُترجم: عبدالسلام ڀُٽو

قرآن مجيد
ترجمو
(صفا سولي محاوراتي سنڌي ٻوليءَ ۾)

مُترجم : عبدالسلام ڀُٽو ولد واحد بخش ڀٽو

تاريخ پيدائش: 10 فيبروري 1960ع

ڄمڻ جو ھنڌ : ڳوٺ جندو ديرو تعلقو ڳڙھي ياسين، ضلعو شڪارپور سنڌ.

حال رھڻ جي جاءِ: پيپلز ڪالوني لطيف آباد نمبر: 4، حيدرآباد سنڌ

تعليم: قرآن مجيد جي آيت
سُبحٰنَكَ لا عِلمَ لَنا إِلّا ما عَلَّمتَنا إِنَّكَ أَنتَ العَليمُ الحَكيمُ
ترجمو: (اي اسان جا پالڻھار) تنھنجي ذات پاڪ آھي. اسان کي ڪوبہ علم نہ آھي سواءِ ايترو جيترو تو اسان کي سيکاريو آھي. بيشڪ تون وڏو ڄانندڙ ۽ وڏي حڪمت وارو آھين.

پيارا پڙھندڙو: قرآن مجيد جي ڪيل سنڌي ۽ اردو ترجمي کي پڙھي اوھان منھنجي تعليم جو اندازو ڪري سگهو ٿا. (ان شاءَ الله تعاليٰ)

تعليمي تجربو: 38 سال ھاءِ اسڪول ۾ عربي، اسلاميات ۽ سنڌي مضمون پڙھائڻ جو تجربو.