توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
هَل أَتىٰكَ حَديثُ الغٰشِيَةِ (آيت : 1) |
(اي پيغمبر) تو وٽ ڍڪيندڙ (قيامت) جي خبر پھتي آھي ڇا؟(علامه تاج محمود امروٽي) (اي پيغمبر!) ڇا تو وٽ ڇانئجي ويندڙ (قيامت جي) ڳالهه پهتي آهي؟(علامه علي خان ابڙو) تحقيق توهان وٽ غاشيه (قيامت) جي خبر پهتي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ڀلا تو کي ڍڪي ڇڏڻ واري مصيبت (قيامت) جو حال معلوم ٿيو آهي؟(سيد فرمان علي) ڇا آئي تو وٽ خبر ڇائنجي ويندڙ (قيامت) جي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (اي پيغمبر!) ڇا توکي ڍڪيندڙ (قيامت) جي ڳالهه پهتي آهي؟ (مولانا محمد مدني) ڇا تو وٽ ڇانئجي ويندڙ (يعني قيامت) جي ڳالهه پهتي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڍَڪرِيندڙ جِي ڍوليا!، تو ڪا آئـِي تار؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وُجوهٌ يَومَئِذٍ خٰشِعَةٌ (آيت : 2) |
اُن ڏينھن ڪيترائي مُنھن خوار ھوندا.(علامه تاج محمود امروٽي) ڪي منهن ان ڏينهن خوار (۽ ڀيلا هوندا).(علامه علي خان ابڙو) ڪيترا مُنهن ان ڏينهن ذليل ۽ خوار هوندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ان ڏينهن ڪيئي منهن ذليل ۽ خوار هوندا،(سيد فرمان علي) ڪيترا منهن ان ڏينهن خوار هوندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ڪي منهن ان ڏينهن خوار (مولانا محمد مدني) ان ڏينهن ڪيترائي چهرا خوفزده هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُن ڏينهن مُنهن مِلهاڳڙا، هُوندا ڪي هزار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
عامِلَةٌ ناصِبَةٌ (آيت : 3) |
ڪمائيندڙ ڏک ڀوڳيندا ھوندا.(علامه تاج محمود امروٽي) (دنياداري يا خيالي ۽ غلط دين ڪارڻ) مشقتن جا ماريل ٿڪل هوندا. (انهن بيجا مشقتن جو ثمر سندن ٿڪاوٽ هوندي.)(علامه علي خان ابڙو) (جيڪي فقط دنيا لاءِ) ڪم ڪندڙ (۽) ٿڪجندڙ هوندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (ٻيڙين ۽ ڳٽن سان) محبت ڪندڙ ٿڪل ٿيندا.(سيد فرمان علي) تڪليف ڪندڙ ڏک ڏسندڙ هوندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) محنت ڪندڙ ٿڪل ٿيندا (مولانا محمد مدني) سخت محنت ڪندڙ ٿڪل هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مارِيَل مِحنتن جا، کَڙا خُوب خُوار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
تَصلىٰ نارًا حامِيَةً (آيت : 4) |
ٻرندڙ باھ ۾ پوندا.(علامه تاج محمود امروٽي) تمام گرم باهه ۾ گهڙندا.(علامه علي خان ابڙو) اهي ٻرندڙ باه ۾ پوندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ٻرندڙ باھ ۾ گهرندا.(سيد فرمان علي) داخل ٿيندا ڀڙڪندڙ، باهه ۾ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) تمام گرم باه ۾ گهڙندا (مولانا محمد مدني) ڀڙڪندڙ باهه ۾ گهڙندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) گِھڙندا گَرم باھِ ۾، ٻَرندڙ مَنجھ ٻِيهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
تُسقىٰ مِن عَينٍ ءانِيَةٍ (آيت : 5) |
بلڪل تتي چشمي مان پاڻي پياربن.(علامه تاج محمود امروٽي) حد درجي جي گرم چشمي مان کين (پاڻي) پياريو ويندو.(علامه علي خان ابڙو) (انهن کي) بيحد ٽهڪندڙ چشمي مان پاڻي پياريو ويندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) انهن کي ٽهڪندڙ چشمي جو پاڻي پياريو ويندو.(سيد فرمان علي) پياريا ويندا تتل پاڻيءَ جي چشمي مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) حد درجي جي گرم چشمي مان پياربن (مولانا محمد مدني) ٽهڪندڙ پاڻيءَ واري چشمي مان پياريا ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تَڙ تَتل تيار مان، ڏِبن آب اُتار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
لَيسَ لَهُم طَعامٌ إِلّا مِن ضَريعٍ (آيت : 6) |
ڪنڊن واري گاھ کانسواءِ (ٻيو) ڪو کاڄ انھن لاءِ نه ھوندو.(علامه تاج محمود امروٽي) انهن لاءِ زهري ڪانڊيري کان سواءِ ٻيو ڪو کاڌو نه هوندو.(علامه علي خان ابڙو) انهن لاءِ ضريع (سُڪل زهريلي ڪنڊن) کان علاوهه ڪوبه طعام نه هوندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) انهن لاءِ “ضريع” (ستياناسيءَ ٻوٽيءَ جو هڪ قسم) کان سواءِ ٻيو ڪو کاڌو نه هوندو.(سيد فرمان علي) ناهي انهن جي لاءِ کاڌو مگر ڪنڊن وارو گاهه .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) انهن لاءِ زهريلي ڪانڊيري کان سواءِ ٻيو ڪو کاڌو نه هوندو. (مولانا محمد مدني) انهن لاءِ زهريلي ڪانڊيري کان سواءِ ٻيو ڪو کاڌو ڪو نه هوندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪونهي قُوت اُنهن لئي، ڪَک ڪنِي ڪَنڊڙي ڌار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
لا يُسمِنُ وَلا يُغنى مِن جوعٍ (آيت : 7) |
(جو اُھو) نڪي (کين) ڀُلھو ڪندو ۽ نڪي بُک لاھيندو.(علامه تاج محمود امروٽي) جو نه سٻر ڪندو ۽ نه ڪجهه بک لاهيندو.(علامه علي خان ابڙو) جيڪو نه کين ٿلهو ڪندو ۽ نه کانئن بُک دفع ڪندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جو نه (کين) ٿلهو ڪندو ۽ نه ڪجھ بک لاهيندو.(سيد فرمان علي) نه ٿو ٿلهو ڪري ۽ نه فائدو ڏيندو بک کان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جو نه ٿلهو ڪندو ۽ نه ڪجهه بک لاهيندو (مولانا محمد مدني) جيڪو نه ٿُلهو ڪندو ۽ نه ئي بک لاهيندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) لاهي بُک نه لَغار، پڻ مَچائي نه مُورهِين. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وُجوهٌ يَومَئِذٍ ناعِمَةٌ (آيت : 8) |
ڪيئي مُنھن اُن ڏينھن تازا ھوندا.(علامه تاج محمود امروٽي) ڪي (يعني ٻي گروهه وارا) منهن ان ڏينهن سرها (بکندڙ) هوندا.(علامه علي خان ابڙو) ڪيترا چهرا ان ڏينهن نعمتن ۽ خوشين ۾ هوندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (۽) ڪي منهن ان ڏينهن کلندڙ (تر ۽ تازا) هوندا.(سيد فرمان علي) ڪيترا منهن ان ڏينهن رونق وارا هوندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ڪي منهن ان ڏينهن آسوده (مولانا محمد مدني) ان ڏينهن گهڻا چهرا تروتازه (بارونق حسين) هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪي مُنهن تِنهن مَهل ۾، نِعمت ساڻ نِهال، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
لِسَعيِها راضِيَةٌ (آيت : 9) |
پنھنجي ڪمائيءَ کان راضي ھوندا.(علامه تاج محمود امروٽي) (سچي دين ڪارڻ) پنهنجي ڪوشش (مشقتن ۽ جدوجهد) جي ڪري خوش هوندا.(علامه علي خان ابڙو) جيڪي پنهنجي ڪوشش تي راضي ۽ خوش هوندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پنهنجي ڪوشش جي ڪري (شادمان ۽) خوش هوندا.(سيد فرمان علي) پنهنجي ڪمائيءَ تي راضي هوندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پنهنجي ڪوشش جي ڪري خوش هوندا (مولانا محمد مدني) پنهنجي ڪوشش جي ڪري راضي خوش هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪارڻ پَنهنجي ڪوسشِين، خُورم ۽ خُوشحال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فى جَنَّةٍ عالِيَةٍ (آيت : 10) |
مٿاھين بھشت ۾ ھوندا.(علامه تاج محمود امروٽي) مٿاهين عاليشان بهشت ۾ هوندا.(علامه علي خان ابڙو) اهي بلند جنت ۾ هوندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) هڪ عاليشان باغ ۾،(سيد فرمان علي) بلند جنت ۾ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) مٿاهين بهشت ۾ (مولانا محمد مدني) مٿاهين جنت ۾ هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) بُلند باغ بِهشت ۾، مِڙئـِي مالا مال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
لا تَسمَعُ فيها لٰغِيَةً (آيت : 11) |
اتي ڪا اجائي ڳالھ نه ٻڌندين.(علامه تاج محمود امروٽي) جنهن ۾ ڪابه اجائي ڳالهه نه ٻڌندا.(علامه علي خان ابڙو) جو اُن ۾ ڪا اجائي ڳالهه نه ٻُڌندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جنهن ۾ ڪا به بيهودي ڳالھ نه ٻڌندا.(سيد فرمان علي) نه ٻڌندين ان ۾ اجائي ڳالهه .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جنهن ۾ ڪابه بيهودي ڳالهه نه ٻڌندا (مولانا محمد مدني) ان ۾ ڪابه بيهودي ڳالهه نه ٻڌندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪَنِين ٻُڌجي ڪانه ڪا، اُت اَجائـِي ڳالھ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فيها عَينٌ جارِيَةٌ (آيت : 12) |
اُتي چشما وھندڙ آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) ان ۾ وهندڙ چشما آهن.(علامه علي خان ابڙو) انهيءَ ۾ هڪ چشمو وهندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ان ۾ وهندڙ چشما هوندا.(سيد فرمان علي) ان ۾ وهندڙ چشمو آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ان ۾ وهندڙ چشما آهن (مولانا محمد مدني) ان ۾ وهندڙ چشما هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چالو چِشما جِنهن ۾، مِٺي کِير مِثال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فيها سُرُرٌ مَرفوعَةٌ (آيت : 13) |
اُتي وڏا تخت مٿي وڇايل.(علامه تاج محمود امروٽي) ان ۾ (ويهڻ لاءِ) تخت مٿي ڪيل هوندا.(علامه علي خان ابڙو) انهيءَ ۾ مٿانهان تخت آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ان ۾ اوچا (اوچا) پلنگ وڇايل هوندا،(سيد فرمان علي) ان ۾ تخت مٿاهان آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ان ۾ اوچا پلنگ (مولانا محمد مدني) ان ۾ اوچا تخت هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تَخت مَٿاهان تِنهن ۾، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَأَكوابٌ مَوضوعَةٌ (آيت : 14) |
۽ آبخورا رکيل.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ (پيئڻ لاءِ ترتيب سان) پيالا رکيل.(علامه علي خان ابڙو) (۽) (هر وقت انهن جي اڳيان) چونڊيل پيالا هوندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ (ان جي ڪناري) گلاس رکيل هوندا.(سيد فرمان علي) ۽ پيالا رکيل .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ پيالا رکيل (مولانا محمد مدني) ۽ ساغر (سليقي سان) رکيل هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) گِلاس، گِلاسن نال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَنَمارِقُ مَصفوفَةٌ (آيت : 15) |
۽ وھاڻا قطار ڪري رکيل.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ وهاڻا قطار ڪري رکيل.(علامه علي خان ابڙو) ۽ لاڳيتا غاليچا وڇايل هوندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پڻ طول وهاڻا قطار ڪري رکيل.(سيد فرمان علي) ۽ وهاڻا قطارون ڪيل .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ وهاڻا قطار ڪري رکيل (مولانا محمد مدني) ۽ وهاڻا قطار ڪري رکيل هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سِرا صِفون صِفن ۾، قِيمتِي ڪَمال، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَزَرابِىُّ مَبثوثَةٌ (آيت : 16) |
۽ غاليچا وڇايل آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ (اعليٰ درجي جا) غاليچا وڇايل آهن.(علامه علي خان ابڙو) ۽ (انهن تي) سفيد اعليٰ قسم جا ڪپڙا وڇايل هوندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ نفيس غاليچا (مسندون) وڇايل آهن.(سيد فرمان علي) ۽ قيمتي قالين وڇايل .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ غاليچا وڇايل آهن (مولانا محمد مدني) ۽ (بخمل جا) قالين وڇايل هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ هَنڌ لاکيڻا لال، ۽ پٿراڻيون پَکيڙيليون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
أَفَلا يَنظُرونَ إِلَى الإِبِلِ كَيفَ خُلِقَت (آيت : 17) |
(ماڻھو) اُٺن ڏانھن نه ڏسندا آھن ڇا؟ ته ڪيئن خلقيا ويا.(علامه تاج محمود امروٽي) ڇا پوءِ (انهيءَ مقام تي پهچڻ لاءِ جنهن مشقت ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان لاءِ) اُٺ ڏي نه ٿا ڏسن ته انکي ڪيئن (هر حال ۾ بار کڻندڙ ڪري) پيدا ڪيو ويو آهي؟(علامه علي خان ابڙو) ڇا پوءِ اهي اُٺ (جي خِلقت) ڏانهن نٿا ڏسن ته اهو ڪهڙيءَ طرح پيدا ڪيو ويو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته ڇا اهي ماڻهو اٺ ڏي نه ٿا ڏسن ته ڪهڙو نه (عجيب نموني) پيدا ڪيو ويو آهي؟(سيد فرمان علي) ڇا پوءِ نه ٿا ڏسو اٺن ڏانهن ته ڪهڙي طرح پيدا ڪيا ويا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ڇا پوءِ اُٺ ڏي نه ٿا ڏسن ته ان کي ڪيئن پيدا ڪيو ويو آهي؟ (مولانا محمد مدني) ڇا پوءِ اُٺ ڏانهن نه ٿا ڏسن ته ڪيئن پيدا ڪيو ويو آهي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇو اَکينِ نه ڏِسن اُٺ کي؟، ته جُڙيو ڪِيئن جُمل، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَإِلَى السَّماءِ كَيفَ رُفِعَت (آيت : 18) |
۽ آسمان ڏانھن ته ڪيئن مٿي ڪيو ويو.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ آسمان ڏي ته ان کي ڪيئن (رفعتن سان) مٿي کنيو ويو آهي. (انسان ۾ به روين، سوچ ۽ خيال جي ايتري رفعت ۽ اوچائي گهرجي.)(علامه علي خان ابڙو) ۽ آسمان ڏانهن نٿا ڏسن ته اهو ڪيئن بلند ڪيو ويو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پڻ آسمان ڏي ته ان کي ڪئين مٿي کنيو ويو آهي؟(سيد فرمان علي) ۽ آسمان ڏانهن ته ڪيئن بلند ڪيا ويا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ آسمان ڏي ته ان کي ڪيئن مٿي کنيو ويو آهي (مولانا محمد مدني) ۽ آسمان ڏانهن ته ڪيئن مٿاهون ڪيو ويو آهي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ري ٿَنڀِـين، ري ٿُوڻِين، اُڀ اُڀا ڪِنهن اَٽڪل،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَإِلَى الجِبالِ كَيفَ نُصِبَت (آيت : 19) |
۽ جبلن ڏانھن ته ڪيئن کڙا ڪيا ويا.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ جبلن ڏي ته انهن کي ڪيئن (مضبوط ۽ استقامت سان) کڙو ڪيو ويو آهي؟(علامه علي خان ابڙو) ۽ جبلن ڏانهن نٿا ڏسن ته اهي ڪيئن کوڙيا ويا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ جبلن ڏي ته انهن کي ڪئين کڙو ڪيو ويو آهي؟(سيد فرمان علي) ۽ جبلن ڏانهن ته ڪهڙي طرح کڙا ڪيا ويا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ جبلن ڏي ته انهن کي ڪيئن کڙو ڪيو ويو آهي (مولانا محمد مدني) ۽ جبلن ڏانهن ته انهن کي ڪيئن کوڙيو ويو آهي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ کوڙي ڪِيئن کَڙا ڪَيا، جا ڏاجُنگ جَبَل، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَإِلَى الأَرضِ كَيفَ سُطِحَت (آيت : 20) |
۽ زمين ڏانھن ته ڪيئن وڇائي وئي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ زمين ڏي ته ڪيئن (انسانن جي لاءِ) وڇاڻو بڻائي ويئي آهي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ زمين ڏانهن نٿا ڏسن ته اها ڪيئن وڇائي وئي (آهي)(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ زمين ڏي ته ڪئين وڇائي ويئي آهي.(سيد فرمان علي) ۽ زمين ڏانهن ته ڪهڙي طرح وڇائي وئي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ زمين ڏي ته ڪيئن وڇائي ويئي آهي (مولانا محمد مدني) ۽ زمين ڏانهن ته ڪيئن وڇائي وئي آهي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ هِي ڀُون ڀَلا ڀَل، ڪِيئَن پاڻِي مَٿان پَکڙِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَذَكِّر إِنَّما أَنتَ مُذَكِّرٌ (آيت : 21) |
پوءِ (اي پيغمبر) تون، رڳو نصيحت ڪرڻ وارو آھين.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ (اي پيغمبر پاڻ مجسم انهن خوبين جو بڻجي ٻين کي به) تون نصيحت ڪر! تون ته نصيحت ڪندڙ ئي آهين.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ رسولِ عربي توهان نصيحت ڪريو، توهان ته نصيحت ڪندڙ آهيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پوءِ (اي رسول) تون نصيحت ڪندو رھ! تون ته نصيحت ڪندڙ ئي آهين.(سيد فرمان علي) پوءِ نصيحت ڪر تون ته رڳو نصيحت ڪندڙ آهين .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ (اي پيغمبر) تون نصيحت ڪر! تون ته نصيحت ڪندڙ ئي آهين (مولانا محمد مدني) پوءِ نصيحت ڪر. تون صرف نصيحت ڪندڙ ئي آهين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ وَر وَر ڪَندو وَت، نَبِي! نَصِحيت اُن کي، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
لَستَ عَلَيهِم بِمُصَيطِرٍ (آيت : 22) |
تون مٿن ڪو داروغو نه آھين.(علامه تاج محمود امروٽي) (نصيحت نه وٺن ته) تون (رڳو انهن کي ياد ڏياريندڙ آهين ۽) مٿن ڪو نگهبان نه آهين.(علامه علي خان ابڙو) توهان هرگز انهن تي تسلط ڪندڙ ناهيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) تون مٿن ڪو نگهبان نه آهين.(سيد فرمان علي) ناهين تون انهن تي داروغو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) تون مٿن ڪو نگهبان نه آهين (مولانا محمد مدني) تون انهن مٿان ڪو ڏاڍ ڪندڙ نه آهين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تون آهِين ڏِيندڙ ڏيھ ۾، فقط مُوچارِي مَت، اَهنجو ڪَم نه اُنهن تي، جَبَر ۽ جُرِئت، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِلّا مَن تَوَلّىٰ وَكَفَرَ (آيت : 23) |
پر جنھن مُنھن موڙيو ۽ ڪُفر ڪيو.(علامه تاج محمود امروٽي) پر جنهن منهن موڙيو ۽ انڪار جي واٽ ورتي.(علامه علي خان ابڙو) مگر جيڪو ماڻهو مُنهن ڦيري ٿو ۽ ڪفر ڪري ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ها! جنهن منهن موڙيو ۽ ڪفر ڪيو.(سيد فرمان علي) مگر جنهن منهن موڙيو ۽ ڪفر ڪيو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پر جنهن منهن موڙيو ۽ ڪفر ڪيو (مولانا محمد مدني) مگر جنهن مُنهن موڙيو ۽ ڪفر ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ جو پُٺيرو پاڻ ٿيو، گھوٻيون ڪيائـِين گَت، ۽ ڪاهي پيو ڪُفر ۾، ڦِريو ڌَڻِي کان دَت،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَيُعَذِّبُهُ اللَّهُ العَذابَ الأَكبَرَ (آيت : 24) |
تنھن کي الله وڏي عذاب جي سزا ڏيندو.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ تنهن کي الله (پنهنجي مڪافات وارن قانونن هيٺ) تمام وڏي سزا ڏيندو.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ الله تعالى ان کي تمام وڏو عذاب چکائي ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) تنهن کي خدا تمام وڏي عذاب جي سزا ڏيندو.(سيد فرمان علي) پوءِ عذاب ڪندو ان کي الله عذاب وڏو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) تنهن کي الله تمام وڏي سزا ڏيندو (مولانا محمد مدني) ته ان کي الله سڀ کان وڏو عذاب ڏيندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ اُنهِئَ کي اَلبت، ڏاتر ڏِيندو ڏُک وَڏو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِنَّ إِلَينا إِيابَهُم (آيت : 25) |
بيشڪ اسان ڏانھن سندن موٽڻ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) (ويندا آخر ڪيڏانهن) بيشڪ اسان جي ئي طرف انهن جو موٽڻ آهي.(علامه علي خان ابڙو) بيشڪ انهن جو ورڻ اسان ڏانهن آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) بيشڪ اسان جي ئي طرف انهن کي موٽڻو آهي.(سيد فرمان علي) بيشڪ اسان ڏانهن انهن جو موٽڻ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) بيشڪ اسان جي ئي طرف انهن جو موٽڻ آهي (مولانا محمد مدني) بيشڪ انهن جو موٽڻ اسان ڏانهن آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) لِاڳاپا لاهي، اَٿن اَسان ڏي اَچڻو،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
ثُمَّ إِنَّ عَلَينا حِسابَهُم (آيت : 26) |
وري بيشڪ سندن حساب وٺڻ اسان جي ذمي آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) وري انهن کان (ذري ذري جوچڪائي) حساب وٺڻ اسان تي ئي آهي.(علامه علي خان ابڙو) ان کان پوءِ بيشڪ انهن جو حساب ڪرڻ اسان تي آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ وري انهن کان حساب وٺڻ اسان جي ذمي آهي.(سيد فرمان علي) ان کان پوءِ اسان تي انهن جو حساب آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) وري انهن کان حساب وٺڻ اسان تي ئي آهي (مولانا محمد مدني) پوءِ بيشڪ انهن جو حساب وٺڻ اسان تي ئي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ اَسان کي آهي، ليکو اُنهن جو لاهِڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |