1

الۡفَاتِحَۃِ

1 رڪوع 7 آيتون
2

الۡبَقَرَۃِ

40 رڪوع 286 آيتون
3

اٰلِ عِمۡرٰنَ

20 رڪوع 200 آيتون
4

النِّسَآءِ

24 رڪوع 176 آيتون
5

المَآئِدَۃِ

16 رڪوع 120 آيتون
6

الۡاَنۡعَامِ

20 رڪوع 165 آيتون
7

الۡاَعۡرَافِ

24 رڪوع 206 آيتون
8

الۡاَنۡفَالِ

10 رڪوع 75 آيتون
9

التَّوۡبَۃِ

16 رڪوع 129 آيتون
10

یُوۡنُسَ

11 رڪوع 109 آيتون
11

ہُوۡدٍ

10 رڪوع 123 آيتون
12

یُوسُفَ

12 رڪوع 111 آيتون
13

الرَّعۡدِ

6 رڪوع 43 آيتون
14

اِبۡرٰہِیۡمَ

7 رڪوع 52 آيتون
15

الۡحِجۡرِ

6 رڪوع 99 آيتون
16

النَّحۡلِ

16 رڪوع 128 آيتون
17

بَنِیۡۤ اسۡرَآءِیۡلَ

12 رڪوع 111 آيتون
18

الۡکَہۡفِ

12 رڪوع 110 آيتون
19

مَرۡیَمَ

6 رڪوع 98 آيتون
20

طٰہٰ

8 رڪوع 135 آيتون
21

الۡانۡۢبِیَآءِ

7 رڪوع 112 آيتون
22

الۡحَجِّ

10 رڪوع 78 آيتون
23

الۡمُؤۡمِنُوۡنَ

6 رڪوع 118 آيتون
24

النُّوۡرِ

9 رڪوع 64 آيتون
25

الۡفُرۡقَانِ

6 رڪوع 77 آيتون
26

الشُّعَرَآءِ

11 رڪوع 227 آيتون
27

النَّمۡلِ

7 رڪوع 93 آيتون
28

الۡقَصَصِ

9 رڪوع 88 آيتون
29

الۡعَنۡکَبُوۡتِ

7 رڪوع 69 آيتون
30

الرُّوۡمِ

6 رڪوع 60 آيتون
31

لُقۡمٰنَ

4 رڪوع 34 آيتون
32

السَّجۡدَۃِ

3 رڪوع 30 آيتون
33

الۡاَحۡزَابِ

9 رڪوع 73 آيتون
34

سَـبَاٍ

6 رڪوع 54 آيتون
35

فَـاطِرٍ

5 رڪوع 45 آيتون
36

یٰسٓ

5 رڪوع 83 آيتون
37

الصّٰٓفّٰت

5 رڪوع 182 آيتون
38

صٓ

5 رڪوع 88 آيتون
39

الزُّمَرِ

8 رڪوع 75 آيتون
40

الۡمُؤۡمِنِ

9 رڪوع 85 آيتون
41

حٰمٓ السَّجۡدَۃِ

6 رڪوع 54 آيتون
42

الشُّوۡرٰی

5 رڪوع 53 آيتون
43

الزُّخۡرُفِ

7 رڪوع 89 آيتون
44

الدُّخَانِ

3 رڪوع 59 آيتون
45

الۡجَاثِیَۃِ

4 رڪوع 37 آيتون
46

الۡاَحۡقَافِ

4 رڪوع 35 آيتون
47

مُحَمَّدٍ

4 رڪوع 38 آيتون
48

الۡفَتۡحِ

4 رڪوع 29 آيتون
49

الۡحُجُرٰتِ

2 رڪوع 18 آيتون
50

قٓ

3 رڪوع 45 آيتون
51

الذّٰرِیٰتِ

3 رڪوع 60 آيتون
52

الطُّوۡرِ

2 رڪوع 49 آيتون
53

النَّجۡمِ

3 رڪوع 62 آيتون
54

الۡقَمَرِ

3 رڪوع 55 آيتون
55

الرَّحۡمٰنِ

3 رڪوع 78 آيتون
