094 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 8 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
اَلَمْ نَشْرَحْ لَكَ صَدْرَكَ 1ۙ
ڇا نه کوليو اسان تنهنجي لاءِ تنهنجو سينو .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري(اي پيغمبر!) ڇا اسان تو لاءِ تنهنجو سينو ڪشادو نه ڪيو
— مولانا محمد مدني(اي نبيﷺ!) ڇا اسان تنھنجي سيني کي تنھنجي لاءِ ڪشادو نه ڪيو؟
— عبدالسلام ڀُٽووَوَضَعْنَا عَنْكَ وِزْرَكَ 2ۙ
۽ لاٿو اسان توتان تنهنجو اهو بار .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ اسان توتان اهو بار لاٿو
— مولانا محمد مدني۽ اسان توکان اهو بار لاٿو.
— عبدالسلام ڀُٽوالَّذِيْٓ اَنْقَضَ ظَهْرَكَ 3ۙ
جو ڳرو هو تنهنجي پٺيءَ تي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريجنهن تنهنجي پٺ کي ڳرو ڪيو
— مولانا محمد مدنيجنھن تنھنجي چيلهه ڀڃي ڇڏي هئي.
— عبدالسلام ڀُٽووَرَفَعْنَا لَكَ ذِكْرَكَ 4ۭ
۽ بلند ڪيو اسان تنهنجي لاءِ تنهنو ذڪر .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ اسان تو لاءِ تنهنجي تعريف بلند ڪئي
— مولانا محمد مدني۽ اسان تنھنجي لاءِ تنھنجي تعريف کي وڏي بلندي (يعني شھرت) عطا ڪري ڇڏي.
— عبدالسلام ڀُٽوفَاِنَّ مَعَ الْعُسْرِ يُسْرًا 5ۙ
پوءِ بيشڪ تنگيءَ سان گڏ آساني آهي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريپوءِ بيشڪ ڏک سان گڏ سک آهي
— مولانا محمد مدنيسو بيشڪ ڏکن کان پوءِ سُک آهن.
— عبدالسلام ڀُٽواِنَّ مَعَ الْعُسْرِ يُسْرًا 6ۭ
بيشڪ تنگيءَ سان گڏ آساني آهي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريبيشڪ ڏک سان گڏ سک ئي آهي
— مولانا محمد مدنيبيشڪ ڏکن کان پوءِ سُک آهن.
— عبدالسلام ڀُٽوفَاِذَا فَرَغْتَ فَانْصَ 7ۙ
پوءِ جيڪڏهن فارغ ٿين پوءِ محنت ڪر .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريپوءِ جڏهن تون واندو ٿين ته محنت ڪر
— مولانا محمد مدنيسو جڏهن تون (دنيا جي مصروفيتن کان) فارغ هُجين ته عبادت ۾ لڳي وڃ.
— عبدالسلام ڀُٽووَاِلٰى رَبِّكَ فَارْغَبْ 8ۧ
۽ پنهنجي رب ڏانهن پوءِ رغبت رک .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ پنهنجي پاليندڙ سان دل لڳاءِ
— مولانا محمد مدني۽ پنھنجي پالڻھار ڏانھن متوجهه ٿي وڃ.
— عبدالسلام ڀُٽو