084 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 25 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
اِذَا السَّمَاۗءُ انْشَقَّتْ 1ۙ
ياد ڪيو جڏهن آسمان ڦاٽندو .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري(ياد ڪر) جڏهن آسمان ڦاٽندو
— مولانا محمد مدنيجڏهن آسمان ڦاٽي پوندو.
— عبدالسلام ڀُٽووَاَذِنَتْ لِرَبِّهَا وَحُقَّتْ 2ۙ
۽ ڪن ڏئي ٻڌندو پنهنجي رب جو امر ۽ حق به آهي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ پنهنجي پاليندڙ جو حڪم ٻڌندو ۽ ان کي حڪم ٻڌڻ لازمي آهي
— مولانا محمد مدني۽ پنھنجي پالڻھار جي حڪم کي غور سان ٻڌندو. مٿس حڪم تي عمل ڪرڻ لازمي آهي.
— عبدالسلام ڀُٽووَاِذَا الْاَرْضُ مُدَّتْ 3ۙ
۽ جڏهن زمين ڇڪي وڏي ڪئي ويندي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ جڏهن زمين ڇڪبي
— مولانا محمد مدنيجڏهن زمين کي (هموار ڪري) ڦھلايو ويندو.
— عبدالسلام ڀُٽووَاَلْقَتْ مَا فِيْهَا وَتَخَلَّتْ 4ۙ
۽ اڇلائي ڪڍندي اهو جو ان ۾ آهي ۽ خالي ٿيندي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ جيڪي منجهس آهي سو اڇلائيندي ۽ خالي ٿيندي
— مولانا محمد مدنيان جي اندر جو ڪجهه آهي سڀ ٻاهر ڪڍي خالي ٿي ويندي.
— عبدالسلام ڀُٽووَاَذِنَتْ لِرَبِّهَا وَحُقَّتْ 5ۭ
۽ ڪن ڏئي ٻڌندي پنهنجي رب جو امر ۽ حق به آهي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ پنهنجي پاليندڙ جو حڪم ٻڌندي ۽ ان کي حڪم ٻڌڻ لازمي آهي
— مولانا محمد مدنيمٿس پالڻهار جي اُن حڪم تي عمل ڪرڻ لازمي آهي.
— عبدالسلام ڀُٽويٰٓاَيُّهَا الْاِنْسَانُ اِنَّكَ كَادِحٌ اِلٰى رَبِّكَ كَدْحًا فَمُلٰقِيْهِ 6ۚ
اي انسان! بيشڪ تون ڪوشش ڪندڙ آهين پنهنجي رب ڏانهن ڪوشش ڪرڻ پوءِ ان سان ملندڙ آهين .
— مولانا محمد ادريس ڏاھرياي انسان! تون پنهنجي پاليندڙ (کي ملڻ) تائين گهڻي ڪوشش ڪرڻ وارو آهين پوءِ تون ان کي ملندين
— مولانا محمد مدنياي انسان! تون (دنيا جي) جاکوڙ ڪندي (غير محسوس طريقي سان زوريءَ) پنھنجي پالڻھار ڏانھن وڃي رهيو آهين آخرڪار تون اُن سان وڃي ملندين.
— عبدالسلام ڀُٽوفَاَمَّا مَنْ اُوْتِيَ كِتٰبَهٗ بِيَمِيْنِهٖ 7ۙ
پوءِ پر جيڪو ڏنو ويو پنهنجو عملنامو پنهنجي سڄي هٿ ۾ .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريپوءِ جنهن کي سندن (عملن جو) ڪتاب سندس ساڄي هٿ ۾ ڏنو ويندو
— مولانا محمد مدني(ان ڏينھن) جنھن کي پنھنجو اعمال نامو ساڄي هٿ ۾ ڏنو ويو.
— عبدالسلام ڀُٽوفَسَوْفَ يُحَاسَبُ حِسَابًا يَّسِيْرًا 8ۙ
پوءِ جلد حساب ڪيو ويندو حساب آسان .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريتنهن کان آسان حساب ورتو ويندو
— مولانا محمد مدنيته ان کان عنقريب هلڪو حساب ورتو ويندو.
— عبدالسلام ڀُٽووَّيَنْقَلِبُ اِلٰٓى اَهْلِهٖ مَسْرُوْرًا 9ۭ
۽ موٽندو پنهنجي اهل ڏانهن خوش ٿي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ هو پنهنجي گهر وارن ڏي خوش ٿي موٽندو
— مولانا محمد مدني۽ هو پنھنجي گهر وارن ڏانھن خوشيءَ سان موٽندو.
— عبدالسلام ڀُٽووَاَمَّا مَنْ اُوْتِيَ كِتٰبَهٗ وَرَاۗءَ ظَهْرِهٖ ۙ10
۽ پر جيڪو ڏنو ويندو پنهنجو عملنامو پويان پٺيءَ پنهنجي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ جنهن کي سندس (عملن جو) ڪتاب سندس پٺيءَ پٺيان ڏنو ويندو
— مولانا محمد مدني(اُن ڏينھن) جنھن کي پنھنجو اعمال نامو پُٺيءَ جي پويان ڏنو ويندو.
— عبدالسلام ڀُٽوفَسَوْفَ يَدْعُوْا ثُبُوْرًا ۙ11
پوءِ جلد طلب ڪندو موت .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريسو “مري ويس مري ويس” ڪري دانهون ڪندو
— مولانا محمد مدنيته هو فوراً موت کي ياد ڪندو.
— عبدالسلام ڀُٽووَّيَصْلٰى سَعِيْرًا ۭ12
۽ داخل ٿيندو ٻرندڙ باهه ۾ .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ باهه ۾ گهڙندو
— مولانا محمد مدني(پر) ان کي (جهنم جي) باهه ۾ اڇلايو ويندو.
— عبدالسلام ڀُٽواِنَّهٗ كَانَ فِيْٓ اَهْلِهٖ مَسْرُوْرًا ۭ13
بيشڪ اهو هو پنهنجي اهل ۾ خوش .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريڇو ته هو (دنيا ۾ ) پنهنجي گهروارن ۾ خوش هو
— مولانا محمد مدنيبيشڪ هو دنيا (جي زندگيءَ) ۾ پنھنجي گهر وارن سان ڏاڍو خوش رهندو هو.
— عبدالسلام ڀُٽواِنَّهٗ ظَنَّ اَنْ لَّنْ يَّحُوْرَ ڔ 14
بيشڪ ان گمان ڪيو هو ته هر گز نه موٽندو .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريبيشڪ ان خيال ڪيو هو ته هو ڪڏهن به (الله ڏي) ڪين موٽندو
— مولانا محمد مدنيهو سمجهي رهيو هو ته هو ڪڏهن به (الله تعالى ڏانهن) نه موٽندو.
— عبدالسلام ڀُٽوبَلٰٓى ڔ اِنَّ رَبَّهٗ كَانَ بِهٖ بَصِيْرًا ۭ15
هائو بيشڪ ان جو رب آهي ان کي ڏسندڙ .
— مولانا محمد ادريس ڏاھرياهڙيءَ طرح نه آهي ان کي ته سندس پاليندڙ ڏسندڙ هو
— مولانا محمد مدني(ڇو نه موٽندو!) بيشڪ هو هر وقت پنھنجي پالڻھار جي نظر ۾ آهي.
— عبدالسلام ڀُٽوفَلَآ اُقْسِمُ بِالشَّفَقِ ۙ16
پوءِ قسم کڻان ٿو مان شفق جو .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريپوءِ قسم آهي شفق جو
— مولانا محمد مدنيپوءِ مان شفق (يعني سج لٿي کان پوءِ ظاهر ٿيندڙ ڳاڙهاڻ) جو قسم کڻان ٿو.
— عبدالسلام ڀُٽووَالَّيْلِ وَمَا وَسَقَ ۙ17
۽ رات جو جيڪو گڏ ڪيائين .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ رات جو ۽ انهن (تارن) جو جن کي گڏ ڪيو اٿس
— مولانا محمد مدني۽ رات جو ۽ انهن شين جو قسم کڻان ٿو جيڪي رات جو ئي ظاهر ٿينديون آهن.
— عبدالسلام ڀُٽووَالْقَمَرِ اِذَا اتَّسَقَ ۙ18
۽ چنڊ جو جڏهن پورو ٿئي ٿو .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ چنڊ جو جڏهن برابر (گول) ٿئي ٿو
— مولانا محمد مدني۽ چوڏهين رات جي چنڊ جو به قسم کڻان ٿو.
— عبدالسلام ڀُٽولَتَرْكَبُنَّ طَبَقًا عَنْ طَبَقٍ ۭ19
ته البته ضرور چڙهندؤ منزل کان منزل ڏانهن .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريته اوهين هڪڙي حال کان لنگهي ٻئي حال ٿي ضرور ايندؤ
— مولانا محمد مدنيته توهان هڪ حالت کان ٻي حالت ڏانھن ضرور هلندا رهندا.
— عبدالسلام ڀُٽوفَـمَا لَهُمْ لَا يُؤْمِنُوْنَ ۙ20
پوءِ ڇا آهي انهن کي جو ايمان نه ٿا آڻين .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريپوءِ انهن کي ڇا ٿيو جو ايمان نه ٿا آڻين
— مولانا محمد مدني(انهن سڄي حقيقتن کان) پوءِ اُنهن ماڻهن کي ڇا ٿي ويو آهي جو هو ايمان نٿا آڻين؟
— عبدالسلام ڀُٽو