توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
اقرَأ بِاسمِ رَبِّكَ الَّذى خَلَقَ (آيت : 1) |
(اي پيغمبر) پنھنجي پالڻھار جي نالي سان پڙھ جنھن (سارو جڳ) خلقيو.(علامه تاج محمود امروٽي) (اي پيغمبر!) تون پنهنجي پالڻهار جي نالي سان پڙهه جنهن پيدا ڪيو آهي. (۽ پيدا ڪري اوسر جا سامان به عطا ڪيا اٿس).(علامه علي خان ابڙو) رسولِ عربي توهان پنهنجي رب جي نالي سان پڙهو، جنهن پيدا ڪيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (اي رسول) پنهنجي پروردگار جي نالي سان پڙھ (جنهن هر شيءِ کي) پيدا ڪيو آهي.(سيد فرمان علي) پڙھ نالو رب پنهنجي جو جنهن پيدا ڪيو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (اي پيغمبر !) تون پنهنجي پاليندڙ جي نالي سان پڙهه جنهن پيدا ڪيو آهي (مولانا محمد مدني) پڙهه پنهنجي پالڻهار جي نالي سان جنهن پيدا ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پَڙھ، پَنهنجي پالڻهار جي، نالي ساڻ نِبار، جوڙيا جِنهن جَھان ۾، سَڀ جِنسون ۽ جِنسار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
خَلَقَ الإِنسٰنَ مِن عَلَقٍ (آيت : 2) |
ماڻھوءَ کي رت جي دِڳ مان بڻايائين.(علامه تاج محمود امروٽي) انسان کي رت جي دڳ مان بنايو اٿس (پوءِ انسان جي جسم ۾ سڌريل سرشتي سان رت کي گردش ڪرايو اٿس.)(علامه علي خان ابڙو) انسان کي رت جي دِڳ مان پيدا ڪيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) انسان کي رت جي دڳ مان بڻايو اٿس.(سيد فرمان علي) پيدا ڪيائين انسان کي رت جي دڳ مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) انسان کي رت جي دڳ مان بنايو اٿس (مولانا محمد مدني) جنهن انسان کي رت جي دِڳَ مان پيدا ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُپايو اِنسان کي، ڄَر مان ڄاڻڻ هار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
اقرَأ وَرَبُّكَ الأَكرَمُ (آيت : 3) |
پڙھ ۽ تنھنجو پالڻھار ڏاڍو سڳورو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) پڙهه (جو وحي جي تعليم انسان ذات جو سمورو سرشتو سڌاري هلڻ جي ڪفيل آهي) تنهنجو پاليندڙ وڏو سخي آهي. (۽ ان انساني اوسر جا سامان فراوانيءَ سان بڻايا آهن انسان رڳو ان طرف متوجهه ٿئي).(علامه علي خان ابڙو) توهان پڙهو ۽ توهان جو رب وڏو ڪريم آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پڙھ! تنهنجو پالڻهار وڏو ڪريم آهي.(سيد فرمان علي) پڙهه تون ۽ تنهنجو رب وڏي عزت وارو آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پڙهه تنهنجو پاليندڙ وڏو سخي آهي (مولانا محمد مدني) پڙهه ۽ تنهنجو پالڻهار وڏو ڪريم آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پَڙھ، ۽ پَروَر تُنهنجو، آهي ڪَرم ڌَڻِي ڪَلتار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
الَّذى عَلَّمَ بِالقَلَمِ (آيت : 4) |
جنھن (ماڻھوءَ کي علم) قلم سان سيکاريو.(علامه تاج محمود امروٽي) جنهن قلم سان (مفيد شين جو لکڻ) سيکاريو آهي.(علامه علي خان ابڙو) اهو رب جنهن قلم سان (لِکڻ وغيره) سيکاريو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جنهن قلم سان سيکاريو آهي.(سيد فرمان علي) جنهن علم سيکاريو قلم سان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جنهن قلم سان سيکاريو آهي (مولانا محمد مدني) جنهن قلم جي ذريعي (علم) سيکاريو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪانِي ڪانهن قلم سان، سيکاريو سَتّار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
عَلَّمَ الإِنسٰنَ ما لَم يَعلَم (آيت : 5) |
ماڻھوءَ کي اُھو سيکاريائين جو نه ڄاڻندو ھو.(علامه تاج محمود امروٽي) انسان کي (زندگيءَ جون سهولتون پسڻ لاءِ) اهو ڪجهه سيکاريائين جنهن کي نه ڄاڻندو هو.(علامه علي خان ابڙو) انسان کي ان سيکاريو جيڪو اهو نه ڄاڻندو هو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) انسان کي اهو ڪجھ سيکاريائين جنهن جي خبر ئي نه هيس.(سيد فرمان علي) سيکاريائين انسان کي اهو جو نه ڄاتائين .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) انسان کي اهو ڪجهه سيکاريائين جنهن کي نه ڄاڻندو هو (مولانا محمد مدني) جنهن انسان کي اُهو ڪجهه سيکاريو جيڪو هُو نه ڄاڻندو هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سو سيکاريئـِين ماڻهئـِين، جِنهن جِي سُڌ نه هُيَنِ سار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
كَلّا إِنَّ الإِنسٰنَ لَيَطغىٰ (آيت : 6) |
سچ آھي ته بيشڪ ماڻھو سرڪشي ڪندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) خبردار ٿي بيشڪ انسان (انهن سهولتن کي عياشيءَ جي حدن تي آڻي ماڻهپي جي) حد کان لنگهي وڃي ٿو.(علامه علي خان ابڙو) خبردار ! بيشڪ انسان نافرماني ڪري ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) خبردار ٿيو ته انسان (ماڻهپي جي) حد کان لنگهي ٿو وڃي.(سيد فرمان علي) هرگز نه بيشڪ انسان البته سرڪشي ڪري ٿو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) خبردار ٿي بيشڪ انسان (ماڻهپي جي) حد کان لنگهي وڃي ٿو (مولانا محمد مدني) خبردار! بيشڪ انسان سرڪشي ڪري ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سَچ ته سَمجھيو پاڻ کي، جي ماڻهوءَ مالدار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
أَن رَءاهُ استَغنىٰ (آيت : 7) |
جڏھن اُھو پاڻ کي بي پرواھ ڏسندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) هن ڪري جو هو پاڻ کي (وحي جي رهنمائي کان) بي پرواهه سمجهي ٿو(علامه علي خان ابڙو) جنهن وقت اهو پاڻ کي غني ڏسي ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جڏهن انسان پاڻ کي “غني” ٿو ڏسي.(سيد فرمان علي) هن سببان جو ڏٺائين پاڻ کي ته غني بنجي ويو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) هن ڪري جو هو پاڻ کي بي پرواه ڏسي ٿو(مولانا محمد مدني) هن ڪري جو اُهو پاڻ کي بي پرواهه ڏسي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ته مُرڳو چَڙهندو مَٿڀرو، خُوءِ ۾ پَئـِي خُوار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِنَّ إِلىٰ رَبِّكَ الرُّجعىٰ (آيت : 8) |
بيشڪ تنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽي وڃڻو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) (اي پيغمبر ڀلي هو ڪيتري به هٻڇ ۽ سرڪشي ڪري) بيشڪ (آخرڪار کيس) تنهنجي رب ڏي ئي موٽي وڃڻو آهي.(علامه علي خان ابڙو) بيشڪ (سڀني کي) توهان جي رب ڏانهن موٽڻو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) بيشڪ تنهنجي پروردگار ڏي ئي سڀني کي موٽڻو آهي.(سيد فرمان علي) بيشڪ تنهنجي رب ڏانهن موٽڻ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (اي پيغمبر) بيشڪ تنهنجي رب ڏي ئي موٽي وڃڻو آهي (مولانا محمد مدني) بيشڪ تنهنجي پالڻهار ڏانهن موٽڻو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تُنهن جي پَروَر پار، آهي مُقرَر موٽڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
أَرَءَيتَ الَّذى يَنهىٰ (آيت : 9) |
اُھو ڏٺو اٿئي ڇا جيڪو جھليندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ڀلا ان شخص جو حال ٻڌاءِ ته جو (الله جي)(علامه علي خان ابڙو) ڇا توهان ان ماڻهو کي نه ڏٺو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ڀلا تو ان شخص کي به ڏٺو آهي جيڪو روڪي ٿو.(سيد فرمان علي) ڇا ڏٺو تو ان کي جيڪو روڪي ٿو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ڀلا ٻڌاءِ ته جو (الله جي)ٻانهي (محمد) کي (مولانا محمد مدني) ڇا تو ان ماڻهو کي ڏٺو جيڪو روڪي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪِئين ٿو پَنهنجي قَلب م، تِنهن ڀُلئي کي ڀائـِين؟ ته بَندش بَندي تي وِجھي، سَجدي، کان سائـِين،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
عَبدًا إِذا صَلّىٰ (آيت : 10) |
(منھنجي) ٻانھي کي جڏھن اھو نماز پڙھندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ٻانهي کي سندس (اطاعت ڪرڻ ۽) نماز پڙهڻ جي وقت روڪي ٿو.(علامه علي خان ابڙو) جيڪو رسولِ عربيءَ کي نماز پڙهڻ کان روڪي ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) هڪ بندي کي جڏهن اهو نماز پڙهي ٿو ته اهو (کيس) روڪي ٿو.(سيد فرمان علي) ٻانهي کي جڏهن نماز پڙهيائين .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) سندس نماز پڙهڻ جي وقت روڪي ٿو (مولانا محمد مدني) (الله جي) ٻانهي کي جڏهن اُهو نماز پڙهي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جَڏهن پَڙهيائـِين، نَمِي فَرض نماز جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
أَرَءَيتَ إِن كانَ عَلَى الهُدىٰ (آيت : 11) |
ڏٺو اٿئي ڇا ته جيڪڏھن (اُھو ماڻھو) سڌي رستي تي ھجي ھا.(علامه تاج محمود امروٽي) ڀلا ٻڌاءِ ته اهو (الله جو ٻانهو) جيڪڏهن سڌي رستي تي هوندو.(علامه علي خان ابڙو) ڇا توهان ان کي نه ڏٺو جو جيڪڏهن اهو هدايت تي هجي ها(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ڀلا ڏس ته اهو (خدا جو بندو) جڏهن سڌي راھ تي هجي.(سيد فرمان علي) ڇا ڏٺو تو جيڪڏهن اهو هدايت تي هجي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ڀلا ٻڌاءِ اهو (الله جو ٻانهو) جيڪڏهن سڌي رستي تي هوندو(مولانا محمد مدني) ڀلا ڏس ته جيڪڏهن اُهو هدايت تي هجي ها.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڳُوڙهو هِن ڳالھ تي، وَرتئـِي ڪو ويچار؟ جي هُوندو هِدايت تي، ثابِت هِي سَچار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
أَو أَمَرَ بِالتَّقوىٰ (آيت : 12) |
يا پرھيزگاريءَ جو حڪم ڪري ھا.(علامه تاج محمود امروٽي) يا (ٻين کي به ان) نيڪوڪاريءَ جو حڪم ڪندو. (ته ان کي روڪڻ ٺهي ٿو؟)(علامه علي خان ابڙو) يا پرهيزگاريءَ جو چوي ها(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) يا پرهيزگاري جو حڪم ڪري (ته روڪڻ ڇا جو ۽ ڇو؟).(سيد فرمان علي) يا امر ڪري تقوى جو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) يا پرهيزگاري جو حڪم ڪندو(مولانا محمد مدني) يا پرهيزگاري جو حڪم ڪري ها (ته ڪهڙو نه چڱو هجي ها).(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪِ پاڙي پَند پَرهيز جِي، آڇ ڪَيئن اِظهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
أَرَءَيتَ إِن كَذَّبَ وَتَوَلّىٰ (آيت : 13) |
ڏٺو اٿئي ڇا ته جيڪڏھن ڪوڙ ڀانيائين ۽ پٺيرو ٿيو.(علامه تاج محمود امروٽي) ڀلا ٻڌاءِ ته (الله جي عبادت ۽ نيڪوڪاريءَ کان روڪڻ وارو) جيڪڏهن (حق کي) ڪوڙو (ڪرڻ جي پروپگنڊه) ڪندو وتي ۽ پاڻ به منهن موڙي. (ائين ڪرڻ ان کي جڳائي ٿو؟)(علامه علي خان ابڙو) ڇا توهان ان کي نه ڏٺو جو جنهن وقت ان تڪذيب ڪئي ۽ مُنهن موڙيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ڀلا ڏسو ته جيڪڏهن هن سچي کي ڪوڙو ڪيو ۽ (هن) منهن موڙيو ته (نتيجو ڇا نڪرندو).(سيد فرمان علي) ڇا ڏٺو تو جيڪڏهن ڪوڙو چوي ۽ پٺي ڏئي وڃي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ڀلا ٻڌاءِ ته (نماز کان روڪڻ واري) جيڪڏهن (حق کي) ڪوڙو ڪيو(مولانا محمد مدني) ڀلا ڏس ته جيڪڏهن ان ڪوڙو چيو ۽ مُنهن موڙيائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تفاوت ٻي طرف جو، تورئـِي ڪو تڪرار، جي ڪوڙ ڪيائـِين پَڌرا، يا مُنهن موڙئـِين ٻئي پار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
أَلَم يَعلَم بِأَنَّ اللَّهَ يَرىٰ (آيت : 14) |
ته (ھيُ) نه ڄاتائين ڇا ته الله ڏسي ٿو.(علامه تاج محمود امروٽي) ته ڇا هن نه ڄاتو ته الله (جو مڪافات وارو قانون سندس سڀني حرڪتن کي) ڏسي ٿو.(علامه علي خان ابڙو) ڇا اهو نٿو ڄاڻي ته بيشڪ الله تعالى ڏسي پيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ڇا ان کي خبر نه آهي ته خدا پڪ ڏسي رهيو آهي.(سيد فرمان علي) ڇا نه ڄاتائين ته بيشڪ الله ڏسي ٿو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ منهن موڙيو ته ڇا هن نه ڄاتو ته الله ڏسي ٿو (مولانا محمد مدني) ڇا نه ٿو ڄاڻي ته الله ڏسي رهيو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، ناهِسِ سُڌ سَنڀار، ته سَڀ ڪُجھ ڏِسي ڏيہ ڌڻي؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
كَلّا لَئِن لَم يَنتَهِ لَنَسفَعًا بِالنّاصِيَةِ (آيت : 15) |
ائين نه آھي! قسم آھي ته جيڪڏھن پاڻ نه پليندو، ته ضرور پيشانيءَ جي وارن کان وٺي گھلينداسونس.(علامه تاج محمود امروٽي) پڪ ڄاڻي وٺ ته جيڪڏهن (پنهنجي فتني باز حرڪتن کان) نه رڪيو ته، ضرور ان کي مٿي جي وارن کان (جهلي) گهلينداسون.(علامه علي خان ابڙو) خبردار ! جيڪڏهن اهو باز نه آيو، ته اسين يقيناً ان کي پيشاني کان پڪڙينداسين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) خبردار ٿئي! جيڪڏهن نه مڙندو ته (کيس) ضرور چوٽيءَ کان (جهلي) گهلينداسونس،(سيد فرمان علي) هرگز نه البته جيڪڏهن نه رڪجندو ته البته گهلينداسون ان کي پيشانيءَ جي وارن کان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) خبردار ٿي جيڪڏهن نه جهلبو ته ضرور ان کي چوٽيءَ کان (جهلي) گهلينداسون (مولانا محمد مدني) خبردار! جيڪڏهن اُهو باز نه آيو ته ضرور ان کي پيشاني جي وارن کان جهلي گهلينداسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) خَبردار، خَطا کان، جي بَس نه ڪندو بَدڪار، ته وَٺنداسون وارن ۾، جي نَيا سِر نِروار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
ناصِيَةٍ كٰذِبَةٍ خاطِئَةٍ (آيت : 16) |
اُھا پيشاني جا ڪوڙي گنھگار آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) جيڪو مٿو (الله جي قانونن کي) ڪوڙو ڪندڙ ۽ خطاڪار آهي.(علامه علي خان ابڙو) اها پيشاني جيڪا ڪوڙي آهي (۽) گنهگار آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جا چوٽي ڪوڙي گنهگار جي آهي.(سيد فرمان علي) پيشاني ڪوڙي خطا ڪندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جا چوٽي ڪوڙي گنهگار آهي (مولانا محمد مدني) اُها پيشاني جا ڪوڙي (۽) خطاڪار آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نِراڙ نِسورو ڪوڙ تي، کوٽو خطا ڪار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَليَدعُ نادِيَهُ (آيت : 17) |
پوءِ ڀلي ته پنھنجي ڪچھريءَ وارن کي سڏي.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ ڀلي ته پنهنجي ڪچهريءَ وارن (حامين) کي سڏي.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ ڀلي اهو پنهنجي مجلس وارن کي پڪاري(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پوءِ ڀلي ته پنهنجي ڪچهري وارن کي سڏي.(سيد فرمان علي) پوءِ ڀلي سڏي گڏ ويهندڙن پنهنجن کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ ڀلي ته پنهنجي ڪچهري وارن کي سڏي (مولانا محمد مدني) پوءِ ڀلي ته پنهنجي ڪچهري وارن کي سڏي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ وَرته وَهارن پانهنجي، ٻاڪاري ٻِيهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
سَنَدعُ الزَّبانِيَةَ (آيت : 18) |
اسين به دوزخ جي داروغن کي سڏينداسون.(علامه تاج محمود امروٽي) اسين به پنهنجي سپاهين (يعني سخت عذاب ڪندڙ ملائڪن) کي سڏينداسون.(علامه علي خان ابڙو) اسين به فوراً پنهنجي عذاب وارن ملائڪن کي سڏينداسين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اسين به پنهنجن جلاد فرشتن کي سڏينداسون،(سيد فرمان علي) جلد سڏينداسون جهنم جي ملائڪن کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اسين به پنهنجي سپاهين کي سڏينداسون (مولانا محمد مدني) اسان به جلد (عذاب جي) ملائڪن کي سڏينداسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سِگھو سَڏِينداسون اَسِين، تڪڙو تُرت تيار، دَوزخ جي دربانن کي، قهر جن جِي ڪار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
كَلّا لا تُطِعهُ وَاسجُد وَاقتَرِب (آيت : 19) |
ائين نه آھي، تون چيو نه مڃيس ۽ سجدو ڪر ۽ (الله کي) ويجھو ٿيءُ.(علامه تاج محمود امروٽي) خبردار (اي رسول انهن سان ڪابه مفاهمت ٿيڻي ناهي) متان انهن جو چيو مڃين ۽ تون (پالڻهار جو) سجدو ڏي ۽ (الله جي) ويجهڙائي حاصل ڪندو وڃ.(علامه علي خان ابڙو) خبردار ! ان جي ڪا ڳالهه نه ٻُڌو ۽ توهان (هميشه) سجدو ڪريو ۽ (مون کي) ويجھا ٿيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ڏسو! ڪڏهن به ان جو چيو نه مڃج ۽ سجدا ڪندو رھ ۽ قرب حاصل ڪندو رھ.(سيد فرمان علي) هرگز نه نه چوڻ ڪر ان جو ۽ سجدو ڪر ۽ وڌيڪ ويجهو ٿي . السجدة(مولانا محمد ادريس ڏاهري) خبردار متان ان جو چيو مڃين ۽ تون سجدو ڏي ۽ الله جي ويجهڙائي حاصل ڪر. (مولانا محمد مدني) خبردار! ان جو چيو نه مڃجانءِ ۽ سجدو ڪر۽ (اسان جي) ويجهو ٿيءُ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) لَڙھ تِنهنجي لَڳ نَه تون، هِنيون رَک هوشيار، ۽ جُھڪ اڳيون جَبّار، ۽ ويجھو ٿِي وِصال کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |