القرآن الڪريم

  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • علامه تاج محمود امروٽي
    • علامه علي خان ابڙو
    • علامه عبدالوحيد جان سرهندي
    • سيد فرمان علي
    • مولانا محمد ادريس ڏاهري
    • مولانا محمد مدني
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
×

توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.




 

رڪوع : 1 سُوۡرَۃُ الضُّحٰی مَکِّیَّۃٌ آيتون : 11


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

وَالضُّحىٰ (آيت : 1)

مٿي آيل ڏينھن جو قسم آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر! تنهنجو انقلاب ضرور ڪاميابيون ماڻيندو، ان لاءِ فڪرمند نه ٿيءُ، رات کان پوءِ ڏينهن لازم ايندو پوءِ) سج چڙهڻ جي وقت جو قسم آهي،(علامه علي خان ابڙو)


قسم آهي ڏينهن جي پهرئين حِصي جو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول) پهر ڏينهن ڇڙهڻ جو قسم،(سيد فرمان علي)


قسم آهي روشن ڏينہن جو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبر) سج چڙهڻ جي وقت جو قسم آهي (مولانا محمد مدني)


قسم آهي ڪچڙي منجهند جو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ساک اُنهِئ صُبح جِي،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَالَّيلِ إِذا سَجىٰ (آيت : 2)

۽ رات جو (قسم) آھي، جڏھن ڍَڪي ٿي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ رات جو جنهن وقت (سڀني شين کي) ڍڪي ٿي.(علامه علي خان ابڙو)


قسم آهي رات جو جڏهن اها خاموش ٿي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ رات جو جڏهن (شين کي) ڍڪي ٿي.(سيد فرمان علي)


۽ رات جو جڏهن ڇائنجي وڃي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ رات جو جنهن وقت (سڀني شين کي) ڍڪي ٿي (مولانا محمد مدني)


۽ قسم آهي رات جو جڏهن ڇانئجي وڃي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پڻ جڏهن جِھمِي شام،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ما وَدَّعَكَ رَبُّكَ وَما قَلىٰ (آيت : 3)

ته (اي پيغمبر) تنھنجي پالڻھار توکي نه ڇڏيو ۽ نڪي ناراض ٿيو.(علامه تاج محمود امروٽي)


ته تنهنجي پاليندڙ توکي نه ڇڏيو آهي ۽ نه بيزار ٿيو آهي. (پوءِ ڪڏهن وحي جي تاخير ٿيڻ مان ڪافرن جو اهڙو نتيجو ڪڍڻ غلط آهي.)(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي توهان کي توهان جي رب نه ڇڏيو آهي ۽ نه ناراض آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ته تنهنجي پروردگار نه تو کي ڇڏيو آهي ۽ نه بيزار ٿيو آهي.(سيد فرمان علي)


نہ توکي تنہنجي رب ڇڏيو ۽ نه ناراض ٿيو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ته تنهنجي پاليندڙ توکي نه ڇڏيو آهي ۽ نه بيزار ٿيو آهي (مولانا محمد مدني)


ته نه تنهنجي پالڻهار تو کي ڇڏيو آهي ۽ نه تو کان رُٺو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ته توکي ڇَڏيو نه تو ڌڻِي، ۽ نَه وِڏ وڙو وَريام(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَلءاخِرَةُ خَيرٌ لَكَ مِنَ الأولىٰ (آيت : 4)

۽ بيشڪ آخرت تولاءِ دنيا کان گھڻو چڱي آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ بيشڪ پوئين (خبر ۽ ڪامرانين واري) حالت تو لاءِ پهرين (تڪليفن واري) حالت کان گهڻي چڱي آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ يقيناً آخرت توهان لاءِ دنيا کان بهتر آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ تنهنجي لاءِ آخرت دنيا کان پڪ گهڻي چڱي آهي.(سيد فرمان علي)


۽ البته پوءِ اچڻ واري هر گهڙي تولاءِ پهرينءَ کان ڀلي آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ بيشڪ پوئين حالت تو لاءِ پهرئين حالت کان گهڻي چڱي آهي (مولانا محمد مدني)


۽ بلاشڪ پوئين (گهڙي) تنهنجي لاءِ پهرئين کان ڀلي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ هِن کان، هُو جَھان ڀَلو، تو لئي آهي تَمام،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَسَوفَ يُعطيكَ رَبُّكَ فَتَرضىٰ (آيت : 5)

۽ تنھنجو پالڻھار سگھوئي توکي (ايترو) ڏيندو جو (تون) خوش ٿيندين.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ توکي ضرور تنهنجو پاليندڙ (فتحيابي) ڏيندو، پوءِ تون (ان ڪاميابيءَ تي) مسرور ٿيندين.(علامه علي خان ابڙو)


۽ بيشڪ جلد توهان کي توهان جو رب ايترو عطا ڪندو جو توهان راضي ٿيندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ تنهنجو پالڻهار تو کي ايترو (ته) عطا ڪندو جو تون خوش ٿيندين.(سيد فرمان علي)


۽ البته جلد ڏيندو توکي تنہنجو رب پوءِ تون راضي ٿيندين .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ توکي ضرور تنهنجو پاليندڙ (فتحيابي) ڏيندو پوءِ تون خوش ٿيندين. (مولانا محمد مدني)


۽ جلد تنهنجو پالڻهار تو کي (ايترو) ڏيندو جو تون راضي ٿي ويندين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ سِگھو سائـِين تُنهنجو، ڪَندو اوتون توتي عام، پوءِ ماڻي مَقصد مَام، سَرهو ٿِيندِين سپرِين!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَلَم يَجِدكَ يَتيمًا فَـٔاوىٰ (آيت : 6)

توکي يتيم نه ڏٺائين ڇا پوءِ (توکي) جاءِ ڏنائين.(علامه تاج محمود امروٽي)


(تون پنهنجي زندگيءَ کي ڏس ته) ڇا توکي (تنهنجي پالڻهار) يتيم نه پاتو، پوءِ (توکي حفاظت ۽ سنڀال لاءِ) جاءِ ڏنائين.(علامه علي خان ابڙو)


تو کي يتيم نہ ڏٺائين ڇا؟ پوءِ (تو کي) جاءِ ڏنائين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ڇا ان کي يتيم ڏسي (ابو طالب جي) پناھ نه ڏني؟ (بيشڪ ڏني).(سيد فرمان علي)


ڇا نه لڌائين توکي يتيم پوءِ جاءِ ڏنائين .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ڇا توکي يتيم نه ڄاڻي پوءِ جاءِ ڏنائين (مولانا محمد مدني)


ڇا تو کي يتيم نه لڌائين پوءِ تو کي جاءِ ڏنائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڇا، تو نه لڌائـِين ڇورڙو، پوءِ بَخشِئـِين راڄ ڀاڳ؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَوَجَدَكَ ضالًّا فَهَدىٰ (آيت : 7)

۽ توکي ناواقف ڏٺائين پوءِ (شريعت جي) رستي لاتائين.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ توکي (حقيقت جي) رستي جو ڳولائو ڏسي پوءِ (وحي جي ذريعي سڌو) رستو ڏيکاريائين.(علامه علي خان ابڙو)


۽ تو کي ناواقف ڏٺائين، پوءِ (شريعت جي) رستي لاتائين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ تو کي (پنهنجي قوم ۾) غير معروف ڏٺو ته (تنهنجي سڃاڻڻ لاءِ سڀ جي) رهبري ڪئي وئي.(سيد فرمان علي)


۽ لڌائين توکي محبت ۾ گم پوءِ (پاڻ ڏانہن) رستو ڏنائين .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ توکي رستي کان بي خبر ڏسي پوءِ رستو ڏيکاريائين(مولانا محمد مدني)


۽ تو کي پنهنجي محبت ۾ بي اختيار لڌائين پوءِ (پنهنجي طرف) واٽ ڏنائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ مُوڙهل لڌائـِين مُورهِين، پوءِ موڙي آندئـِين ماڳ؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَوَجَدَكَ عائِلًا فَأَغنىٰ (آيت : 8)

۽ توکي مسڪين ڏٺائين پوءِ آسودو ڪيائين.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ توکي ضرورتمند ڏسي پوءِ ايترو ڏنائين جو تون ڪنهن مدد جو محتاج نه رهين.(علامه علي خان ابڙو)


۽ ڇا ان توهان کي ضرورتمند نه لڌو پوءِ توهان کي غني ڪيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ تو کي تنگدست ڏسي (خديجه جي مال سان) بي پرواھ ڪيائين.(سيد فرمان علي)


۽ لڌائين توکي عيال وارو پوءِ غني بنايائين .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ توکي مسڪين ڏسي پوءِ توکي بي پرواه ڪيائين (مولانا محمد مدني)


۽ تو کي ضرورتمند ڏٺائين پوءِ غني ڪري ڇڏيائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ لَکِين ڏِنائـِين لاڳ، جَڏهن ڏِٺِئين توکي ڏُٻـَرو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَأَمَّا اليَتيمَ فَلا تَقهَر (آيت : 9)

تنھنڪري يتيم تي تون ڏاڍ نه ڪر.(علامه تاج محمود امروٽي)


(پوءِ جيئن تنهنجي يتيم ذات جي سنڀال ٿي تيئن تنهنجو نظام به يتيم جي سنڀال ڪري) پوءِ يتيم تي متان ڏکيائيون ڪرين.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ توهان (امتي) يتيم تي ڪا به سختي نه ڪريو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ته تون به يتيم تي متان سختي ڪرين.(سيد فرمان علي)


پوءِ پر يتيم تي پوءِ سختي نه ڪر .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ يتيم تي متان سختي ڪرين (مولانا محمد مدني)


پوءِ تون ڪنهن يتيم تي سختي نه ڪر.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


تڏهن تون نه يَتِيم تي، ذَرو زور هَلاءِ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَأَمَّا السّائِلَ فَلا تَنهَر (آيت : 10)

۽ سُوالي کي نه جھڻڪ.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (تنهنجو ساڳيو نظام ضرورتمندن جي ڪفيل هجي) پوءِ سوالي کي متان جهڻڪين.(علامه علي خان ابڙو)


۽ توهان سوال ڪندڙ کي نه تڙيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ سوال ڪرڻ واري کي متان جهڻڪين.(سيد فرمان علي)


۽ پر سائل کي پوءِ نه جهڻڪ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ سواليءَ کي متان جهڻڪين (مولانا محمد مدني)


۽ سواليءَ کي نه جهڻڪ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


تڏهن تون نه تَڙِي ڏي، ڪِنهن آسائو کي، آءِ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَأَمّا بِنِعمَةِ رَبِّكَ فَحَدِّث (آيت : 11)

۽ پنھنجي پالڻھار جي نعمت جو بيان ڪندو رھ.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ پنهنجي پاليندڙ جي نعمتن کي پيو بيان ڪر (انهن نعمتن کي خدائي عطيو سمجهي ٻين تي به اهي نعمتون ڪم آڻيندو رهه).(علامه علي خان ابڙو)


۽ توهان پنهنجي رب جي نعمتن جو اظهار ڪريو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ پنهنجي پالڻهار جي نعمت پيو بيان ڪر!(سيد فرمان علي)


۽ پر پنہنجي رب جي نعمت جو پوءِ بيان ڪندو ڪر .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ پنهنجي پاليندڙ جي نعمت پيو بيان ڪر(مولانا محمد مدني)


۽ پنهنجي پالڻهار جي نعمتن کي بيان ڪندو رهه.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ ڳايون پِيو ڳُڻ ڳاءِ، پَنهنجي پَروَر پاڪ جا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))



© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017