095 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 8 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
وَالتِّيْنِ وَالزَّيْتُوْنِ 1ۙ
انجير جو ۽ زيتون جو قسم آهي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريانجير ۽ زيتون
— مولانا محمد مدنيقسم آهي انجير ۽ زيتون جو.
— عبدالسلام ڀُٽووَطُوْرِ سِيْنِيْنَ 2ۙ
برڪتن واري طور جو .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ طورسينا
— مولانا محمد مدنيقسم آهي طور سيناء (جبل) جو.
— عبدالسلام ڀُٽووَهٰذَا الْبَلَدِ الْاَمِيْنِ 3ۙ
۽ هن امين شهر جو .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ هن امن واري شهر(مڪي) جو قسم آهي
— مولانا محمد مدني۽ قسم آهي هن امن واري شھر (مڪي پاڪ) جو.
— عبدالسلام ڀُٽولَقَدْ خَلَقْنَا الْاِنْسَانَ فِيْٓ اَحْسَنِ تَقْوِيْمٍ 4ۡ
البته تحقيق پيدا ڪيوسون انسان کي نهايت سهڻي صورت ۾ .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريته بيشڪ اسان انسان کي تمام سهڻي انداز ۾ پيدا ڪيو آهي
— مولانا محمد مدنيته بيشڪ اسان انسان کي بھترين انداز ۾ پيدا ڪيو آهي.
— عبدالسلام ڀُٽوثُـمَّ رَدَدْنٰهُ اَسْفَلَ سٰفِلِيْنَ 5ۙ
ان کان پوءِ موٽايوسون ان کي هيٺان کان هيٺ حالت ۾ .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريوري اسان ان کي هيٺين کان به هيٺينءَ حالت ڏي موٽايو آهي
— مولانا محمد مدنيپوءِ (نافرمانين سبب) اسان کيس هيٺين کان به هيٺ ڪري ڇڏيو.
— عبدالسلام ڀُٽواِلَّا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَلَهُمْ اَجْرٌ غَيْرُ مَمْنُوْنٍ 6ۭ
مگر جن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيائون پوءِ انهن جي لاءِ اڻ کٽ اجر آهي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريپر جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن لاءِ اڻ کُٽ اجر آهي
— مولانا محمد مدنيپر جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا تن جي لاءِ اَڻ کُٽ اجرآهي.
— عبدالسلام ڀُٽوفَـمَا يُكَذِّبُكَ بَعْدُ بِالدِّيْنِ 7ۭ
پوءِ ڪير توکي ڪوڙو چوي ٿو ان کان پوءِ جزا ۽ سزا جي باري ۾ .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريپوءِ اي انسان! هن کان پوءِ ڪهڙي شيءِ توکان جزا سزا ملڻ جو انڪار ڪرائي ٿي؟
— مولانا محمد مدني(اي نبيﷺ!آخر) هن ڳالهه کان پوءِ ڪير توکي قيامت جي باري ۾ ڪوڙو ڪري سگهي ٿو؟
— عبدالسلام ڀُٽواَلَيْسَ اللّٰهُ بِاَحْكَمِ الْحٰكِمِيْنَ 8ۧ
ڇا الله حاڪمن جو حاڪم ناهي؟ .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريڇا الله سڀني حاڪمن کان زبردست حاڪم نه آهي؟
— مولانا محمد مدنيڇا الله تعالى سڀني حاڪمن کان وڏو حاڪم نه آهي؟ (ڇو نه ، مان ان ڳالهه جي گواهي ڏيڻ وارن مان آهيان).
— عبدالسلام ڀُٽو