توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
إِذا زُلزِلَتِ الأَرضُ زِلزالَها (آيت : 1) |
جڏھن زمين پنھنجي سخت ڌوڏجڻ سان ڌوڏبي.(علامه تاج محمود امروٽي) جڏهن زمين زور سان ڌوڏي ويندي،(علامه علي خان ابڙو) جنهن وقت (قيامت اچڻ جي ڪري) زمين پنهنجي جنبش مطابق زور سان ڌُٻندي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جڏهن زمين کي چڱيءَ طرح دٻايو ويندو.(سيد فرمان علي) جڏهن ڌوڏي ويندي زمين سخت ڌوڏڻ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جڏهن زمين کي چڱيءَ طرح ڌڏايو ويندو(مولانا محمد مدني) جڏهن زمين لرزائي ويندي جيئن ان جو لرزڻ مقرر ٿيل آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) زَمين زلزلي ۾، وَٺبي جنهن وار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَأَخرَجَتِ الأَرضُ أَثقالَها (آيت : 2) |
۽ زمين پنھنجا بار ٻاھر ڪڍندي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ زمين پنهنجا ڳرا بار (خزانا يا مردا وغيره) ٻاهر ڪڍندي،(علامه علي خان ابڙو) ۽ زمين پنهنجا وزن (بار) ٻاهر ڪڍندي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ زمين پنهنجا ڳرا بار (خزانا ۽ مردا) ڪڍي ٻاهر ڪندي.(سيد فرمان علي) ۽ ڪڍندي زمين پنهنجا ڳرا بار .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ زمين پنهنجا ڳرا بار ڪڍندي (مولانا محمد مدني) ۽ زمين پنهنجا ڳرا بار ٻاهر ڪڍندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آڻي ٻَهر اُڇليا، ڀُون پَنهنجا بار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَقالَ الإِنسٰنُ ما لَها (آيت : 3) |
۽ ماڻھو چوندو ته زمين کي ڇا ٿيو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ماڻهو چوندو ته، ان کي ڇا ٿيو آهي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ انسان (ڪافر) چوندو هن کي ڇا ٿيو آهي؟(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ هڪ انسان چوندو ته ان کي ڇا ٿيو آهي؟(سيد فرمان علي) ۽ چوندو انسان ڇا ٿيو آهي ان کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ ماڻهو چوندو ته ان کي ڇا ٿيو آهي (مولانا محمد مدني) ۽ انسان چوندو ته: ”ان کي ڇا ٿيو آهي“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ماڻهو مُنجِھي چوڻ لڳي، ته هِن سان ڪِهڙي ڪار؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
يَومَئِذٍ تُحَدِّثُ أَخبارَها (آيت : 4) |
اُن ڏينھن (اُھا) پنھنجيون سڀ خبرون بيان ڪندي.(علامه تاج محمود امروٽي) ان ڏينهن اها پنهنجيون سڀ خبرون ٻڌائيندي.(علامه علي خان ابڙو) ان ڏينهن زمين پاڻ تي ڪيل عمل ظاهر ڪندي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) هن ڏينهن اها پنهنجيون سڀ خبرون ٻڌائيندي،(سيد فرمان علي) ان ڏينهن بيان ڪندي پنهنجون خبرون ان سببان جو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ان ڏينهن اها پنهجيون سڀ خبرون ٻڌائيندي (مولانا محمد مدني) ان ڏينهن اِها (مٿس رونما ٿيل) پنهنجون سڀ خبرون بيان ڪندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تڏهن خاڪ کُلي خبر ڏئي، ٻولي ٻول ٻِيهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
بِأَنَّ رَبَّكَ أَوحىٰ لَها (آيت : 5) |
ھن ڪري جو تنھنجي پالڻھار ڏانھس حُڪم ڪيو.(علامه تاج محمود امروٽي) هن ڪري ته (اي پيغمبر) تنهنجي پاليندڙ ان کي (ائين ڪرڻ جو) حڪم ڪيو هوندو.(علامه علي خان ابڙو) ان لاءِ جو بيشڪ توهان جي رب ان کي اهو حڪم ڏنو هوندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ڇو ته تنهنجي پروردگار کيس حڪم ڏنو هوندو.(سيد فرمان علي) تنهنجي رب ان ڏانهن حڪم موڪليو هوندو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) هن ڪري ته (اي پيغمبر) تنهنجي پاليندڙ ان کي حڪم ڪيو آهي (مولانا محمد مدني) ان ڪري جو تنهنجي پالڻهار ان کي حڪم ڪيو هوندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ته اِن پر آگي تُنهنجي، ڪَهيو کيس قهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
يَومَئِذٍ يَصدُرُ النّاسُ أَشتاتًا لِيُرَوا أَعمٰلَهُم (آيت : 6) |
اُن ڏينھن ماڻھو ڌار ڌار ٿي ورندا، ته سندس ڪم کين ڏيکارجن.(علامه تاج محمود امروٽي) ان ڏينهن ماڻهو (حساب جي جاءِ کان) جدا جدا حالتن ۾ ٿي موٽندا ته انهن کي سندن عملن جا نتيجا ڏيکارجن.(علامه علي خان ابڙو) ان ڏينهن ماڻهو ڇڙ و ڇڙ ٿي (پنهنجي رب ڏانهن) موٽندا، ان لاءِ ته پنهنجا عمل ان کي ڏيکارين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ان ڏينهن ماڻهو گروھ گروھ ٿي (پنهنجن قبرن مان) اٿندا هن لاءِ ته پنهنجا عمل ڏسن.(سيد فرمان علي) ان ڏينهن ورندا ماڻهو ٽولا ٽولا ٿي تانته پنهنجا اعمال ڏيکاريا وڃن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ان ڏينهن ماڻهو (حساب جي جاءِ کان) جدا جدا حالتن ۾ ٿي موٽندا ته انهن کي سندن عمل ڏيکارجن (مولانا محمد مدني) ان ڏينهن ماڻهو (پنهنجي مالڪ جي طرف) مختلف حالتن ۾ موٽندا جيئن سندن عمل کين ڏيکاريا وڃن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تڏهن ماڻهو موٽڻ ماڳ تي، ڌُريون ڌاروڌار، ته پَسِ پورهيا پانهنجا، اَکيَن سان اِظهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَمَن يَعمَل مِثقالَ ذَرَّةٍ خَيرًا يَرَهُ (آيت : 7) |
پوءِ جنھن ذري جيترو چڱو ڪم ڪيو ھوندو سو اُن کي ڏسندو.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ جيڪو شخص (دنيا ۾) ذري جيتري ڀلائي ڪندو ته ان کي پَسندو.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ جنهن ماڻهو واريءَ جي ذري جيتري چڱائي ڪئي هوندي اهو ان کي ڏسندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پوءِ جو شخص ذري جيتري ڀلائي ڪئي ته ان کي ڏسندو.(سيد فرمان علي) پوءِ جيڪو ڪندو ذره جيترو قدر ڀلائي ته ڏسندو اها .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ جيڪو شخص ذري جيتري ڀلائي ڪندو ته ان کي ڏسندو. (مولانا محمد مدني) پوءِ جنهن ذري برابر نيڪي ڪئي هوندي ته اُهو ان جي اجر کي ڏسندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ چِک چَڱائـِي، جو ڪري، سا ڏسندو وَٽ ڏاتار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَمَن يَعمَل مِثقالَ ذَرَّةٍ شَرًّا يَرَهُ (آيت : 8) |
۽ جنھن ذري جيترو بد ڪم ڪيو ھوندو سو اُن کي ڏسندو.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ جيڪو شخص (دنيا ۾) ذري جيتري بڇڙائي ڪندو ته ان کي پَسندو.(علامه علي خان ابڙو) ۽ جنهن ماڻهو واريءَ جي ذري جيتري بُرائي ڪئي هوندي اهو ان کي ڏسندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ جو شخص ذري جيتري بڇڙائي ڪئي ته ان کي ڏسندو.(سيد فرمان علي) ۽ جيڪو ڪندو ذره جيترو قدر برائي ته اها ڏسندو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ جو شخص ذري جيتري بڇڙائي ڪندو ته ان کي ڏسندو(مولانا محمد مدني) ۽ جنهن ذري برابر برائي ڪئي هوندي ته اُهو ان جي بدلي کي ڏسندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پڻ لوڙِيندو لاچار، جو ڀور بَرابر بوڇ ڪري.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |