توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
وَيلٌ لِلمُطَفِّفينَ (آيت : 1) |
(تور ۽ ماپ ۾) انھن گھٽ ڪري ڏيندڙن لاءِ ويل آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) (ماپ ۽ تور ۾) گهٽ ڪندڙن لاءِ وڏي هلاڪت آهي.(علامه علي خان ابڙو) گھٽ توريندڙن لاءِ هلاڪت آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ماپ تور ۾ گهٽ ڪندڙن لاءِ وڏي خرابي آهي.(سيد فرمان علي) ويل آهي ماپ تور ۾ گهٽ وڌ تائي ڪندڙن جي لاءِ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (ماپ ۽تور ۾ ) گهٽ ڪندڙن لاءِ خرابي آهي (مولانا محمد مدني) بربادي آهي ماپ تور ۾ کوٽ ڪرڻ وارن جي لاءِ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) کوءِ، تِن کوٽن کي!، ته ماڻهن ڪنان مال، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
الَّذينَ إِذَا اكتالوا عَلَى النّاسِ يَستَوفونَ (آيت : 2) |
جي جڏھن (پاڻ لاءِ) ماڻھن کان مَئي وٺندا آھن ته بلڪل پورو ڪري وٺندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) اهي (پئسي جا پوڄاري) جڏهن ماڻهن کان توري ماپي (شيون يا محنت) وٺن ٿا ته پورو ڪري وٺن ٿا.(علامه علي خان ابڙو) اِهي ماڻهو جڏهن ٻين ماڻهن کان ماپ تور ڪرائين ٿا ته پوري ماپ وٺن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جي ماڻهن کان جڏهن مئي وٺن ٿا ته پورو ڪري وٺن ٿا.(سيد فرمان علي) اهي جو جڏهن ماپ ڪري ورتائون ماڻهن کان ته پورو وٺن ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جي جڏهن ماڻهن کان ماپي وٺن ٿا ته پورو ڪري وٺن ٿا (مولانا محمد مدني) جيڪي جڏهن ماڻهن کان ماپي وٺن ٿا ته (انهن کان) پورو وٺن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وَٺنِ جِنهن وير ۾، ته ٿَميو ٻَٻِينِ ٿالھ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَإِذا كالوهُم أَو وَزَنوهُم يُخسِرونَ (آيت : 3) |
۽ جڏھن اُنھن کي مَئي ڏيندا آھن يا کين توري ڏيندا آھن (ته) گھٽائي ڏيندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ جڏهن انهن کي ماپي يا توري (۽ حساب يا مزدوري) ڏين ٿا ته گهٽ ڪري ڏين ٿا.(علامه علي خان ابڙو) ۽ جڏهن اهي ٻين ماڻهن لاءِ ماپ تور ڪن ٿا ته ماپ گھٽ ڪن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پر جڏهن ان کي مئي يا توري ڏين ٿا ته گهٽ ڪري ڏين ٿا.(سيد فرمان علي) ۽ جڏهن ماپ ڪري ڏين ٿا انهن کي يا توري ڏين ٿا انهن کي ته گهٽائن ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ جڏهن انهن کي ماپي يا توري ڏين ٿا ته گهٽ ڪري ڏين ٿا (مولانا محمد مدني) ۽ جڏهن انهن کي ماپي يا توري ڏين ٿا ته گهٽائي ڏين ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جڏهن تورِين تِن لئي، يا ڀَرِين جِنس بَحال، ته ڪريو ڪُپت ڪُلال، اوڇو ڏِينِ، اُنهن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
أَلا يَظُنُّ أُولٰئِكَ أَنَّهُم مَبعوثونَ (آيت : 4) |
اھي گمان نه ٿا ڪن ڇا ته کين (ضرور) اُٿاربو.(علامه تاج محمود امروٽي) ڇا اهي خيال نٿا ڪن ته انهن کي ضرور جيئرو ڪري اٿاريو ويندو.(علامه علي خان ابڙو) اِھي يقين نہ ٿا ڪن ڇا تہ کين (ضرور) اُٿاربو؟(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ڇا اهي (اهو) خيال نه ٿا ڪن ته انهن کي ضرور جيئرو ڪري اٿاريو ويندو.(سيد فرمان علي) ڇا نه ٿا خيال ڪن اهي ته بيشڪ اهي اٿاريل آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ڇا اهي خيال نه ٿا ڪن ته انهن کي ضرور (((مولانا محمد مدني) ڇا اُهي هن ڳالهه جو خيال نه ٿا رکن ته اِهي مرڻ بعد جيئرا ڪري اٿاريا ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، لاٿو لوڀِيَن، دِل تان، هِي دَلِيل؟، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
لِيَومٍ عَظيمٍ (آيت : 5) |
اُنھيءَ وڏي ڏينھن لاءِ.(علامه تاج محمود امروٽي) انهيءَ (حساب ڪتاب واري) وڏي ڏينهن،(علامه علي خان ابڙو) اُنھيءَ وڏي ڏينھن لاءِ(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) هڪڙي (تمام) وڏي ڏينهن لاءِ.(سيد فرمان علي) ڏينهن وڏي جي لاءِ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) هڪڙي وڏي ڏينهن لاءِ جيئرو ڪري اٿاريو ويندو؟(مولانا محمد مدني) هڪ وڏي ڏينهن لاءِ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ته آهِين، ڏاڍي ڏِينهن لئي، اُٿڻا اُهي عَلِيل، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
يَومَ يَقومُ النّاسُ لِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 6) |
جنھن ڏينھن ماڻھو جھانن جي پالڻھار اڳيان ٿي بيھندا.(علامه تاج محمود امروٽي) جنهن ڏينهن سڀئي ماڻهو جهانن جي پاليندڙ جي اڳيان بيهندا.(علامه علي خان ابڙو) انهيءَ ڏينهن (حساب لاءِ) سڀئي ماڻهو الله جي دربار ۾ بيهندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جنهن ڏينهن سڀئي ماڻهو ساري جهان جي پروردگار جي اڳيان بيهندا.(سيد فرمان علي) جنهن ڏينهن اٿندا ماڻهو جهانن جي رب جي لاءِ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جنهن ڏينهن سڀئي ماڻهو جهانن جي پاليندڙ جي اڳيان بيهندا (مولانا محمد مدني) جنهن ڏينهن (سڀ) ماڻهو جهانن جي پالڻهار جي اڳيان بيهندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جِنهن ڏِينهن، ماڻهون بِيهندا، حالت زار ذَلِيل، جابِر وَٽ جَلِيل، جو آگو ڪُل اُپوڻيِين. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
كَلّا إِنَّ كِتٰبَ الفُجّارِ لَفى سِجّينٍ (آيت : 7) |
سچ آھي ته بيشڪ بدڪارن جو اعمالنامو سجين ۾ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) خبردار (متان بدڪار هن وهم ۾ هجن ته اهڙو ڏينهن نه ايندو) بيشڪ بدڪارن جو ڪتاب (عمل نامو) ته سجين ۾ آهي.(علامه علي خان ابڙو) خبردار ! بيشڪ ڪافرن جا عمل ناما سِجِين ۾ آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) خبردار! بدڪار جو ڪتاب (اعمال نامو) به بيشڪ “سجين” ۾ آهي.(سيد فرمان علي) هرگز نه بيشڪ فاجرن جو ڪتاب البته سجين ۾ هوندو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) خبردار (متان هي خيال ڪن ته اهڙو ڏينهن نه ايندو) بدڪارن جو ڪتاب(عملنامو) ته بيشڪ سجين ۾ آهي (مولانا محمد مدني) خبردار! بيشڪ بدڪارن جو اعمال نامو سجين (قيدخاني) ۾ هوندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سوگھِي آهي سَجِّيْن ۾، تِن وَهلورن وَهِي، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَما أَدرىٰكَ ما سِجّينٌ (آيت : 8) |
۽ ڪنھن سمجھايئي ته سجين ڇا آھي؟(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ (اي پيغمبر!) توکي ڪهڙي خبر ته سجين ڇا آهي؟(علامه علي خان ابڙو) ۽ اي پڙهندڙ توکي ڪهڙي خبر ته سجين ڇا آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ تو کي ڪهڙي خبر ته سجين ڇا آهي؟(سيد فرمان علي) ۽ توکي ڪنهن ڄاڻايو ته سجين ڇا آهي؟ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ (اي پيغمبر!) توکي ڪهڙي خبر ته سجين ڇا آهي؟ (مولانا محمد مدني) ۽ تو کي ڪنهن ڄاڻايو ته سجين ڇا آهي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪِنهن سَمجھايئـِي ته سِجِّين ڇا؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
كِتٰبٌ مَرقومٌ (آيت : 9) |
ھڪ لکيل دفتر آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) هڪ لکيل ڪتاب آهي، (جنهن ۾ هرهڪ جي بدعملن جي چٽائي ٿيل آهي.)(علامه علي خان ابڙو) اها مُهر لڳايل لِکت آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) هڪ لکيل دفتر آهي (جنهن ۾ شيطانن جا اعمال درج آهن).(سيد فرمان علي) ڪتاب لکيل، .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) هڪ لکيل ڪتاب آهي (مولانا محمد مدني) هڪ لکيل ڪتاب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) لِکپـَڙھ صاف صَحِي، ڪٖيئـِي، يا ڪَهِي، مُلڪ ڌَڻِئَ جي، مُهر سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 10) |
اُن ڏينھن (انھن) ڪوڙ ڀانئيندڙن لاءِ ويل آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن لاءِ وڏي هلاڪت آهي.(علامه علي خان ابڙو) ڪوڙ ڳالهائيندڙ لاءِ انهي ڏينهن هلاڪت آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن لاءِ وڏي خرابي آهي.(سيد فرمان علي) ويل آهي ان ڏينهن ڪوڙو چوندڙن جي لاءِ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن لاءِ وڏي خرابي آهي (مولانا محمد مدني) ان ڏينهن ڪوڙو چوڻ وارن لاءِ بربادي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪاڙهو تِن ڪُوڙن لئي، تِهِين ڏِينهن تڪرار!، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
الَّذينَ يُكَذِّبونَ بِيَومِ الدّينِ (آيت : 11) |
جيڪي عملن جي بدلي جي ڏينھن کي ڪوڙ ڀانئيندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) جيڪي (مذاق، ٽوڪ ۽ آڪڙ وچان) حساب جي ڏينهن کي ڪوڙو ڪن ٿا.(علامه علي خان ابڙو) جيڪي قيامت جي ڏينهن کي ڪوڙو سمجھن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جيڪي حساب جي ڏينهن کي ڪوڙو ڪن ٿا.(سيد فرمان علي) جيڪي ڪوڙو چون ٿا قيامت جي ڏينهن کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جيڪي حساب جي ڏينهن کي ڪوڙو ڪن ٿا (مولانا محمد مدني) جيڪي ماڻهو بدلي واري ڏينهن کي ڪوڙو چون ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي ڪوٺِينِ ڪُوڙ قيام کي، ڪَن عَدل کان اِنڪار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَما يُكَذِّبُ بِهِ إِلّا كُلُّ مُعتَدٍ أَثيمٍ (آيت : 12) |
۽ اُن کي سڀڪنھن حد کان لنگھندڙ گنھگار کانسواءِ (ٻيو) ڪو ڪوڙ نه ڀانئيندو.(علامه تاج محمود امروٽي) هوڏانهن ان کي سڀ ڪنهن (ڏوهه ۾) حد کان لنگهندڙ گنهگار (ڏوهاري ذهنيت) کان سواءِ ٻيو ڪو ڪوڙو نٿو ڪري.(علامه علي خان ابڙو) ۽ نٿو ڪوڙو سمجھي قيامت جي ڏينهن کي مگر حد کان وڌيڪ گنهگار(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) هوڏانهن ان کي سڀ ڪنهن حد کان لنگهدڙ گنهگار کان سواءِ ٻيو ڪو به ڪوڙو نه ٿو ڪري.(سيد فرمان علي) ۽ نه ٿو ڪوڙو چوي ان کي مگر هر تجاوزڪندڙ گنهگار .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) هوڏانهن ان کي سڀڪنهن حد کان لنگهندڙ گنهگار کان سواءِ ٻيو ڪو ڪوڙو نه ٿو ڪري (مولانا محمد مدني) ۽ ان کي ڪير به ڪوڙو ڪونه ٿو چوي سواءِ هر سرڪش گنهگار جي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪُوڙو ڪوٺي، نه تِنهن کي، ري بيهودِي، بَدڪار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِذا تُتلىٰ عَلَيهِ ءايٰتُنا قالَ أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 13) |
جڏھن اسان جون آيتون کيس پڙھي ٻڌائبيون آھن ته چوندو آھي ته (اھي) اڳين جون آکاڻيون آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) جو جڏهن ان (ڏوهاري) کي اسان جون آيتون (انساني فلاح ۽ سڌاري يا قومن جي عروج ۽ زوال جون تاريخي حقيقتون) پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته چوي ٿو ته، هي (قدامت پرستيءَ جون) اڳوڻيون لکيل آکاڻيون آهن.(علامه علي خان ابڙو) جڏهن ان تي اسان جون آيتون پڙهيون وڃن ٿيون چوي ٿو ته (اهي) اڳين ماڻهن جون ڳالهيون آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جو جڏهن ان کي اسان جون آيتون پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته چوي ٿو ته هي اڳين جون آکاڻيون آهن.(سيد فرمان علي) جڏهن پڙهيون وڃن ٿيون ان تي اسان جون آيتون ته چيائين آکاڻيون پهرين جون آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جو جڏهن ان کي اسان جون آيتون پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته چوي ٿو ته هي اڳوڻن جون لکيل آکاڻيون آهن (مولانا محمد مدني) جڏهن ان تي اسان جون آيتون پڙهيون وڃن ٿيون ته چوي ٿو: ”هي اڳين جون آکاڻيون آهن“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُتسِ اَسان جون، آيتون، وَڃن پَڙهيون جِنهن وار، ته آکاڻيون اڳين جون، آکي ٿو اِظهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
كَلّا بَل رانَ عَلىٰ قُلوبِهِم ما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 14) |
ائين بلڪل نه آھي! بلڪ، جيڪي ڪمائيندا ھوا تنھن جي ڪَٽ سندين دلين تي ڄمي ويئي آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) (کين چئو ته ڳالهه) ائين نه آهي پر (اصلي) ڳالهه هيءَ آهي ته، جيڪي (بڇڙا ڪم ۽ آواره گرديون) اهي ڪندا رهيا تن جي ڪٽ سندن دلين تي ڄمي ويئي آهي. (۽ هيئنر منجهن سوچڻ سمجهڻ جي صلاحيت ئي نه رهي آهي.)(علامه علي خان ابڙو) خبردار ! بلڪ انهن جي بداعمالي جي ڪري انهن جي دلين تي ڪَٽ چڙهيل آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) نه! نه! پر (اصلي ڳالھ هي آهي) ته جيڪي ماڻهو (بڇڙا ڪم) ڪندا هئا تن جي ڪٽ سندن دلين تي ڄمي وئي آهي.(سيد فرمان علي) نه بلڪ چڙهي ويو آهي انهن جي دلين تي اهو جيڪو ڪندا هئا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ائين نه آهي پر (اصلي ڳالهه هيءَ آهي ته) جيڪي (بڇڙا ڪم) اهي ڪندا هئا تن جي ڪٽ سندن دلين تي ڄمي وئي آهي (مولانا محمد مدني) ائين نه آهي، بلڪه انهن جي دلين تي ڪَٽُ چڙهي وئي آهي انهن عملن جي بدلي جيڪي ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) بَلڪ بَديون، جي ڪَيئون، تِن ڪيَنِ قلب تي ڪار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
كَلّا إِنَّهُم عَن رَبِّهِم يَومَئِذٍ لَمَحجوبونَ (آيت : 15) |
ائين نه آھي پنھنجي پالڻھار (جي سامھون اچڻ) کان انھي ڏينھن روڪيل ھوندا.(علامه تاج محمود امروٽي) خبردار ٿين، بيشڪ انهن (بدنصيبن) کي ان ڏينهن سندن پاليندڙ (جي اڳييان اچڻ) کان روڪيو ويندو.(علامه علي خان ابڙو) خبردار ! بيشڪ اهي قيامت جي ڏينهن پنهنجي رب جي ديدار کان يقيناً محروم هوندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) بيشڪ اهي ان ڏينهن پنهنجي پالڻهار جي (رحمت) کان روڪيا ويندا.(سيد فرمان علي) هرگز نه بيشڪ اهي پنهنجي رب کان ان ڏينهن البته پردو ڪيل هوندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) خبردار ٿين بيشڪ انهن کي ان ڏينهن سندن پاليندڙ (جي اڳيان اچڻ) کان روڪيو ويندو (مولانا محمد مدني) خبردار! بيشڪ اُهي ماڻهو ان ڏينهن پنهنجي پالڻهار (جي ديدار) کان اوٽ ۾ هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هُوندا پَري پَنهنجي رَبَّ کان، تَڙيَل سي تَڪرار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
ثُمَّ إِنَّهُم لَصالُوا الجَحيمِ (آيت : 16) |
وري بيشڪ اُھي دوزخ ۾ گھڙڻ وارا ھوندا.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ اهي دوزخ ۾ ضرور داخل ڪيا ويندا.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ بيشڪ اهي يقيناً جهنم ۾ داخل ٿيندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پوءِ اهي ضرور جهنم واصل ٿيندا.(سيد فرمان علي) ان کان پوءِ بيشڪ اهي البته داخل ٿيندڙ آهن جهنم ۾ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ اهي دوزخ ۾ ضرور گهڙندا (مولانا محمد مدني) پوءِ اُهي يقين سان جهنم ۾ ڦِٽا ڪيا ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) موٽِي وَڃي ماڳ ڪَيئون، دوزخ دَهشتدار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
ثُمَّ يُقالُ هٰذَا الَّذى كُنتُم بِهِ تُكَذِّبونَ (آيت : 17) |
وري چئبن ته ھي اُھو دوزخ آھي جنھن کي اوھين ڪوڙ ڀانئيندا ھُيؤ.(علامه تاج محمود امروٽي) وري اتي کين چئبو ته، هيءَ (دوزخ) اها آهي، جنهن کي اوهين (اسان جي مڪافات وارن قانونن جي نتيجي طور ملڻ کي) ڪوڙو ڪندا هئا.(علامه علي خان ابڙو) ان کان پوءِ انهن کي چيو ويندو هي اُها آهي جنهنکي توهان ڪوڙو سمجھندا هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پوءِ (کين) چيو ويندو ته هي اهو ته (دوزخ) آهي جنهن کي اوهين ڪوڙو ڪندا هئا.(سيد فرمان علي) ان کان پوءِ چيو ويندو ته هي اهو آهي جو ان کي اوهان ڪوڙو چوندا هيئو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) وري چئبن ته هيءَ (دوزخ) اهو آهي جنهن کي اوهين ڪوڙو ڪندا هئا (مولانا محمد مدني) پوءِ انهن کي چيو ويندو: ”هي اُهو (عذاب)آهي جنهن کي توهان ڪوڙو چوندا هئا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، جو ڪوٺيان ڪُوڙ نِبار، سو حاضِر هاوِي هِي اَٿان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
كَلّا إِنَّ كِتٰبَ الأَبرارِ لَفى عِلِّيّينَ (آيت : 18) |
سچ آھي بيشڪ ڀلارن جو اعمالنامو عِلّيِّيۡن ۾ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) خبردار ٿين (۽ پڪ ڪري وٺن ته) تابعدارن جو ڪتاب (عمل نامو) بيشڪ عليين ۾ آهي.(علامه علي خان ابڙو) خبردار ! بيشڪ مؤمنن جا عمل نامان عليين ۾ آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (هي به) ٻڌي ڇڏيو ته تابعدارن جا عمل “عليين” ۾ هوندا.(سيد فرمان علي) هرگز نه بيشڪ نيڪن جو ڪتاب البته عليين ۾ هوندو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) خبردار ٿين تابعدارن جو ڪتاب (عملنامو) بيشڪ عِليين ۾ آهي (مولانا محمد مدني) خبردار! بيشڪ نيڪوڪارن جو اعمال نامو عليين ۾ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) بيشڪ بَنديون ڀَلن جون، آهِن اُچي هَنڌ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَما أَدرىٰكَ ما عِلِّيّونَ (آيت : 19) |
۽ ڪنھن سمجھايئي ته عِلِّيّين ڇا آھي؟(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ (اي پيغمبر!) توکي ڪهڙي خبر ته عليين ڇا آهي؟(علامه علي خان ابڙو) ۽ اي پڙهندڙ توکي ڪهڙي خبر آهي ته عليين ڇا آهي؟(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ تو کي ڪهڙي خبر ته عليين ڇا آهي؟(سيد فرمان علي) ۽ ڪنهن ڄاڻايو توکي ته عليين ڇا آهي؟ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ (اي پيغمبر) توکي ڪهڙي خبر ته عليين ڇا آهي؟ (مولانا محمد مدني) ۽ تو کي ڪنهن ڄاڻايو ته عليين ڇا آهي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪِنهن سَمجھايَئـِي؟ ته سو ڇا؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
كِتٰبٌ مَرقومٌ (آيت : 20) |
ھڪ لکيل دفتر آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) هڪ لکيل ڪتاب آهي. (جنهن ۾ هرهڪ جي نيڪ عملن جي چٽائي ٿيل آهي).(علامه علي خان ابڙو) ھڪ لکيل دفتر آھي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اهو هڪ لکيل دفتر آهي، (جنهن ۾ نيڪوڪارن جا عمل درج آهن).(سيد فرمان علي) لکيل ڪتاب .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) هڪ لکيل ڪتاب آهي (مولانا محمد مدني) هڪ لکيل ڪتاب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) دَفتر دلپسند،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
يَشهَدُهُ المُقَرَّبونَ (آيت : 21) |
اُن وٽ (الله جا) مقرب حاضر رھندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) ان (عليين) وٽ (الله جا) ويجها (فرمانبردار پنهنجي اعمال نامي جي ڏسڻ لاءِ) حاضر ٿين ٿا.(علامه علي خان ابڙو) اُن وٽ (الله جا) مقرب (ملائڪ) حاضر رھندا آھن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ان وٽ مقرب (فرشتا) حاضر آهن.(سيد فرمان علي) جو ڏسن ٿا ان کي مقرب ملائڪ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ان وٽ (الله جا) ويجها (ملائڪ يا انسان) حاضر ٿين ٿا (مولانا محمد مدني) ان وٽ (الله جي دربار ۾) قرب يافته ملائڪ حاضر رهن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) دَرٻارِي دلبند، هَر دم حاضِر اُن مَٿي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِنَّ الأَبرارَ لَفى نَعيمٍ (آيت : 22) |
بيشڪ ڀلارا (بھشت) جي نعمتن ۾ ھوندا.(علامه تاج محمود امروٽي) بيشڪ تابعدار ته ضرور (بهشت جي) نعمت ۾ ٿيندا.(علامه علي خان ابڙو) بيشڪ نيڪوڪار يقيناً نعمتن ۾ آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) بيشڪ نيڪ ماڻهو ته ضرور مزي ۾ هوندا.(سيد فرمان علي) بيشڪ ابرار البته نعمتن ۾ هوندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) بيشڪ تابعدار ته ضرور نعمت ۾ ٿيندا (مولانا محمد مدني) بيشڪ نيڪوڪار ضرور نعمتن ۾ هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سَچ پَچ، آهِن سُکن ۾، نيڪ بَندا نُورِي، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
عَلَى الأَرائِكِ يَنظُرونَ (آيت : 23) |
تختن تي ويھي نظارو پيا ڪندا.(علامه تاج محمود امروٽي) پلنگن تان (بهشت جي عجائبات جا نظارا) پيا ڏسندا.(علامه علي خان ابڙو) تختن تي (نعمتون) ڏسي رهيا آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پلنگن تان ويٺي(نظارا) پيا ڏسندا.(سيد فرمان علي) تختن تي ويٺي ڏسندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پلنگن تان (بهشت جا نظارا) پيا ڏسندا (مولانا محمد مدني) تختن تي ويٺي (نظارا) پيا ڏسندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سامهان سيڄ پَلنگ تي، ڪَن دَرشن دَستورِي،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
تَعرِفُ فى وُجوهِهِم نَضرَةَ النَّعيمِ (آيت : 24) |
(سڀني پاسن کان) سندن منھن مان ئي نعمت جي تازگي پيو معلوم ڪندين.(علامه تاج محمود امروٽي) تون انهن جي چهري ۾ (آرام ۽ اطمينان وارين) نعمتن جي تازگي معلوم ڪندين.(علامه علي خان ابڙو) اي محبوب توهان انهن جي چهرن مان نعمتن جي تازگي معلوم ڪندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) تون انهن جي چهرن مان ئي راحت جي تازگي معلوم ڪندين.(سيد فرمان علي) سڃاڻندين انهن جي منهن ۾ نعمتن جي تازگي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) تون انهن جي منهن ۾ نعمت جي تازگي معلوم ڪندين (مولانا محمد مدني) تون انهن جي چهرن مان ئي نعمتن جي تازگي معلوم ڪندين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مُنهن مان تِن ني تازگي، پَرکِيندين پُوري،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
يُسقَونَ مِن رَحيقٍ مَختومٍ (آيت : 25) |
مھر لڳل صاف شراب مان پيو پياربن.(علامه تاج محمود امروٽي) کين مهر لڳل خالص مشروبن مان پيو پياربو.(علامه علي خان ابڙو) انهن کي مُهر هنيل خالص پاڪ شراب پيئاريو ويندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) مهر لڳل شراب مان پياريو ويندن.(سيد فرمان علي) پياريا ويندا لذيد پيئڻ واري شيءِ مہر هنيل .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) مهر لڳل شراب مان پيو پياربن (مولانا محمد مدني) مُهر لڳل شراب مان کين پياريو ويندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پِياربُن پَٽڙو جِنهن ۾، مُور نَه مَخمورِي،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
خِتٰمُهُ مِسكٌ وَفى ذٰلِكَ فَليَتَنافَسِ المُتَنٰفِسونَ (آيت : 26) |
جنھن جي مُھر مشڪ (جي) ھوندي، ۽ شوقينن کي جڳائي ته اُنھيءَ ۾ شوق رکن.(علامه تاج محمود امروٽي) جنهن تي مهر مشڪ جي هوندي، ۽ ان ۾ اڃان (به اهڙيون شيون هونديون جو) ڀلي شوق ڪرڻ وارا (مزي سان) شوق پورو ڪن.(علامه علي خان ابڙو) انهيءَ جي آخري ڍُڪ مان مُشڪ جي خوشبو نڪرندي، شوقين ڀلي انهيءَ جو شوق رکن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جنهن جي مهر مشڪ جي هوندي. ۽ ان لاءِ تي ڀلي شائقين ان طرف رغبت ڪن.(سيد فرمان علي) ان جي مہر مشڪ آهي ۽ ان ۾ پوءِ جڳائي ته حرص ڪن حرص ڪندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جنهن جي مُهر مشڪ جي هوندي. ۽ ان ۾ اڃان ته ڀلي شوق ڪرڻ وارا شوق ڪن (مولانا محمد مدني) ان جي مُهر مشڪ جي هوندي. ۽ ان ۾ رغبت ڪرڻ وارن کي رغبت ڪرڻ گهرجي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ کَڙِي ٿيسِ کولڻ سان، خُوشبُوءِ کَٿورِي، پوءِ طالِب طَلِبين اُن کي، ذوقًا ضَرُورِي،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَمِزاجُهُ مِن تَسنيمٍ (آيت : 27) |
اُن جي ملاوت تَسۡنِيم (جي پاڻيءَ) مان ھوندي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ ان جي ملاوٽ تسنيم (جي پاڻي) مان هوندي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ ان کي تسنيم جي پاڻيءَ سان ملايو ويندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پڻ ان شراب ۾ تسنيم (جي پاڻي) جي ملاوٽ هوندي،(سيد فرمان علي) ۽ ان جي ملاوٽ تسنيم مان هوندي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ ان جي ملاوت تسنيم (جي پاڻي) مان هوندي (مولانا محمد مدني) ۽ ان جي ملاوت تسنيم (جي پاڻي) مان هوندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ طَبع جِنهن تَسنِيم سان، سُرهِي سَمورِي، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
عَينًا يَشرَبُ بِهَا المُقَرَّبونَ (آيت : 28) |
جو ھڪ چشمو آھي جنھن مان الله جا ويجھا (ٻانھا) پيئندا.(علامه تاج محمود امروٽي) جو هڪ چشمو آهي، جنهن مان (الله جا) ويجها ٻانها پيئندا.(علامه علي خان ابڙو) (تسنيم) اهو چشمون آهي جنهن مان الله جا پيارا ٻانها پيئندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) هڪ اهو چشمو آهي جنهن مان (خدا جا) مقرب بندا پيئندا.(سيد فرمان علي) چشمو آهي جو پيئندا ان مان مقرب ٻانها .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جو هڪ چشمو آهي جنهن مان (الله جا) ويجها ٻانهان پيئندا (مولانا محمد مدني) (تسنيم) هڪ چشمو آهي جتان (الله جا) مقرب ٻانها پيئندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) حاضِر حُضورِي، چَکن تِنهن چشمي مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِنَّ الَّذينَ أَجرَموا كانوا مِنَ الَّذينَ ءامَنوا يَضحَكونَ (آيت : 29) |
بيشڪ ڏوھاري (دنيا ۾) مؤمنن تي کلندا ھوا.(علامه تاج محمود امروٽي) بيشڪ ڏوهاري (ماڻهو) ايمان وارن تي (دنيا ۾) کلندا هئا.(علامه علي خان ابڙو) بيشڪ گنهگار مؤمنن تي (دنيا ۾) کلندا هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) بيشڪ ڏوهاري ايمان وارن تي (دنيا ۾) کلندا هئا.(سيد فرمان علي) بيشڪ جن گناهه ڪيا کلندا هئا مؤمنن تان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) بيشڪ ڏوهاري ايمان وارن تي (دنيا ۾ ) کلندا هئا (مولانا محمد مدني) بيشڪ ڏوهاري ماڻهو ايمان وارن تي (دنيا ۾) کِلون ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪيا جِن قُصور، سي اُٽلو کِلن اُنهن تان، جِنِين مالِڪ مَڃيو، هِينِين جي حُضور، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَإِذا مَرّوا بِهِم يَتَغامَزونَ (آيت : 30) |
۽ جڏھن وٽائن لنگھندا ھوا ته مؤمنن تي حقارت ڪري پاڻ ۾ ميڇون ڏيندا ھوا.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ اهي (ايمان وارا) جڏهن انهن (ڏوهارين) وٽان لنگهندا هئا ته، (اهي ڏوهاري پاڻ ۾) هڪٻئي کي اکيون هڻندا هئا.(علامه علي خان ابڙو) ۽ جڏهن اهي مؤمنن وٽان (دنيا ۾) لگھندا هئا ته پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي اشارا ڪندا هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ اهي جڏهن انهن وٽان لگهندا هئا ته (پاڻ ۾) هڪ ٻئي کي اکين سان اشارا ڪندا هئا.(سيد فرمان علي) ۽ جڏهن لنگهيا ٿي انهن کان ته اکين جا اشارا ڪن پيا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ اهي جڏهن انهن وٽان لنگهندا هئا ته (پاڻ ۾ ) هڪ ٻئي کي اکيون هڻندا هئا (مولانا محمد مدني) ۽ جڏهن انهن وٽان گذرندا هئا ته هڪ ٻئي ۾ اکين جا اشارا ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ويندي واٽ، اُنهن کان، مَٽِينِ، جڏهن مَغُرور، ته ڪَن اِشارا اُنهن ڏي، گُھرِي ڏِين گُھور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَإِذَا انقَلَبوا إِلىٰ أَهلِهِمُ انقَلَبوا فَكِهينَ (آيت : 31) |
۽ جڏھن پنھنجن گھر وارن ڏانھن موٽندا ھوا (ته) ڏاڍيون خوشيون ڪندا موٽندا ھوا.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ جڏهن پنهنجن گهر وارن ڏي موٽندا هئا، (اتي به ايمان وارن تي ٽوڪون ڪري) پاڻ کي خوش ڪرڻ واريون (اهي) ڳالهيون ڪندا هئا.(علامه علي خان ابڙو) ۽ اهي جڏهن پنهنجي اهل ڏانهن موٽندا هئا ته خوش ٿي موٽندا هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ جڏهن پنهنجي گهروارن ڏي موٽندا هئا ته وڏائي جون ڳالهيون ڪندا هئا.(سيد فرمان علي) ۽ جڏهن موٽن ٿا پنهنجي اهل ڏانهن ته موٽن ٿا خوشيون ڪندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ جڏهن پنهنجن گهروارن ڏي موٽندا هئا ته خوشيءَ جون ڳالهيون ڪندا موٽندا هئا (مولانا محمد مدني) ۽ جڏهن پنهنجي گهروارن ڏانهن موٽندا هئا ته خوشيون ڪندي موٽندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جڏهن وَريا سَندنِ وڳر ڏي، وِهسندڙ وَهلور، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَإِذا رَأَوهُم قالوا إِنَّ هٰؤُلاءِ لَضالّونَ (آيت : 32) |
۽ جڏھن مؤمنن کي ڏسندا ھوا ته چوندا ھوا ته بيشڪ اُھي گمراھ آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ جڏهن انهن (ايمان وارن) کي ڏسندا هئا ته، چوندا هئا ته، بيشڪ هي ته (آخرت جي آسري دنياداريءَ جي) رستي کان ڀٽڪيل آهن.(علامه علي خان ابڙو) ۽ اهي جڏهن مؤمنن کي ڏسندا هئا، چوندا هئا ته بيشڪ اهي (رسولِ عربي تي ايمان آڻڻ جي ڪري) گمراه آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ جڏهن انهن (مومنن) کي ڏسندا هئا ته چوندا هئا ته پڪ هي ته گمراھ آهن.(سيد فرمان علي) ۽ جڏهن ڏٺائون انهن کي ته چيائون بيشڪ هي البته گمراهه آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ جڏهن انهن کي ڏسندا هئا ته چوندا هئا ته بيشڪ هي ته رستي کان پري پيل آهن (مولانا محمد مدني) ۽ جڏهن انهن (مؤمنن) کي ڏسندا هئا ته چوندا هئا بيشڪ اهي گمراهه آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ چَوڻ لڳا چِلولا، جڏهن اُنهن کي ڏِٺائون ڏُور، ته هي سي، وِئيت واٽ کان، بُلڪل بيشُعور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَما أُرسِلوا عَلَيهِم حٰفِظينَ (آيت : 33) |
۽ (حقيقت ڪري) اُھي مؤمنن تي نگھبان ڪري نه موڪليا ويا ھوا.(علامه تاج محمود امروٽي) هوڏانهن اُهي انهن (مؤمونن) جي مٿان نگهبان (يا داروغا) ڪري نه موڪليا ويا هئا.(علامه علي خان ابڙو) ۽ کين مؤمنن تي محافظ ڪري نه موڪليو ويو هو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) هوڏانهن اهي انهن تي نگهبان ڪري نه موڪليا ويا هئا!(سيد فرمان علي) ۽نه موڪليا ويا انهن تي نگهباني ڪندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) هوڏانهن اُهي انهن تي نگهبان ڪري نه موڪليا ويا هئا (مولانا محمد مدني) حالانڪه اُهي مٿن نگران ڪري نه موڪليا ويا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مَٿنِ مُڪاسي نه وِيا، زوري ڪاڻ ضرور، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَاليَومَ الَّذينَ ءامَنوا مِنَ الكُفّارِ يَضحَكونَ (آيت : 34) |
تنھنڪري اڄ مؤمن ڪافرن تي کِلن ٿا.(علامه تاج محمود امروٽي) سو اڄ (قيامت جي ڏينهن) ايمان وارا ڪافرن (جي ان ڀورڙائپ) تي کلن ٿا.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ مؤمن قيامت جي ڏينهن ڪافرن تي کلندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) سو اڄ (قيامت ۾) ايمان وارا (انهن) ڪافرن تي کلن ٿا.(سيد فرمان علي) پوءِ اڄ ايمان وارا ڪافرن تان کلندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) سو اڄ (قيامت جي ڏينهن) ايمان وارا ڪافرن تي کلن ٿا (مولانا محمد مدني) پوءِ اڄ ايمان وارا ڪافرن تي کِلن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ اَڄ مُرڪن مُنڪرن تان، مَڃيو جِنِين مُور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
عَلَى الأَرائِكِ يَنظُرونَ (آيت : 35) |
تختن تي (ويھي) نظارو ڪن ٿا.(علامه تاج محمود امروٽي) (ايمان وارا جنت ۾ پنهنجي) پلنگن تان (ويٺي جهنم ۾) ڏسي رهيا هوندا (ته انهن منڪرن جو حشر ڇا ٿي رهيو آهي، جيڪي دنيا ۾ سندن مذاق اڏائيندا هئا).(علامه علي خان ابڙو) اهي تختن تي ويهي انهن جي عذاب کي ڏسندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پلنگن تان (بهشت جا نظارا) ڏسن ٿا.(سيد فرمان علي) تختن تي ڏسندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پلنگن تان (بهشت جا نظارا) ڏسن ٿا (مولانا محمد مدني) تختن تان (جنت جا نظارا) ڏسن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سَهجًا سامهان سيج تي، ڪن نِظارا نُور، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
هَل ثُوِّبَ الكُفّارُ ما كانوا يَفعَلونَ (آيت : 36) |
(۽ چون ٿا) ته ڪافرن کي انھيءَ جو بدلو ڏنو ويو آھي ڇا جيڪي اُھي ڪندا ھوا.(علامه تاج محمود امروٽي) (۽ چوندا پيا ته) منڪر جيڪي ڪم ڪندا هئا، تن جو بدلو انهن کي ڪيڏو نه (بڇڙي نموني) مليو آهي؟(علامه علي خان ابڙو) (۽ چوندا) ڇا ڪافرن کي سندن بداعماليءَ جو ڪو بدلو مليو؟ (يقيناً مليو)(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ چون ٿا هاڻي ته ڪافرن کي سندن ڪرتوتن جو پورو پورو بدلو ملي ويو.(سيد فرمان علي) ته ڇا بدلو ڏنا ويا ڪافر ان جو جيڪو ڪيائون ٿي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (۽ چون ٿا ته) ڪافر جيڪي ڪم ڪندا هئا تن جو بدلو انهن کي مليو آهي ڇا؟ (مولانا محمد مدني) ڇا ڪو بدلو مليو ڪافرن کي انهن ڪمن جو جيڪي ڪندا هئا؟؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي ڪَندا هُئا ڪَلُور، سي پڪ، پَلئي پِيا ڪافِـرِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |