توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
وَالشَّمسِ وَضُحىٰها (آيت : 1) |
سج ۽ اُن جي سوجھري جو قسم آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) سج جو قسم آهي ۽ سندس (روشني پهچائڻ خاطر) مٿي چڙهڻ جو.(علامه علي خان ابڙو) قسم آهي سِج جو ۽ ان جي روشني جو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) سج جو قسم آهي ۽ سندس روشنيءَ جو،(سيد فرمان علي) قسم آهي سج جو ۽ان جي روشنيءَ جو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) سج جو قسم آهي ۽ سندس مٿي چڙهڻ جو (مولانا محمد مدني) قسم آهي سج جو ۽ ان جي سُهائي جو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهي ساک سِج جِي، پڻ اُنهِئَ جِي اوڀار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَالقَمَرِ إِذا تَلىٰها (آيت : 2) |
۽ چنڊ جوقسم آھي جڏھن ان جي پوئتان اچي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ چنڊ جو، جڏهن سج (کان روشني اوڌاري وٺڻ لاءِ ان) جي پٺيان اچي ٿو.(علامه علي خان ابڙو) قسم آهي چنڊ جو جڏهن مڪمل روشني ڪري ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ چنڊ جو جڏهن سج جي پٺيان نڪري ٿو.(سيد فرمان علي) ۽ چنڊ جو جڏهن ان جي پويان اچي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ چنڊ جو جڏهن سج جي پٺيان اچي ٿو (مولانا محمد مدني) قسم آهي چنڊ جو جڏهن ان (سج) جي پٺيان اچي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پڻ ساک سُونهاري چنڊ جِي، وَرتئينسِ پُٺ جنهن وار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَالنَّهارِ إِذا جَلّىٰها (آيت : 3) |
۽ ڏينھن جو (قسم آھي) جڏھن سج کي روشن ڪري.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ ڏينهن جو جڏهن روشنيءَ کي ظاهر ڪري ٿو.(علامه علي خان ابڙو) قسم آهي ڏينهن جو جڏهن اهو سج کي روشن ڪري ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ ڏينهن جو جڏهن چمڪائي،(سيد فرمان علي) ۽ ڏينهن جو جڏهن ان کي روشن ڪري .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ ڏينهن جو جڏهن سج کي ظاهر ڪري ٿو (مولانا محمد مدني) قسم آهي ڏينهن جو جڏهن سج کي ظاهر ڪري ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) شاهِد ڏِينهن ڏيہ ۾، جڏهن لَڳَسِ جَھلڪار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَالَّيلِ إِذا يَغشىٰها (آيت : 4) |
۽ رات جو (قسم آھي) جڏھن سج کي ڍڪي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ رات جو جڏهن (روشنيءَ) کي ڍڪي ٿي.(علامه علي خان ابڙو) قسم آهي رات جو جڏهن اها سج کي لڪائي ٿي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ رات جو جڏهن ان کي ڍڪي ٿي.(سيد فرمان علي) ۽ رات جو جڏهن ان تي ڇائنجي وڃي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ رات جو جڏهن سج کي ڍڪي ٿي (مولانا محمد مدني) قسم آهي رات جو جڏهن سج کي ڍڪي ٿي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پڻ ساک آهي سانِجھڙي، جَڏهن چَڙهي مَٿي چوڌار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَالسَّماءِ وَما بَنىٰها (آيت : 5) |
۽ آسمان جو ۽ اُن جو (قسم آھي) جنھن اُن کي بڻايو.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ آسمان جو ۽ جنهن نموني ان کي (فضا جي بلندين سان) بنايو اٿس، تنهن جو،(علامه علي خان ابڙو) قسم آهي آسمان جو ۽ ان جي بنائيندڙ جو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ آسمان جو ۽ جنهن ان کي بنايو اٿس تنهن جو.(سيد فرمان علي) ۽ آسمان جو ۽ ان جو جنهن ان کي ٺاهيو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ آسمان جو ۽ جنهن نموني ان کي بنايو اٿس تنهن جو (مولانا محمد مدني) قسم آهي آسمان جو ۽ ان ذات جو جنهن ان کي بنايو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُڀ، ڪِ اَڏاوت اُن جِي، اَکِيَن اڳيان اِظهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَالأَرضِ وَما طَحىٰها (آيت : 6) |
۽ زمين جو ۽ اُنجو (قسم آھي) جنھن اُن کي پکيڙيو.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ زمين جو ۽ جنهن نموني ان کي (گول هئڻ باوجود) وڇايو اٿس. تنهن جو،(علامه علي خان ابڙو) قسم آهي زمين جو ۽ ان جي پکيڙيندڙ جو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ زمين جو ۽ جنهن ان کي وڇايو اٿس تنهن جو.(سيد فرمان علي) ۽ زمين جو ۽ ان جو جنهن ان کي پکيڙيو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽زمين جو ۽ جنهن نموني ان کي وڇايو اٿس تنهن جو (مولانا محمد مدني) قسم آهي زمين جو ۽ قسم آهي ان ذات جو جنهن ان کي وڇايو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڀُون، ڪِ پَکيڙ اُن جِي، عَجَب رَنگ اِسرار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَنَفسٍ وَما سَوّىٰها (آيت : 7) |
۽ (ماڻھوءَ جي) جيءُ جو ۽ اُنجو (قسم آھي) جنھن اُن کي جوڙي برابر ڪيو.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ نفس جو ۽ جنهن نموني ان کي (صلاحيت عطا ڪري) ٺيڪ ٺاڪ جوڙيو اٿس.(علامه علي خان ابڙو) قسم آهي انسان جو ۽ ان جي درست ڪندڙ جو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ جان جو ۽ جنهن ان کي برابر جوڙيو اٿس.(سيد فرمان علي) ۽ نفس جو ۽ جنهن ان کي برابر بنايو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ نفس جو ۽ جنهن نموني ان کي برابر جوڙيو اٿس (مولانا محمد مدني) قسم آهي نفس جو ۽ ان ذات جو جنهن ان کي سنواريو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جِئ ڪِ جوڙڻ اُن جو، سَرکو نَڪ نِروار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَأَلهَمَها فُجورَها وَتَقوىٰها (آيت : 8) |
پوءِ سندس بدڪاري ۽ سندس پرھيزگاريءَ (جي سڃاڻ) اندر ۾ وڌائينس.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ ان کي بدڪاري ۽ نيڪوڪاري جي سمجهه ڏني اٿس. تنهن جو (قسم)،(علامه علي خان ابڙو) پوءِ ان جي برائي ۽ چڱائي ان جي دل ۾ وِڌائين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پوءِ ان کي بدڪاري ۽ نيڪوڪاريءَ جي سمجھ ڏني اٿس، ان جو (قسم آهي)،(سيد فرمان علي) ۽ پوءِ الهام ڪيائين ان کي ان جي برائي ۽ ان جي تقوى .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ ان کي بدڪاري ۽ نيڪوڪاري جي سمجهه ڏني اٿس تنهن جو (مولانا محمد مدني) پوءِ ان کي سندس بدڪاري ۽ سندس پرهيزگاري جي سمجهه ڏنائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ بُرو ۽ ڀلو اُن جو، سَمجھايَسِ سَتار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قَد أَفلَحَ مَن زَكّىٰها (آيت : 9) |
جنھن اُن (نفس) کي (بدڪاريءَ کان) پاڪ ڪيو سو بيشڪ ڇٽو.(علامه تاج محمود امروٽي) (پوءِ ڪائنات ۽ انساني نفسن جون هي حقيقتون شاهد آهن ته) تحقيق اهو مراد (۽ ڪامرانيءَ) کي پهچي ويو، جنهن (پنهنجي جسم جي بجاءِ پنهنجي شخصيت جي اوسر ڪري) نفس کي پاڪ ڪيو.(علامه علي خان ابڙو) بيشڪ ڪامياب ٿيو اهو شخص جنهن پنهنجي نفس کي پاڪ ڪيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته بيشڪ جنهن پنهنجي (جان) کي (گناهن کان) پاڪ رکيو سو ته ڪامياب ٿيو،(سيد فرمان علي) تحقيق ڪامياب ٿيو جنهن ان کي صاف ڪيو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ته بيشڪ اهو مراد کي پهچي ويو جنهن نفس کي پاڪ ڪيو (مولانا محمد مدني) بيشڪ ڪامياب ٿيو اُهو جنهن ان (نفس) کي (رذيل خصلتن کان) پاڪ ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پَڪ ڇُٽو، جِنهن پاڪ رَکيَسِ، ڪَنان غير غبار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَقَد خابَ مَن دَسّىٰها (آيت : 10) |
۽ جنھن اُن کي (گناھن ۾) پوري ڇڏيو سو بيشڪ ٽوٽي وارو ٿيو.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ بيشڪ اهو بي مراد ٿيو، جنهن (مفاد پرستين جي بار هيٺان پاڻ کي دٻائي رکيو) ۽ نفس کي مٽيءَ ۾ لوئاڙي ڇڏيو.(علامه علي خان ابڙو) ۽ بيشڪ ناڪام ٿيو اهو شخص جنهن پنهنجي نفس کي (گناهن ۾) لڪايو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ جنهن (گناھ ڪري) ان (نفس کي) دٻائي ڇڏيو سو نامراد رهيو.(سيد فرمان علي) ۽ تحقيق نقصان وارو ٿيو جنهن ان کي گناهن ۾ پوري ڇڏيو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ بيشڪ اهو بي مراد ٿيو جنهن ان کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو (مولانا محمد مدني) ۽ بيشڪ نامراد ٿيو اُهو جنهن ان کي (رذيل خصلتن ۾) گدلو ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ هَرگـز کاڌئـِين هار، جِنهن گَندو ڪَيَسِ گُناھ سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
كَذَّبَت ثَمودُ بِطَغوىٰها (آيت : 11) |
(قوم) ثمود پنھنجي سرڪشيءَ سببان (پيغمبر کي) ڪوڙو ڀانيو.(علامه تاج محمود امروٽي) (انهيءَ حقيقت تي تاريخ جون شهادتون ڏسو) ثمود جي قوم (صالح عليه السلام کي) ان وقت پنهنجي سرڪشيءَ جي ڪري ڪوڙو ڪيو.(علامه علي خان ابڙو) ثمود وارن پنهنجي سرڪشيءَ جي ڪري (پيغمبر (حضرت) صالح) کي نه مڃو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ثمود جي قوم (صالح کي) ان وقت پنهنجي سرڪشي جي ڪري ڪوڙو ڪيو،(سيد فرمان علي) ڪوڙو چيو ثمود پنهنجي سرڪشيءَ جي ڪري .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ثمود جي قوم (صالح کي) ان وقت پنهنجي سرڪشيءَ جي ڪري ڪوڙو ڪيو (مولانا محمد مدني) ثمود (جي قوم) پنهنجي سرڪشي سبب (پنهنجي نبي صالح) کي ڪوڙو چيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪوڙِين ڪُوڙ ثَمود ڪيا، جا هُئـِي قوم ڪَذاب، سَبَب سَندنِ سَرڪشِي، ۽ بُڇڙايَن هَر باب،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِذِ انبَعَثَ أَشقىٰها (آيت : 12) |
جڏھن منجھانئن بلڪل نڀاڳو اُٿيو.(علامه تاج محمود امروٽي) جڏهن سندس وڏو بدبخت آڪڙ ۾ اٿي پيو.(علامه علي خان ابڙو) جڏهن اهو شخص (ڏاچي کي مارڻ لاءِ) اُٿيو جيڪو وڏو بدبخت هو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جڏهن انهن مان وڏو نامراد ٿيو،(سيد فرمان علي) جڏهن اٿيو وڏو بدبخت انهن مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جڏهن سندن وڏو نامراد اٿيو (مولانا محمد مدني) جڏهن انهن مان هڪ وڏو بدبخت اٿيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تُھ نِڀاڳو تِن مَنجھان، جَڏهن کڙو ٿيو، خراب، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَقالَ لَهُم رَسولُ اللَّهِ ناقَةَ اللَّهِ وَسُقيٰها (آيت : 13) |
پوءِ الله جي پيغمبر کين چيو ته الله جي ڏاچي ۽ اُن جي پاڻي پيڻ کي آڏو نه ٿيو.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ الله جي رسول(عليه السلام) انهن کي چيو ته، الله جي ڏاچيءَ کي ۽ ان جي پاڻي کي آڏو نه اچو. (علامه علي خان ابڙو) پوءِ انهن کي (حضرت) صالح چيو الله جي ڏاچي ۽ ان جي پاڻي پيئڻ جي واري کان پاسو ڪريو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پوءِ خدا جي رسول (صالح) انهن کي چيو ته خدا جي ڏاچيءَ کي ۽ ان جي پاڻي پيڻ کي آڏو نه اچو.(سيد فرمان علي) پوءِ چيو انهن کي الله جي رسول ته الله جي ڏاچيءَ ۽ ان جي پاڻي پيئڻ کي آڏو نه ٿيو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ الله جي رسول (صالح) انهن کي چيو ته الله جي ڏاچيءَ کي ۽ ان جي پاڻي پيئڻ کي آڏو نه اچو (مولانا محمد مدني) پوءِ انهن کي الله جي رسول (صالح ) فرمايو: ”الله جي ڏاچي ۽ ان جي پاڻي پيئڻ جي واري (جي حفاظت ڪجو)“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ آکِيَن نَبِي اَلله جي، ته اُٺ اَلله جِي ۽ آب،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَكَذَّبوهُ فَعَقَروها فَدَمدَمَ عَلَيهِم رَبُّهُم بِذَنبِهِم فَسَوّىٰها (آيت : 14) |
پوءِ پيغمبر کي ڪوڙو ڀانيائون پوءِ ڏاچيءَ جو کُچون ڪپيائون، پوءِ سندن گناھن سببان سندن پالڻھار مٿن عذاب پلٽيو پوءِ اُن (سزا) کي (سڀني) تي ھڪ جھڙو ڪري ڇڏيائين.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ انهن کي ڪوڙو ڪيو، پوءِ ان (ڏاچيءَ) کي ڪهي وڌائون، پوءِ انهن کي سندن پاليندڙ (الله جي پالڻهاريءَ جي مخالفت واري) گناهه جي ڪري برباد ڪيو. پوءِ ان (سزا) کي (قوم جي سڀني ماڻهن تي) برابر ڪري ڇڏيائين.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ انهن ان کي ڪوڙو سمجھو، پوءِ انهن ڏاچيءَ کي هلاڪ ڪيو، پوءِ انهن کي سندن رب سندن گناه جي ڪري هلاڪ ڪيو پوءِ انهن کي برابر ڪيائين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پوءِ انهن ان کي ڪوڙو ڪيو ۽ ان (ڏاچي) جا پير وڍي ڇڏيا، ته کين سندن پالڻهار انهن جي نافرماني ڪري برباد ڪيو. پوءِ ان (عذاب) کي (سڀني تي) برابر ڪري ڇڏيائين.(سيد فرمان علي) پوءِ ان کي ڪوڙو چيائيون پوءِ ان (ڏاچيءَ) جون ٽنگون وڍيائون پوءِ پلٽيو انهن تي سندن رب (عذاب) سندن گناهن جي ڪري پوءِ انهن کي برابر ڪيائين .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ انهن ان کي ڪوڙو ڪيو پوءِ ان (ڏاچيءَ) کي ڪُهي وڌائون. پوءِ انهن کي سندن پاليندڙ سندن گناه جي ڪري برباد ڪيو. پوءِ ان (سزا) کي (سڀني تي) برابر ڪري ڇڏيائين (مولانا محمد مدني) پوءِ انهن کيس ڪوڙو چيو پوءِ ان (ڏاچيءَ) جون کُچون وڍيائون پوءِ انهن جي پالڻهار انهن جي گناهن سبب کين هلاڪ ڪيو پوءِ ان (بستي) کي (ميٽي زمين) برابر ڪري ڇڏيائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڪُوڙو کِيـَس ڪوٺيؤن، جو نَبِي نيڪ نواب، پوءِ گُڏيائوسِ، گوڏن کان، ڪري تڪڙ تاب، پوءِ کَڻِي هَنيا خاڪ تي، سَندنِ رَبَّ، وَهاب، سَبَب سَندِن گُناھ جي، پوءِ ڦيرئـِينِ سانئر شتاب،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَلا يَخافُ عُقبٰها (آيت : 15) |
۽ (الله) اُن (سزا) جي پڇاڙيءَ کان نه ٿو ڊڄي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ الله ڪو ان (سزا) جي نتيجي کان ڊڄي نه ٿو.(علامه علي خان ابڙو) ۽ الله تعالى کي انهن جي تباهي جي پرواهه نه هئي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ هن کي بدلي جو ته ڊپ نه آهي.(سيد فرمان علي) ۽ نه ٿو خوف رکي ان جي انجام جو.(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ الله ڪو ان (سزا ڏيڻ) کان ڊڄي نه ٿو (مولانا محمد مدني) ۽ اُهو (الله) انهن جي (تباهه ڪُن) انجام کان نه ٿو ڊڄي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آخِر کينِ عَذاب، نَه ڏَري، ڏِيڻ ۾، اُن ڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |