086 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 17 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
وَالسَّمَاۗءِ وَالطَّارِقِ 1ۙ
قسم آهي آسمان جو ۽ رات جو ايندڙ جو .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريآسمان جو قسم آهي ۽ رات جي ايندڙ وقت جو
— مولانا محمد مدنيقسم آهي آسمانن جو ۽ رات جو ظاهر ٿيندڙ جو.
— عبدالسلام ڀُٽووَمَآ اَدْرٰىكَ مَا الطَّارِقُ 2ۙ
۽ ڪنهن ڄاڻايو توکي ته ڇا آهي رات جو اچڻ وارو .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ (اي پيغمبر) توکي ڪهڙي خبر ته رات جي وقت ايندڙ ڇا آهي؟
— مولانا محمد مدنيتوکي ڪهڙي خبر ته رات جو ظاهر ٿيندڙ ڇا آهي؟
— عبدالسلام ڀُٽوالنَّجْمُ الثَّاقِبُ 3ۙ
تارو، گهڻو چمڪندڙ .
— مولانا محمد ادريس ڏاھرياهو چمڪندڙ تارو آهي
— مولانا محمد مدنياهو چمڪندڙ تارو آهي.
— عبدالسلام ڀُٽواِنْ كُلُّ نَفْسٍ لَّمَّا عَلَيْهَا حَافِـظٌ 4ۭ
ناهي ڪو نفس جو ناهي ان تي ڪو نگهبان .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريته ڪوبه شخص اهڙو نه آهي جنهن تي ڪو نگهبان (مقرر) نه هجي
— مولانا محمد مدنيهر شخص جي مٿان هڪ نگھبان مقرر آهي.
— عبدالسلام ڀُٽوفَلْيَنْظُرِ الْاِنْسَانُ مِمَّ خُلِقَ 5ۭ
پوءِ جڳائي ٿو ته ڏسي انسان ته ڇا مان پيدا ڪيو ويو آهي؟ .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريپوءِ سڀڪو ماڻهو ڏسي ته ڪهڙي شيءِ مان ان کي بنايو ويو آهي؟
— مولانا محمد مدنيپوءِ انسان کي سوچڻ کپي ته (آخر) هو ڪهڙي شيءِ مان پيدا ڪيو ويو آهي؟
— عبدالسلام ڀُٽوخُلِقَ مِنْ مَّاۗءٍ دَافِقٍ 6ۙ
پيدا ڪيو ويو آهي پاڻيءَ ٽپو ڏئي نڪرندڙ مان .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريان کي ٽپي سان ڪرڻ واري پاڻيءَ مان بنايو ويو آهي
— مولانا محمد مدنيٽِپڪو کائي نڪرندڙ پاڻيءَ مان پيدا ڪيو ويو آهي.
— عبدالسلام ڀُٽويَّخْرُجُ مِنْۢ بَيْنِ الصُّلْبِ وَالتَّرَاۗىِٕبِ 7ۭ
جيڪو نڪري ٿو پٺيءَ ۽ سيني جي هڏن وچان .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريجو پٺيءَ جي وچان ۽ ڇاتيءَ جي هڏين جي وچان نڪري ٿو
— مولانا محمد مدنيجيڪو پُٺيءَ ۽ سيني جي وچ مان نڪري ٿو.
— عبدالسلام ڀُٽواِنَّهٗ عَلٰي رَجْعِهٖ لَقَادِرٌ 8ۭ
بيشڪ اهو (الله) ان جي موٽائڻ تي البته قادر آهي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريبيشڪ اهو (الله، ان ڏينهن) ان جي موٽائڻ جي قدرت رکي ٿو
— مولانا محمد مدنيبيشڪ الله تعالى کيس (مرڻ کان پوءِ) ٻيهر موٽائڻ تي قدرت رکي ٿو.
— عبدالسلام ڀُٽويَوْمَ تُبْلَى السَّرَاۗىِٕرُ 9ۙ
جنهن ڏينهن پرکا ڪيون وينديون لڪل ڳالهيون .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريجنهن ڏينهن (دلين جا) ڳجهه ظاهر ڪبا
— مولانا محمد مدنيجنھن ڏينھن ماڻهن جا راز ظاهر ڪيا ويندا.
— عبدالسلام ڀُٽوفَـمَا لَهٗ مِنْ قُوَّةٍ وَّلَا نَاصِرٍ ۭ10
پوءِ ناهي ان لاءِ ڪا طاقت ۽ نه ڪو مددگار .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريپوءِ نه ان کي ڪا سگهه هوندي ۽ نه ڪو مددگار
— مولانا محمد مدنيان وقت وٽس نه ته (رازن کي ظاهر ڪرڻ کان روڪڻ جي) طاقت هوندي ۽ نه ئي سندس ڪو مدد ڪرڻ وارو هوندو.
— عبدالسلام ڀُٽووَالسَّمَاۗءِ ذَاتِ الرَّجْعِ ۙ11
قسم آهي آسمان مينهن واري جو .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريمينهن واري آسمان جو قسم آهي
— مولانا محمد مدنيقسم آهي مينھن وسائڻ واري آسمان جو.
— عبدالسلام ڀُٽووَالْاَرْضِ ذَاتِ الصَّدْعِ ۙ12
۽ زمين ڦاٽي پوڻ واريءَ جو .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ (سلن اڀرڻ وقت) ڦاٽڻ واري زمين جو
— مولانا محمد مدني۽ (سَلن جي نڪرڻ سان) ڦاٽڻ واري زمين جو.
— عبدالسلام ڀُٽواِنَّهٗ لَقَوْلٌ فَصْلٌ ۙ13
بيشڪ اهو البته فيصلو ڪندڙ قول آهي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريته بيشڪ اهو (قرآن) فيصلي ٿيل ڳالهه آهي
— مولانا محمد مدنيبيشڪ هي ڪلام فيصلو ڪندڙ ڪلام آهي.
— عبدالسلام ڀُٽووَّمَا هُوَ بِالْهَزْلِ ۭ14
۽ ناهي اهو ڀوڳ جي ڳالهه .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ اهو چرچو نه آهي
— مولانا محمد مدنياهو ڪو کِلَ ڀوڳ نه آهي.
— عبدالسلام ڀُٽواِنَّهُمْ يَكِيْدُوْنَ كَيْدًا ۙ15
بيشڪ اهي رٿين ٿا رٿ .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريبيشڪ اهي (ته ان ڳالهه جي مٽائڻ لاءِ) رٿون رٿين ٿا
— مولانا محمد مدنيبيشڪ هي ماڻهو وڏيون چالبازيون کيڏن ٿا.
— عبدالسلام ڀُٽووَّاَكِيْدُ كَيْدًا ښ 16
۽ مان به رٿيان ٿو رٿ .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ آءُ به رٿ رٿيان ٿو
— مولانا محمد مدنيپر مان به (انهن جي خلاف) بندوبست ڪريان ٿو.
— عبدالسلام ڀُٽوفَمَــهِّلِ الْكٰفِرِيْنَ اَمْهِلْهُمْ رُوَيْدًا ۧ17
پوءِ ڍر ڏي ڪافرن کي مهلت ڏي انهن کي ٿوري .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريپوءِ (اي پيغمبر!) ڪافرن کي ڍر ڏي، انهن کي ٿوري ڍر ڏي
— مولانا محمد مدني(اي نبيﷺ!) تون ڪافرن کي ٿوري دير لاءِ ڍر ڏئي سندن حال تي ڇڏي ڏي.
— عبدالسلام ڀُٽو