القرآن الڪريم

  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • علامه تاج محمود امروٽي
    • علامه علي خان ابڙو
    • علامه عبدالوحيد جان سرهندي
    • سيد فرمان علي
    • مولانا محمد ادريس ڏاهري
    • مولانا محمد مدني
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
×

توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.




 

رڪوع : 1 سُوۡرَۃُ الَّیۡلِ  مَکِّیَّۃٌ آيتون : 21


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

وَالَّيلِ إِذا يَغشىٰ (آيت : 1)

رات جو قسم آھي جڏھن ڍَڪي ٿي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(ڪائنات جي ٻن متضاد شين مان) رات جو قسم آهي، جڏهن (ان جي اوندهه سڀني شين کي) ڍڪي ٿي.(علامه علي خان ابڙو)


قسم آهي رات جو جڏهن اها ڇانئجي وڃي ٿي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


قسم آهي رات جو جڏهن (سڀني شين کي) ڍڪي ٿي.(سيد فرمان علي)


قسم آهي رات جو جڏهن ڍڪي ٿي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


رات جو قسم آهي جڏهن (سڀني شين کي) ڍڪي ٿي (مولانا محمد مدني)


قسم آهي رات جو جڏهن ڇانئجي وڃي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


قسم ڪارِي رات جو، جڏهن ڪري ٿِي ڪار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَالنَّهارِ إِذا تَجَلّىٰ (آيت : 2)

۽ ڏينھن جو (قسم آھي) جڏھن روشن ٿئي ٿو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ ڏينهن جو جڏهن (ان جو سوجهرو سڀني شين کي) ظاهر ڪري ٿو.(علامه علي خان ابڙو)


قسم آهي ڏينهن جو جڏهن اهو روشن ٿئي ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ ڏينهن جو جڏهن ظاهر ٿئي ٿو،(سيد فرمان علي)


۽ قسم آهي ڏينهن جو جڏهن روشن ٿئي ٿو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ ڏينهن جو جڏهن ظاهر ٿئي ٿو (مولانا محمد مدني)


۽ قسم آهي ڏينهن جو جڏهن روشن ٿي وڃي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڏِينهن ساکِي ڏيھ لئي، جڏهن ڏِئي جَھلڪار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَما خَلَقَ الذَّكَرَ وَالأُنثىٰ (آيت : 3)

۽ اُن جو (قسم آھي) جنھن نر ۽ مادي خلقي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ نر ماديءَ کي جو (الڳ طبعي رجحانن سان) پيدا ڪيو اٿس (تنهن جو قسم).(علامه علي خان ابڙو)


قسم آهي ان خالق جو جنهن مذڪر ۽ مؤنث پيدا ڪيا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ ان (ذات) جو جنهن نر ۽ مادي کي پيدا ڪيو،(سيد فرمان علي)


۽ ان جو جنهن پيدا ڪيو نر کي ۽ ماديءَ کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ نر ماديءَ کي جو پيدا ڪيو اٿس تنهن جو (مولانا محمد مدني)


۽ قسم آهي ان ذات جو جنهن نر ۽ مادي کي پيدا ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جوڙڻ نر، يا نار جو، نَمونو نِروار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنَّ سَعيَكُم لَشَتّىٰ (آيت : 4)

ته بيشڪ اوھان جي ڪوشش قسمين قسمين آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


ته اوهان جون ڪوششون (به ائين الڳ رخن ۾ ٿيندڙ ۽) مختلف آهن.(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ توهان جي ڪوشش يقيناً مختلف آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


بيشڪ اوهان جون ڪوششون طرح طرح جون آهن.(سيد فرمان علي)


بيشڪ اوهان جي ڪوشش جدا جدا آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ته اوهان جون ڪوششون مختلف آهن (مولانا محمد مدني)


ته بيشڪ توهان جي ڪوشش جدا جدا (مقصدن لاءِ) آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ساکِي سَڀ هن ڳالھ تي، بيشڪ بَرقرار، ته آهِن اَوس اَوهان جا، ڌَندا ڌارو ڌار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَأَمّا مَن أَعطىٰ وَاتَّقىٰ (آيت : 5)

پوءِ جنھن (الله لڳ) ڏنو ۽ پرھيزگاري ڪئي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(انهيءَ فرق جي باوجود به رات ۽ ڏينهن ۽ نر ۽ مادي هڪ ٻئي لاءِ مفيد بڻجن ٿا) پوءِ جنهن شخص (سڀني انسانن کي الله جو ڪٽنب ڄاڻي انهن ۾) پنهنجي ڪمائي ورهائي ۽ الله کان ڊنو.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ پر اهو ماڻهو جنهن (پنهنجو مال خدا ڪارڻ) ڏنو ۽ پرهيزگاري اختيار ڪئي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ جنهن سخاوت ڪئي ۽ خدا کان ڊنو.(سيد فرمان علي)


پوءِ پر جنهن ڏنو ۽ ڊنو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ جنهن شخص ڏنو ۽ (الله کان) ڊنو ۽ (مولانا محمد مدني)


پوءِ جنهن (مال الله جي راهه ۾) ڏنو ۽ پرهيزگار ٿيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پر پوءِ جِنهن ثابِت سِيل رَکيو، ۽ لَڌئـِين سَقِيمن سار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَصَدَّقَ بِالحُسنىٰ (آيت : 6)

۽ چڱائي کي سچ ڄاتائين.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (هن دنيا ۾ الله جي نيابت واري) تمام چڱي ڳالهه کي سچو سمجهيو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ مِلتِ اسلام کي سچو سمجھو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ تمام چڱي ڳالھ (اسلام) کي سچو سمجهو،(سيد فرمان علي)


۽سچو چيائين چڱي ڳالهه کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


تمام چٽي ڳالهه کي سچو سمجهيو (مولانا محمد مدني)


۽ سهڻي ڳالهه جي تصديق ڪيائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ پَسند ڪيائـِـين پاڻ لئي، چڱِي چوکِي ڪار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَسَنُيَسِّرُهُ لِليُسرىٰ (آيت : 7)

تنھنکي (نجات جو) آسان رستو سھنجو ڪري ڏينداسين.(علامه تاج محمود امروٽي)


ته ان کي (انهيءَ چڱي ڳالهه لاءِ) تمام آسان رستي (تي هلڻ) جر توفيق ڏينداسون.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ جلد اسين ان کي آسانيءَ جي توفيق عطا ڪنداسين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ته اسين ان جي لاءِ راحت ۽ آساني (جنت) جا اسباب تيار ڪنداسون.(سيد فرمان علي)


پوءِ جلد آسان ڪري ڏينداسون ان کي سولي واٽ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ته ان کي تمام آسان رستي (تي هلڻ) جي توفيق ڏينداسون (مولانا محمد مدني)


پوءِ سگهو ئي اسان ان کي آسان رستي جي سهولت ميسر ڪري ڏينداسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ سِگھو سُهِکي پار، اَسِين ڪَنداسون اُن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَأَمّا مَن بَخِلَ وَاستَغنىٰ (آيت : 8)

۽ جنھن بخل ڪيو ۽ (پاڻ کي) بي پرواھ ڄاتائين.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جنهن شخص بخيليءَ جي واٽ ورتي ۽ بي پرواهي ڪئي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ پر اهو ماڻهو جنهن بخيلي ڪئي ۽ بي پرواهه ٿيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جنهن ڪنجوسي ڪئي ۽ بي پرواهي ڪئي.(سيد فرمان علي)


۽ پر جنهن بخيلي ڪئي ۽ بي پرواهي ڏيکاري .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بخل ڪيو ۽ بي پرواهي ڪئي (مولانا محمد مدني)


۽ پر جنهن بخيلي ڪئي ۽ بي پرواهي ڪيائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پر جو ڪَٺَ ڪَنجوس ٿِـئو، بي پَرواه بَنيو پاڻ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَكَذَّبَ بِالحُسنىٰ (آيت : 9)

۽ چڱائي کي ڪوڙ ڀانيائين.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (هن دنيا ۾ الله جي بيابت واري) تمام چڱي ڳالهه کي ڪوڙو ڪيو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ مِلتِ اسلاميه جي تڪذيب ڪئي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ تمام چڱي ڳالھ کي ڪوڙو ڪيو.(سيد فرمان علي)


۽ ڪوڙو چيائين سهڻي ڳالهه کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ تمام چٽي ڳالهه کي ڪوڙو ڪيو (مولانا محمد مدني)


۽ سهڻي ڳالهه کي ڪوڙو چيائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڀُليو پار ڀَلي کان، ڀيري ڀيري ساڻ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَسَنُيَسِّرُهُ لِلعُسرىٰ (آيت : 10)

تنھن کي اوکائيءَ (۾ پوڻ) لاءِ (رستو) آسان ڪري ڏينداسين.(علامه تاج محمود امروٽي)


ته ان کي (پنهنجي گرفت واري قانون سان) تمام مشڪل رستي تي لڳائي ڇڏينداسون.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ جلد اسين ان کي باه ۾ گرفتار ڪنداسين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ته اسان ان کي سختيءَ سان (جهنم) ۾ وجهي ڇڏينداسون.(سيد فرمان علي)


پوءِ جلد ميسر ڪنداسون ان لاءِ ڏکيائي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ته ان کي تمام مشڪل رستي (تي هلڻ) لاءِ لڳائي ڇڏينداسون (مولانا محمد مدني)


پوءِ سگهو ئي اسان ان کي تمام مشڪل رستي لاءِ (اسباب) مهيا ڪري ڏينداسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ ڪنداسون تِنهن ڪاڻ، سِگھو سَهکو سُور کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَما يُغنى عَنهُ مالُهُ إِذا تَرَدّىٰ (آيت : 11)

۽ جڏھن اونڌو ڪرندو ته سندس مال کانئس (ڪجھ) نه ٽاريندو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ سندس مال ان کي ڪم نه ايندو، جڏهن هو (تباهين جي) کڏ ۾ ڪرندو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جڏهن اهو پاڻ مَرندو ته کيس سندس مال ڪو نفعو نه ڏيندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جڏهن اهو هلاڪ ٿيندو ته ان جو مال (اسباب) کيس ڪجھ به ڪم نه ايندو.(سيد فرمان علي)


۽ نه فائدو ڏيندو ان کان ان جو مال جڏهن هلاڪت ۾ پوندو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ سندس مال ان کان ڪجهه به نه ٽاريندو جڏهن هو (کڏ ۾ ) ڪرندو (مولانا محمد مدني)


۽ ان جو مال ان جي ڪنهن ڪم نه ايندو جڏهن اُهو (هلاڪت جي کڏ ۾) ڪِرندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڪِين ڇَڏائـِيندس ڪَڏهن، سَندسِ ميڙيل مال، ڏيئـِي ڇَپَر تان ڇال، جڏهن پاڻهِين مارئـِين پاڻ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنَّ عَلَينا لَلهُدىٰ (آيت : 12)

بيشڪ سڌو رستو ڏيکارڻ اسان تي (لازم) آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(ان ڪري جو هن ذاتي مفاد جو اهو رستو رڳو پنهنجي سوچ تي هلي اختيار ڪيو هو) بيشڪ (وحي جي ذريعي انساني ڪامراني ۽ فلاح جو) رستو ڏيکارڻ اسان تي (اسان جي ذمي) آهي.(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ هدايت اسان تي آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اسان کي راھ ڏيکارڻي ضرور آهي.(سيد فرمان علي)


بيشڪ اسان تي البته هدايت ڪرڻ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بيشڪ اسان تي ئي رستو ڏيکارڻ آهي (مولانا محمد مدني)


بيشڪ هدايت جي واٽ ڏيکارڻ اسان تي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڏِيڻ ڏَس چڱِئَ جو، آهي اَسان جو شان، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِنَّ لَنا لَلءاخِرَةَ وَالأولىٰ (آيت : 13)

۽ بيشڪ آخرت ۽ دُنيا (ٻئي) اسان جي وس ۾ آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ بيشڪ (ان واٽ تي) آخرت ۽ دنيا (جون ڀلايون) اسان جي اختيار ۾ آهن.(علامه علي خان ابڙو)


۽ بيشڪ آخرت ۽ دنيا جا مالڪ اسين آهيون(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


آخرت ۽ دنيا (ٻئي خاص) اسان جون ئي آهن.(سيد فرمان علي)


۽ بيشڪ اسان جي آهي البته آخرت ۽ دنيا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ بيشڪ آخرت ۽ دنيا اسان جون ئي آهن (مولانا محمد مدني)


۽ بيشڪ آخرت ۽ دنيا اسان جون ئي آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ آهِن اَوس اَسان جا، هِي ۽ هُو جَھان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَأَنذَرتُكُم نارًا تَلَظّىٰ (آيت : 14)

پوءِ اوھان کي باھ کان ڊيڄاريم جا ڄڀي ڪري ٿي.(علامه تاج محمود امروٽي)


تنهن ڪري مون اوهان کي (تباهين جي) اهڙي باهه کان ڊيڄاريو آهي، جا ڀڙڪندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ آئون توهان کي ان باه کان ڊيڄاريان ٿو جيڪا ڀڙڪي پئي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


تنهن ڪري مون اوهان کي اهڙي باھ کان ڊيڄاريو آهي جا ڄڀي ڪري ٿي.(سيد فرمان علي)


پوءِ ڊيڄاريو مون اوهان کي باهه کان جيڪا ڀڙڪي پئي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


تنهن ڪري مون اوهان کي اهڙي باهه کان ڊيڄاريو آهي جا ڄڀي (ڀڙڪا) ڪري ٿي (مولانا محمد مدني)


پوءِ مون توهان کي اهڙي باهه کان ڊيڄاريو آهي جا ڀڙڪي رهي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


تڏهن توهان کي باھ جو، اڳي ڪَيَمِ اِعلان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


لا يَصلىٰها إِلَّا الأَشقَى (آيت : 15)

(اھڙي) وڏي نڀاڳي کانسواءِ (ٻيو) ڪو اُن ۾ ڪونه گھڙندو.(علامه تاج محمود امروٽي)


جنهن ۾ اهڙي نڀاڳي کان سواءِ ٻيو ڪو داخل نه ٿيندو.(علامه علي خان ابڙو)


نٿو داخل ٿئي انهيءَ ۾ مگر وڏو بدبخت(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جنهن ۾ اهڙي نڀاڳي کان سواءِ ٻيو ڪو داخل نه ٿيندو.(سيد فرمان علي)


نه داخل ٿيندو ان ۾ مگر وڏو بد بخت .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جنهن ۾ اهڙي نڀاڳي کان سواءِ ٻيو ڪو داخل نه ٿيندو (مولانا محمد مدني)


جنهن ۾ وڏي نڀاڳي کان سواءِ ڪوبه نه گهڙندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پَوي نَه، اُنهِئَ پوڻ ۾، ري اَڀاڳي اِنسان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


الَّذى كَذَّبَ وَتَوَلّىٰ (آيت : 16)

جنھن (اسلام کي) ڪوڙ ڄاتو ۽ پٺيرو ٿيو.(علامه تاج محمود امروٽي)


جنهن (حقن پوري ڪرڻ واري اسان جي قانونن کي) ڪوڙو ڪيو ۽ (انهن تي عمل کان) منهن موڙيو.(علامه علي خان ابڙو)


جنهن تڪذيب ڪئي ۽ مُنهن ڦيرايو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جنهن ڪوڙو ڪيو ۽ منهن موڙيو.(سيد فرمان علي)


جنهن ڪوڙو چيو ۽ منهن موڙيو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جنهن ڪوڙو ڪيو ۽ منهن موڙيو (مولانا محمد مدني)


جنهن (حق کي) ڪوڙو چيو ۽ مُنهن موڙيائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جِنهن ڪُوڙا ڪيا بيان، ۽ هَليو پُٺيرو حَقَّ کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَسَيُجَنَّبُهَا الأَتقَى (آيت : 17)

۽ اُن (باھ) کان انھي وڏي پرھيزگار کي پاسي ڪبو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ ان (تباهيءَ) کان (اسان جي قانونن جي پاسداري لاءِ) پنهنجي نگهباني ڪندڙ شخص کي بچايو ويندو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ ان کان ضرور پري رکيو ويندو ان شخص کي جيڪو وڌيڪ پرهيزگار آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جو وڏو پرهيزگار آهي سو ان کان بچايو ويندو.(سيد فرمان علي)


۽ گهڻو پري رکيو ويندو ان کان وڏو پرهيزگار .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ ان کان ان پرهيزگار کي الڳ ڪيو ويندو (مولانا محمد مدني)


۽ جلد بچايو ويندو ان (باهه) کان وڏي پرهيزگار کي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جِنهن پوتِي پَنهنجي پاڪ رکي، سو بَچندو کانسِ بَحال، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


الَّذى يُؤتى مالَهُ يَتَزَكّىٰ (آيت : 18)

جيڪو پنھنجو مال (الله جي واٽ ۾) ڏئي ٿو ته پاڪ ٿئي.(علامه تاج محمود امروٽي)


جنهن (ضرورت پوڻ تي رضا خوشيءَ سان) پنهنجو (سڀ ڪجهه) مال (انسان ذات جي ڀلائيءَ لاءِ) ڏئي پاڻ سنواريو.(علامه علي خان ابڙو)


جيڪو پنهنجو مال بنا ڪنهن ريا جي خرچ ڪري ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جيڪو پنهنجو مال (خدا جي راھ) ۾ ڏئي ٿو ته جيئن (اهو) پاڪ ٿئي.(سيد فرمان علي)


جيڪو پنهنجو مال ڏئي ٿو صاف ٿو ٿئي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جو پنهنجو مال ڏئي ٿو ته پاڪ ٿئي (مولانا محمد مدني)


جو پنهنجو مال (الله جي راهه ۾) ڏئي ٿو پاڪيزگي حاصل ڪري.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جو مَدد ڏِئي مِسڪِين کي، مَنجھان پَنهنجي مال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَما لِأَحَدٍ عِندَهُ مِن نِعمَةٍ تُجزىٰ (آيت : 19)

۽ مٿس اھڙي ڪنھن جو ڪو احسان ٿيل نه آھي جو بدلو ڏجي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ مٿس ڪنهن جو اهڙو احسان به نه آهي، جنهن جو بدلو ڏئي ٿو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ ڪنهن جو ان تي ڪو احسان ناهي جنهنجو بدلو ڏنو وڃي ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ مٿس ڪنهن جو اهڙو احسان به نه هجي جنهن جو بدلو ڏئي.(سيد فرمان علي)


۽ ناهي ڪنهن هڪ جو ان تي ڪو احسان جو بدلو ڏنو وڃي ٿو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ مٿس ڪنهن جو اهڙو احسان به نه هجي جنهن جو بدلو ڏئي (مولانا محمد مدني)


۽ ڪنهن جو به ان تي ڪو احسان ناهي جنهن جو بدلو ڏئي رهيو هجي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ٻِيو حَق نه وَٽسِ، ڪنهن هيڪ جو، جو هُجي لاهِيندو لال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِلَّا ابتِغاءَ وَجهِ رَبِّهِ الأَعلىٰ (آيت : 20)

پر پنھنجي تمام مٿاھين پالڻھار جي رضامندي طلبڻ لاءِ (ڏئي ٿو).(علامه تاج محمود امروٽي)


پر پنهنجي مٿاهين پالڻهار جي رضامندي حاصل ڪرڻ لاءِ (ڏئي ٿو).(علامه علي خان ابڙو)


مگر اهو فقط پنهنجي رب تعالى جو رضامندو گھُري ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پر (اهو ته) رڳو پنهنجي عاليشان پروردگار جي رضامنديءَ حاصل ڪرڻ لاءِ ڏئي ٿو.(سيد فرمان علي)


مگر پنهنجي رب اعلى جي رضا طلب ڪرڻ لاءِ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پر پنهنجي بلند پاليندڙ جي رضامندي گهرڻ لاءِ (ڏئي ٿو) (مولانا محمد مدني)


سواءِ پنهنجي پالڻهار جي رضامندي حاصل ڪرڻ جي، جيڪو (سڀ کان) مٿاهون آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ رَبَّ سَندسِ جي راه ۾، جو مَٿاهون مُتعال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَسَوفَ يَرضىٰ (آيت : 21)

۽ ضرور جلد خوش ٿيندو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ ان شخص کي اها رضامندي ضرور پلئه پوندي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ اهو جلد (پنهنجي رب کان) راضي ٿيندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اهو ماڻهو ضرور جلد راضي (۽ خوشنود) ٿيندو.(سيد فرمان علي)


۽ البته جلد راضي ٿيندو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ اهو شخص ضرور راضي ٿيندو (مولانا محمد مدني)


۽ پڪ سان جلد اُهو (الله ان کان) راضي ٿي ويندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


سِگھو سُڀان ڪالھ، سَڀ ماڻِيندو مَرضِيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))



© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017