القرآن الڪريم

  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • علامه تاج محمود امروٽي
    • علامه علي خان ابڙو
    • علامه عبدالوحيد جان سرهندي
    • سيد فرمان علي
    • مولانا محمد ادريس ڏاهري
    • مولانا محمد مدني
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
×

توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.




 

رڪوع : 1 سُوۡرَۃُ الۡقَدۡرِ  مَکِّیَّۃٌ آيتون : 5


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

إِنّا أَنزَلنٰهُ فى لَيلَةِ القَدرِ (آيت : 1)

بيشڪ اسان قرآن شب قدر ۾ لاٿو.(علامه تاج محمود امروٽي)


بيشڪ اسان هن (قرآن) کي قدر جي رات ۾ لاٿو آهي، (جڏهن دنيا وحي جي روشنيءَ کان محروم ٿي هوش وڃائي ويٺي هئي).(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ اسان قرآن ڪريم کي شبِ قدر ۾ نازل فرمايو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اسان هن قرآن کي قدر جي رات ۾ نازل (ڪرڻ شروع) ڪيو.(سيد فرمان علي)


بيشڪ اسان نازل ڪيو ان کي قدر جي رات ۾ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بيشڪ اسان هن (قرآن) کي قدر جي رات ۾ لاٿو آهي(مولانا محمد مدني)


بيشڪ اسان ان (قرآن) کي وڏي شان واري رات ۾ نازل ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڪيوسون قدرت رات، نازِل اِنهئ نُور کي،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَما أَدرىٰكَ ما لَيلَةُ القَدرِ (آيت : 2)

۽ ڪنھن سمجھايئي ته شب قدر ڇا آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (اي پيغمبر!) توکي ڪهڙي خبر ته قدر جي رات ڇا آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ رسولِ عربي توهان کي ڪنهن ڄـاڻايو ته شبِ قدر ڇا آهي؟(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ تو کي ڪهڙي خبر ته قدر جي رات ڇا آهي؟(سيد فرمان علي)


۽ ڪنهن ڄاڻايو توکي ته ڪهڙي آهي قدر جي رات .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (اي پيغمبر!) توکي ڪهڙي خبر ته قدر جي رات ڇا آهي؟ (مولانا محمد مدني)


۽ تو کي ڪهڙي خبر ته وڏي شان واري رات ڇا آهي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڪِهڙي رات قدر جِي، سا ڪِنهن سَمجھايئـِي بات؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


لَيلَةُ القَدرِ خَيرٌ مِن أَلفِ شَهرٍ (آيت : 3)

شب قدر، ھزار مھينن کان ڀلي آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


قدر جي اها رات هزار مهينن کان گهڻو چڱي آهي.(علامه علي خان ابڙو)


شبِ قدر ته هزار مهينن کان ڀلي آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


قدر جي رات (درجي ۽ عمل ۾) هزار مهينن کان گهڻو چڱي آهي.(سيد فرمان علي)


قدر جي رات ڀلي آهي هزار مينهن کان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


قدر جي رات هزار مهينن کان گهڻو چڱي آهي (مولانا محمد مدني)


قدر واري رات هڪ هزار مهينن کان ڀلي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


هَزار وَرهين کان هيڪڙي، ڀَلـِي مَنجھ بَرڪات،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


تَنَزَّلُ المَلٰئِكَةُ وَالرّوحُ فيها بِإِذنِ رَبِّهِم مِن كُلِّ أَمرٍ (آيت : 4)

منجھس ملائڪ ۽ رُوح پنھنجي پالڻھار جي حڪم سان سڀڪنھن ڪم (جي پورائي) لاءِ لھندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


سڀئي ملائڪ ۽ روح (حضرت جبرائيل) سندن پاليندڙ جي حڪم سان ان رات ۾ سڀڪنهن سپرد ڪيل ڪم (جي پوري ڪرڻ) لاءِ لهن ٿا.(علامه علي خان ابڙو)


انهيءَ رات ۾ فرشتا ۽ جبريل امين پنهنجي رب جي حڪم سان لهن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ان رات ۾ سڀئي ملائڪ ۽ روح (امري) پنهنجي پالڻهار جي طرفان سموري سال جي هر ڳالھ جا حڪم کڻي نازل ٿين ٿا.(سيد فرمان علي)


لهن ٿا ملائڪ ۽ روح ان ۾ پنهنجي رب جي اذن سان هر امر سان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


سڀئي ملائڪ ۽ روح سندن پاليندڙ جي حڪم سان ان رات ۾ سڀ ڪنهن ڪم (جي پوري ڪرڻ) لاءِ لهن ٿا (مولانا محمد مدني)


ان ۾ پنهنجي پالڻهار جي حڪم سان ملائڪ روح (الامين جبريل) لهندا آهن هر ڪم جي واسطي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


رُوح، مَلڪ ڪن مَنزلون، تِنهن ۾ تحقيقات، اَمر سان اَلله جي، ڏيهَنِ وِراهِن ڏات،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


سَلٰمٌ هِىَ حَتّىٰ مَطلَعِ الفَجرِ (آيت : 5)

اُنھيءَ رات پرھ ڦُٽڻ تائين سلامتي آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


اها (رات) پرهه ڦٽيءَ تائين (ساڳي صفت ۽ برڪت سان سراسر) سلامتي واري آهي.(علامه علي خان ابڙو)


انهيءَ رات ۾ پرهه ڦُٽيءَ تائين هر ڳالهه کان سلامتي آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


هي رات پرھ ڦٽي تائين (سراسر) سلامتي واري آهي.(سيد فرمان علي)


سلام اهو فجر جي اڀرڻ تائين آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اها (رات) پرهه ڦٽيءَ تائين (سراسر) سلامتيءَ واري آهي. (مولانا محمد مدني)


اها رات سلامتي واري آهي پِرهه ڦُٽيءَ تائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


تان پِرھ ڦُٽِي پِرڀات، آهي سُک سَلامتِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))



© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017