56

الۡوَاقِعَۃِ

3 رڪوع 96 آيتون
57

الۡحَدِیۡدِ

4 رڪوع 29 آيتون
58

الۡمُجَادَلَۃِ

3 رڪوع 22 آيتون
59

الۡحَشۡرِ

3 رڪوع 24 آيتون
60

الۡمُمۡتَحِنَۃِ

2 رڪوع 13 آيتون
61

الصَّفِّ

2 رڪوع 14 آيتون
62

الۡجُمُعَۃِ

2 رڪوع 11 آيتون
63

الۡمُنٰفِقُوۡنَ

2 رڪوع 11 آيتون
64

التَّغَابُنِ

2 رڪوع 18 آيتون
65

الطَّلَاقِ

2 رڪوع 12 آيتون
66

التَّحۡرِیۡمِ

2 رڪوع 12 آيتون
67

الۡمُلۡکِ

2 رڪوع 30 آيتون
68

الۡقَلَمِ

2 رڪوع 52 آيتون
69

الۡحَآقَّــۃِ

2 رڪوع 52 آيتون
70

الۡمَعَارِجِ

2 رڪوع 44 آيتون
71

نُوۡحٍ

2 رڪوع 28 آيتون
72

الۡجِنِّ

2 رڪوع 28 آيتون
73

الۡمُزَّمِّلِ

2 رڪوع 20 آيتون
74

الۡمُدَّثِّرِ

2 رڪوع 56 آيتون
75

الۡقِیٰمَۃِ

2 رڪوع 40 آيتون
76

الدَّھۡرِ

2 رڪوع 31 آيتون
77

الۡمُرۡسَلٰتِ

2 رڪوع 50 آيتون
78

النَّبَاِ

2 رڪوع 40 آيتون
79

النّٰزِعٰتِ

2 رڪوع 46 آيتون
80

عَبَـسَ

1 رڪوع 42 آيتون
81

التَّکۡوِیۡرِ

1 رڪوع 29 آيتون
82

الۡاِنۡفِطَارِ

1 رڪوع 19 آيتون
83

المُطَفِّفِیۡنَ

1 رڪوع 36 آيتون
84

الاِنۡشقَاقِ

1 رڪوع 25 آيتون
85

الۡبُرُوۡجِ

1 رڪوع 22 آيتون
86

الطَّارِقِ

1 رڪوع 17 آيتون
87

الۡاَعۡلٰی

1 رڪوع 19 آيتون
88

الۡغَاشِیَۃِ

1 رڪوع 26 آيتون
89

الۡفَجۡرِ

1 رڪوع 30 آيتون
90

الۡبَلَدِ

1 رڪوع 20 آيتون
91

الشَّمۡسِ

1 رڪوع 15 آيتون
92

الَّیۡلِ

1 رڪوع 21 آيتون
93

الضُّحٰی

1 رڪوع 11 آيتون
94

اَلَمۡ نَشۡرَحَ

1 رڪوع 8 آيتون
95

التِّــیۡنِ

1 رڪوع 8 آيتون
96

الۡعَـلَقِ

1 رڪوع 19 آيتون
97

الۡقَدۡرِ

1 رڪوع 5 آيتون
98

الۡبَـیِّنَـۃِ

1 رڪوع 8 آيتون
99

الزِّلۡزَالِ

1 رڪوع 8 آيتون
100

الۡعٰدِیٰتِ

1 رڪوع 11 آيتون
101

الۡقَارِعَۃِ

1 رڪوع 11 آيتون
102

التَّکَاثُرِ

1 رڪوع 8 آيتون
103

الۡعَصۡرِ

1 رڪوع 3 آيتون
104

الۡہُمَزَۃِ

1 رڪوع 9 آيتون
105

الۡفِیۡـلِ

1 رڪوع 5 آيتون
106

قُرَیۡشٍ

1 رڪوع 4 آيتون
107

الۡمَاعُوۡنِ

1 رڪوع 7 آيتون
108

الۡکَوۡثَرِ

1 رڪوع 3 آيتون
109

الۡکٰفِرُوۡنَ

1 رڪوع 6 آيتون
110

النَّصۡرِ

1 رڪوع 3 آيتون
111

اللَّھَبِ

1 رڪوع 5 آيتون
112

الۡاِخۡلَاصِ

1 رڪوع 4 آيتون
113

الۡفَلَقِ

1 رڪوع 5 آيتون
114

النَّاسِ

1 رڪوع 6 آيتون

090 surah

ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 20 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن

واپس وڃو

بِسْمِ اللَّـهِ الرَّحْمَـٰنِ الرَّحِيمِ

تلاوت ۽ سنڌي ترجمو (سيد ابوالاعليٰ مودودي) آڊيو ۾ ٻڌڻ لاءِ ٿور انتظار ڪريو...!

90:1

لَآ اُقْسِمُ بِهٰذَا الْبَلَدِ 1‏۝ۙ

قسم کڻان ٿومان هن شهر جو .

— مولانا محمد ادريس ڏاھري

هن شهر (مڪي) جو قسم آهي

— مولانا محمد مدني

نه، مان هن شھر (مڪي) جو قسم کڻان ٿو.

— عبدالسلام ڀُٽو

90:2

وَاَنْتَ حِـۢلٌّ بِهٰذَا الْبَلَدِ 2‏۝ۙ

ان حال ۾ جو تون رهندڙ آهين هن شهر ۾ .

— مولانا محمد ادريس ڏاھري

۽ تون هن شهر ۾ رهندڙ آهين

— مولانا محمد مدني

هن شھر ۾ توکي (تڪليف ڏيڻ ڪافرن جي طرفان) حلال ڪيو ويو آهي. (حالانڪه هن شھر ۾ ڪنھن به جاندار کي تڪليف پھچائڻ حرام آهي)

— عبدالسلام ڀُٽو

90:3

وَوَالِدٍ وَّمَا وَلَدَ 3‏۝ۙ

۽ والد جو ۽ جيڪو ڄڻيائين .

— مولانا محمد ادريس ڏاھري

۽ ڄڻيندڙ ۽ ڄڻيل جو (قسم آهي)

— مولانا محمد مدني

قسم آهي (نسل انساني جي) پيءُ ۽ ان مان پيدا ٿيل اولاد جو.

— عبدالسلام ڀُٽو

90:4

لَقَدْ خَلَقْنَا الْاِنْسَانَ فِيْ كَبَدٍ 4‏۝ۭ

البته تحقيق پيدا ڪيوسون انسان کي تڪليف ۾ .

— مولانا محمد ادريس ڏاھري

ته بيشڪ اسان انسان کي مشقت ۾ (پوڻ لاءِ) پيدا ڪيو آهي

— مولانا محمد مدني

بيشڪ اسان انسان کي (دنيا ۾) تڪليف ۾ پوڻ لاءِ ئي پيدا ڪيو آهي.

— عبدالسلام ڀُٽو

90:5

اَيَحْسَبُ اَنْ لَّنْ يَّقْدِرَ عَلَيْهِ اَحَدٌ 5‏۝ۘ

ڇا خيال ڪري ٿو هي ته هرگز نه قادر ٿيندو ان تي ڪو هڪڙو .

— مولانا محمد ادريس ڏاھري

ڇا هو خيال ڪري ٿو ته مٿس هرگز ڪنهن جو زور هلي نه سگهندو

— مولانا محمد مدني

ڇا (انسان) سمجهي ٿو ته کيس ڪير به قابو نٿو ڪري سگهي؟

— عبدالسلام ڀُٽو

90:6

يَقُوْلُ اَهْلَكْتُ مَالًا لُّبَدًا 6‏۝ۭ

چوي پيو ته هلاڪ ڪيو مون مال گهڻو .

— مولانا محمد ادريس ڏاھري

چوي ٿو ته مون مال جا ڍير لٽايا آهن.

— مولانا محمد مدني

چوي ٿو ته مون گهڻو ئي مال اُڏائي ڇڏيو آهي.

— عبدالسلام ڀُٽو

90:7

اَيَحْسَبُ اَنْ لَّمْ يَرَهٗ ٓ اَحَدٌ 7‏۝ۭ

ڇا ڀانئين ٿو ته نه ڏٺو ان کي ڪنهن هڪ .

— مولانا محمد ادريس ڏاھري

ڇا هو خيال ڪري ٿو ته ان کي ڪنهن به نه ڏٺو آهي.

— مولانا محمد مدني

ڇا هو اهو به سمجهي ٿو ته ان کي ڪنھن به نه ڏٺو آهي؟

— عبدالسلام ڀُٽو

90:8

اَلَمْ نَجْعَلْ لَّهٗ عَيْنَيْنِ 8‏۝ۙ

ڇا نه ڪيون اسان ان جي لاءِ ٻه اکيون .

— مولانا محمد ادريس ڏاھري

ڇا اسان سندس ٻه اکيون

— مولانا محمد مدني

ڇا اسان کيس ٻه اکيون نه ڏنيون آهن؟

— عبدالسلام ڀُٽو

90:9

وَلِسَانًا وَّشَفَتَيْنِ 9‏۝ۙ

۽ زبان ۽ ٻه چپ .

— مولانا محمد ادريس ڏاھري

۽ زبان ۽ چپ نه بنايا آهن؟

— مولانا محمد مدني

هڪڙي زبان ۽ ٻه چپ نه ڏنا آهن؟

— عبدالسلام ڀُٽو

90:10

وَهَدَيْنٰهُ النَّجْدَيْنِ ۝ۚ10

۽ ڏيکاريون اسان ان کي ٻه واٽون .

— مولانا محمد ادريس ڏاھري

۽ اسان ان کي (خير ۽شر جا) ٻه شاهي رستا ڏيکاري ڇڏيا آهن

— مولانا محمد مدني

۽ ان کي (زندگي گذارڻ لاءِ) ٻه (واضح) رستا نه ڏيکاريا آهن؟

— عبدالسلام ڀُٽو

90:11

فَلَا اقْتَحَمَ الْعَقَبَةَ ڮ ۝11

پوءِ نه لنگهيو لڪ مان .

— مولانا محمد ادريس ڏاھري

پوءِ به هو همت ڪري سخت لڪ ۾ نه گهڙيو.

— مولانا محمد مدني

پر هُن انتھائي مشڪل گهاٽيءَ مان لنگهڻ جي همت ئي نه ڪئي.

— عبدالسلام ڀُٽو

90:12

وَمَآ اَدْرٰىكَ مَا الْعَقَبَةُ ۝ۭ12

۽ ڪنهن ڄاڻايو توکي ته ڇا آهي لڪ؟ .

— مولانا محمد ادريس ڏاھري

۽ (اي پيغمبر) توکي ڪهڙي خبر ته سخت لڪ ڇا آهي ؟

— مولانا محمد مدني

توکي ڪهڙي خبر ته اها مشڪل گهاٽي ڪهڙي آهي؟

— عبدالسلام ڀُٽو

90:13

فَكُّ رَقَبَةٍ ۝ۙ13

ٻانهو آزاد ڪرڻ .

— مولانا محمد ادريس ڏاھري

اهو ٻانهي کي آزاد ڪرائڻو آهي

— مولانا محمد مدني

ڪنھن غلام کي آزاد ڪرائڻ.

— عبدالسلام ڀُٽو

90:14

اَوْ اِطْعٰمٌ فِيْ يَوْمٍ ذِيْ مَسْغَبَةٍ ۝ۙ14

يا کاڌو کارائڻ بک واري ڏينهن ۾ .

— مولانا محمد ادريس ڏاھري

يا بک جي ڏينهن کاڌو کارائڻو آهي

— مولانا محمد مدني

يا بک جي وقت (ڪنهن کي) کاڌو کارائڻ.

— عبدالسلام ڀُٽو

90:15

يَّـتِيْمًـا ذَا مَقْرَبَةٍ ۝ۙ15

يتيم مائٽيءَ واري کي .

— مولانا محمد ادريس ڏاھري

مٽيءَ مائٽي واري يتيم کي

— مولانا محمد مدني

يا ڪنھن رشتيدار يتيم کي کاڌو کارائڻ.

— عبدالسلام ڀُٽو

90:16

اَوْ مِسْكِيْنًا ذَا مَتْرَبَةٍ ۝ۭ16

يا مسڪين مٽيءَ هاڻي کي .

— مولانا محمد ادريس ڏاھري

يا مٽيءَ ۾ رَليل مسڪين کي

— مولانا محمد مدني

يا ميرڙي سيرڙي مسڪين کي کاڌو کارائڻ (اها آهي مشڪل گهاٽي)

— عبدالسلام ڀُٽو

90:17

ثُـمَّ كَانَ مِنَ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَتَوَاصَوْا بِالصَّبْرِ وَتَوَاصَوْا بِالْمَرْحَمَةِ ؀ۭ17

ان کان پوءِ ٿيو انهن مان جن ايمان آندو ۽ وصيت ڪيائون صبر جي ۽ هڪ ٻئي کي وصيت ڪيائون ٻاجهه ڪرڻ جي .

— مولانا محمد ادريس ڏاھري

وري انهن مان ٿئي جن ايمان آندو ۽ هڪ ٻئي کي صبر ڪرڻ جي وصيت ڪئي ۽ هڪ ٻئي کي رحم ڪرڻ جي وصيت ڪئي آهي.

— مولانا محمد مدني

(اهي ڪم ڪرڻ کان پوءِ) وري هي انهن ماڻهن ۾ شامل ٿي وڃي جن ايمان آندو ۽ هڪ ٻئي کي صبر جي تلقين ۽ هڪ ٻئي تي رحم ڪرڻ جو تاڪيد ڪندا رهيا.

— عبدالسلام ڀُٽو

90:18

اُولٰۗىِٕكَ اَصْـحٰبُ الْمَيْمَنَةِ ؀ۭ18

اهي سڄي پاسي وارا آهن .

— مولانا محمد ادريس ڏاھري

اهي ئي سڀاڳا آهن

— مولانا محمد مدني

(پوءِ) اهڙا ئي ماڻهو ساڄي پاسي وارا آهن.

— عبدالسلام ڀُٽو

90:19

وَالَّذِيْنَ كَفَرُوْا بِاٰيٰتِنَا هُمْ اَصْـحٰبُ الْمَشْــَٔــمَةِ ؀ۭ19

۽ جن اسان جي آيتن جو ڪفر ڪيو اهي کٻي پاسي وارا آهن .

— مولانا محمد ادريس ڏاھري

۽ جن اسان جي آيتن جو انڪار ڪيو سي ئي نڀاڳا آهن

— مولانا محمد مدني

۽ جن ماڻهن اسان جي آيتن جو انڪار ڪيو، سي کاٻي پاسي وارا (بدبخت) آهن.

— عبدالسلام ڀُٽو

90:20

عَلَيْهِمْ نَارٌ مُّؤْصَدَةٌ ؀ۧ20

انهن تي دٻيل باهه آهي .

— مولانا محمد ادريس ڏاھري

انهن تي باهه دميل هوندي.

— مولانا محمد مدني

انهن جي مٿان باهه وڪوڙيل هوندي.

— عبدالسلام ڀُٽو

سيٽنگ

ڏيک / نظارو
اکرن جي سائيز
عربي
سنڌي
ترجما
چونڊيل ترجما
تفھيم القرآن، قرآن جو پيغام ۽ 7 ٻيا
تفسير
ڪوبہ تفسير چونڊيل ناھي
مُترجم
تفسير

اڄ جي چونڊ آيت

تِلْكَ الرُّسُلُ فَضَّلْنَا بَعْضَھُمْ عَلٰي بَعْضٍ ۘ مِنْھُمْ مَّنْ كَلَّمَ اللّٰهُ وَرَفَعَ بَعْضَھُمْ دَرَجٰتٍ ۭ وَاٰتَيْنَا عِيْسَى ابْنَ مَرْيَـمَ الْبَيِّنٰتِ وَاَيَّدْنٰهُ بِرُوْحِ الْقُدُسِ ۭ وَلَوْ شَاۗءَ اللّٰهُ مَا اقْتَتَلَ الَّذِيْنَ مِنْۢ بَعْدِھِمْ مِّنْۢ بَعْدِ مَا جَاۗءَتْھُمُ الْبَيِّنٰتُ وَلٰكِنِ اخْتَلَفُوْا فَمِنْھُمْ مَّنْ اٰمَنَ وَمِنْھُمْ مَّنْ كَفَرَ ۭ وَلَوْ شَاۗءَ اللّٰهُ مَا اقْتَتَلُوْا ۣ وَلٰكِنَّ اللّٰهَ يَفْعَلُ مَا يُرِيْدُ ؁ۧ٢٥٣

اِهي اسان جا پيغمبر آهن، جن منجهان اسين هڪڙن کي، ٻين تي فضيلت ڏني آهي (يعني پيغمبريءَ ۾ توڻي جو سڀني جو درجو ساڳيو آهي، پر نرالين خاصيتن جي ڪري پنهنجين صلاحيتن ۾ هڪ ٻئي کان مختلف آهن) منجهانئن ڪجهه ته اهڙا هيا جن سان الله ڪلام ڪيو (يعني انهن تي پنهنجو ڪتاب نازل ڪيائين) ڪجهه اهڙاهيا جن جا درجا (انهن جي دور ۽ حالتن پٽاندڙ ڪجهه ڳالهين ۾) بلند ڪيا ويا ۽ (توهان کان پهريان) مريم جي پٽ عيسى کي (هدايت جا) روشن دليل عطا ڪياسون ۽ کيس روح القدس (يعني وحي) جي تائيد سان نوازيو سون جيڪڏهن الله چاهي ها ته (ان جي قدرت کان اها ڳالهه ٻاهر نه هئي جو) جيڪي ماڻهو انهن پيغمبرن کان پوءِ پيدا ٿيا اهي هدايت جا روشن دليل ملڻ کانپوءِ وري (اختلاف جي دنگلن ۾ نه پون ها ۽) پاڻ ۾ نه وڙهن ها. پر (توهين ڏسي رهيا آهيو ته الله جي حڪمت اهو طئه ڪيو ته انسان کي ڪنهن هڪ حالت ۾ جڪڙي نه ڇڏجي بلڪه کيس هر قسم جي ڪم ڪرڻ ۽ ارادي جي صلاحيت ڏئي آزاد ڇڏجي. تنهنڪري) پيغمبرن کان پوءِ ماڻهو هڪ ٻئي جا مخالف ٿي پيا. ڪجهه ماڻهن ايمان جي واٽ ورتي ڪجهه ماڻهن ڪفر جي واٽ پسند ڪئي. جيڪڏهن الله چاهي ها ته اهي ماڻهو پاڻ ۾ نه وڙهن ها (يعني ماڻهن کان ويڙهه ۽ اختلاف جي صلاحيت کسي وٺي ها) پر الله جيڪو چاهيندو آهي، سو ڪندو آهي. (توهين ان جي فيصلن جي حڪمتن جي ڪَٿَ نه ٿا ڪري سگهو)

#2:253 قرآن مجيد - عبدالمؤمن ميمڻ

نماز جا وقت

فجر 00:00
ظھر 00:00
عصر 00:00
مغرب 00:00
عشاء 00:00