توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
إِذَا السَّماءُ انفَطَرَت (آيت : 1) |
جڏھن آسمان ڦاٽندو.(علامه تاج محمود امروٽي) (قيامت جي ٿيڻ ۽ ان جي منظر طرف اسان اوهان جو توجه وري وري ڇڪايون ٿا ته، جيئن اوهان کي ان آخرت واري مسئلي جي اهميت جو اندازو ٿئي، سو ٻڌو ته) جڏهن آسمان ڦاٽندو،(علامه علي خان ابڙو) جنهن وقت آسمان ڦاٽي پوندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جڏهن آسمان ڦاٽندو.(سيد فرمان علي) جڏهن آسمان ڦاٽندو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جڏهن آسمان ڦاٽندو (مولانا محمد مدني) جڏهن آسمان ڦاٽي پوندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جڏهن اُڀ اَڌ ٿيو،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَإِذَا الكَواكِبُ انتَثَرَت (آيت : 2) |
۽ جڏھن تارا ڇڻي پوندا.(علامه تاج محمود امروٽي) جڏهن تارا ڇڻي پوندا،(علامه علي خان ابڙو) ۽ جنهن وقت تارا ٽٽي پکڙجي ويندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ جڏهن تارا ٽڙي پکڙي ڪري پوندا،(سيد فرمان علي) ۽ جڏهن تارا پکڙجي ويندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ جڏهن تارا ٽڙي پکڙي پوندا (مولانا محمد مدني) ۽ جڏهن ستارا ڇڻي پوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن ڇڻيا نِکٽ نُور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَإِذَا البِحارُ فُجِّرَت (آيت : 3) |
۽ جڏھن سمنڊ تمام جوش سان وھائبا.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ جڏهن (کارا ۽ مٺا) درياهه ڦاڙي ملائي وهايا ويندا.(علامه علي خان ابڙو) ۽ جنهن وقت سمنڊ هڪ ٻِئي سان ملايا ويندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ جڏهن دريا وهي (پاڻ ۾ ملي) ويندا.(سيد فرمان علي) ۽ جڏهن سمنڊ وهايا ويندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ جڏهن (کارا ۽ مٺا) دريا ڦاڙي وهايا ويندا (مولانا محمد مدني) ۽ جڏهن سمنڊ وهايا ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن گھارا هَڻِي گڏيا، دَرياءَ، دَرياءَ دُور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَإِذَا القُبورُ بُعثِرَت (آيت : 4) |
۽ جڏھن قبرون پٽبيون.(علامه تاج محمود امروٽي) (جڏهن (مئلن کي جيئارڻ لاءِ) قبرون هيٺ مٿي ڪيون وينديون،(علامه علي خان ابڙو) ۽ جنهن وقت قبرون کوٽيون وينديون(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ جڏهن قبرون کوليون وينديون.(سيد فرمان علي) ۽ جڏهن قبرون کوليون وينديون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ جڏهن (مئلن کي جيارڻ لاءِ قبرون) هيٺ مٿي ڪيون وينديون (مولانا محمد مدني) ۽ جڏهن قبرون اکيڙيون وينديون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جَڏهن مُئا، جِيرَا ٿيا، اُٿيا اَهل قُبور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
عَلِمَت نَفسٌ ما قَدَّمَت وَأَخَّرَت (آيت : 5) |
(تڏھن) سڀڪو شخص اُھو ڄاڻندو جيڪي اڳي موڪليو ھوائين ۽ جيڪي پوئتي ڇڏيو ھوائين.(علامه تاج محمود امروٽي) تڏهن سڀ ڪنهن شخص جيڪي اڳي موڪليو هوندو ۽ پٺتي (طريقو) ڇڏيو هوندو، تنهن کي (تنهنجي سامهون) پڌرو ڏسندو.(علامه علي خان ابڙو) (ان وقت) هر نفس ڄاڻندو جيڪو عمل ان حياتي ۾ ڪيو ۽ جيڪو ان پويان ڇڏيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) تڏهن سڀ ڪنهن کي معلوم ٿيندو ته اڳ ۾ ڇا موڪليو آهي ۽ پٺ تي ڇا ڇڏي آيو آهي.(سيد فرمان علي) ته ڄاڻندو هر نفس اهو جيڪو اڳي ڪيائين ۽ پوءِ ڪيائين .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) تڏهن سڀڪنهن شخص جيڪي اڳي موڪليو هوندو ۽ پٺتي ڇڏيو هوندو، تنهن کي ڄاڻي وٺندو (مولانا محمد مدني) تڏهن هر شخص ڄاڻي وٺندو جيڪي (عمل) اڳتي موڪليائين ۽ جيڪي پوئتي ڇڏيائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تڏهن سَڀَڪو، سو سَمجِھيو، پـِيَسِ خُوب پرور، ته جيڪي هِن جَھان ۾، مال ڇَڏئـِين مَجبُور، يا بار ڀَري ڀَرپُور، مُڪائـِين مَهند ڀَرو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
يٰأَيُّهَا الإِنسٰنُ ما غَرَّكَ بِرَبِّكَ الكَريمِ (آيت : 6) |
اي ماڻھو توکي تنھنجي (انھي) سڳوري پالڻھار کان ڪھڙي شيءَ ٺڳيو؟(علامه تاج محمود امروٽي) اي انسان! (تون جو خدا جي قانونن کان منهن موڙيو آهي، سو) توکي ڪهڙي شئ پنهنجي مهربان پالڻهار (جي اطاعت) کان دوکي ۾ وڌو آهي.(علامه علي خان ابڙو) اي انسان (ڪافر) توکي پنهنجي رب ڪريم کان ڪنهن مغرور ڪيو؟(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اي انسان! تو کي ڪهڙي شيءِ پنهنجي سڳوري پالڻهار کان ٺڳيو آهي؟ (سيد فرمان علي) اي انسان!ڪنهن ڌوڪو ڏنو توکي پنهنجي رب ڪريم سان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اي انسان! توکي ڪهڙي شيءِ پنهجي سڳوري پاليندڙ کان ٺڳيو آهي (مولانا محمد مدني) اي انسان! تو کي ڪهڙي شيءِ پنهنجي ڪريم پالڻهار جي باري ۾ دوکي ۾ وڌو آهي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) توکي، اي انسان! ڪِنهن مالِڪ سان مَغرور ڪيو؟ (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
الَّذى خَلَقَكَ فَسَوّىٰكَ فَعَدَلَكَ (آيت : 7) |
جنھن توکي پيدا ڪيو پوءِ توکي سنئين لڱين ڪيائين پوءِ توکي برابر ڪيائين.(علامه تاج محمود امروٽي) جنهن توکي (پنهنجي ٻاجھ سان ماءُ جي رحم ۾) پيدا ڪيو، پوءِ توکي صحيح سالم (عقل هوش ۽ حواس وارو) ڪيو، پوءِ توکي (زندگي گهارڻ لاءِ) متوازن ڪيائين.(علامه علي خان ابڙو) انهي رب کان جنهن توکي خلقيو پوءِ توکي برابر ڪيو پوءِ توکي هموار ڪري(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جنهن تو کي پيدا ڪيو پوءِ تو کي صحيح سالم ڪيو پوءِ تو کي برابر ڪيائين.(سيد فرمان علي) جنهن پيدا ڪيو توکي پوءِ برابر رکيائين توکي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جنهن توکي پيدا ڪيو پوءِ توکي صحيح سالم ڪيو پوءِ توکي برابر ڪيائين (مولانا محمد مدني) جنهن تو کي پيدا ڪيو پوءِ سنئين لڱين ڪيائين پوءِ (توازن ۾) برابر ڪيائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جو ڌڻي سڳورو تو سَندو، اَپر سَندسِ اِحسان، جِنهن ڀورا! ڪَئـِين ڀور گَڏي، توکي جوڙيو مَنجھ جھان، پوءِ برابر بَنايَئـِي، بارِ بي گمان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فى أَىِّ صورَةٍ ما شاءَ رَكَّبَكَ (آيت : 8) |
جھڙي صورت ۾ گھريائين (تھڙيءَ ۾) تنھنجو جوڙ جوڙيائين.(علامه تاج محمود امروٽي) جنهن به صورت ۾ گهريائين تنهن ۾ توکي (مناسب ڊول سان) جوڙيو اٿس.(علامه علي خان ابڙو) جهڙيءَ صورت ۾ پسند ڪيو ترڪيب ڏنو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جنهن به شڪل ۾ چاهيائين تنهن ۾ جوڙيو اٿس،(سيد فرمان علي) جنهن به صورت ۾ گهريائين ڳنڍيائين توکي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جنهن به صورت ۾ گهريائين تنهن ۾ توکي جوڙيو اٿس (مولانا محمد مدني) جهڙي صورت ۾ چاهيائين تو کي جوڙيائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) توکي جوڙي تيار ڪيو، جيئن رِٽ رِٽي رَحمان، تِنهن صُورت ۾ سُبحان، پوءِ سَڄو سِينگاري ڪَريم.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
كَلّا بَل تُكَذِّبونَ بِالدّينِ (آيت : 9) |
ائين نه آھي بلڪ اوھين عملن جي جزا ڏيڻ کي ڪوڙ ڀائيندا آھيو.(علامه تاج محمود امروٽي) خبردار (پوءِ به اوهان پنهنجي پاليندڙ بابت ڌوڪو کائو ٿا) ان ڪري جو اوهين (سڀني عملن جو ذري پرزي حساب کان پوءِ ان جي) بدلي ملڻ کي ڪوڙ سمجهو ٿا.(علامه علي خان ابڙو) خبردار ! بلڪ توهان قيامت جو انڪار ڪريو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ها! ڳالھ هي آهي ته اوهين ماڻهو جزا (جي ڏينهن) کي ڪوڙو ڪريو ٿا.(سيد فرمان علي) هرگز نه بلڪ ڪوڙو چئو ٿا قيامت کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) خبردار (متان ڪو پاليندڙ بابت ڌوڪو کائي) پر اوهين (عملن جي) بدلي ملڻ کي ڪوڙ سمجهو ٿا (مولانا محمد مدني) هرگز نه بلڪه توهان جزا ۽ سزا جي ڏينهن کي ڪوڙو چئو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هوشيار ٿيو هُوڙ!، مَهندان ڳَرو معاملو، اُٽلو عَدل جي ڏِينهن کي، اَوهِين ڪوٺيو ڪُوڙ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَإِنَّ عَلَيكُم لَحٰفِظينَ (آيت : 10) |
۽ بيشڪ اوھان تي نگھبان (مقرر ٿيل) آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) هوڏانهن (اوهان جي عملن جو هر پهلو محفوظ ڪرڻ لاءِ) اوهان تي اهڙا نگهبان (مقرر) آهن.(علامه علي خان ابڙو) ۽ بيشڪ توهان تي مُحافظ آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) هوڏانهن توهان تي نگهبان مقرر آهن،(سيد فرمان علي) ۽ بيشڪ اوهان تي البته نگهبان آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) هوڏانهن اوهان تي اهڙا نگهبان (مقرر) آهن (مولانا محمد مدني) ۽ بيشڪ توهان تي نگهبان مقرر آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آهِن چونڪي آن مَٿي، ڪي زورآور ضرور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
كِرامًا كٰتِبينَ (آيت : 11) |
سڳورا لکڻ وارا.(علامه تاج محمود امروٽي) جيڪي خوبين وارا آهن (اوهان جي عملن کي مستعد ٿي ايمانداريءَ سان) لکڻ وارا آهن.(علامه علي خان ابڙو) جيڪي ڪراماً ڪاتبين آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) بزرگ (فرشتا) سڀ ڳالهيون (لکڻ وارا) ڪراما ڪاتبين،(سيد فرمان علي) عزت وارا، لکندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جي خوبين وارا آهن (اوهان جي عملن کي) لکڻ وارا آهن (مولانا محمد مدني) جي عزتدار (اوهان جي عملن کي) لکڻ وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪاتِب، نيڪ ڪُلهن تي، مُوڙھ نه جِن کي مُور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
يَعلَمونَ ما تَفعَلونَ (آيت : 12) |
جيڪي اوھين ڪندا آھيو سو ڄاڻندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) جيڪي اوهين ڪريو ٿا (لڪ ۾ يا ظاهر ۾) تنهن کي ڄاڻن ٿا.(علامه علي خان ابڙو) اهي ڄاڻن ٿا ان عمل کي جيڪو توهان ڪريو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جيڪي اوهين ڪريو ٿا سو سڀ ڄاڻن ٿا.(سيد فرمان علي) ڄاڻن ٿا جيڪي ڪيو ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کي ڄاڻن ٿا (مولانا محمد مدني) اُهي ڄاڻن ٿا جيڪي توهان ڪيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پُورِي رَکن پَرُور، جيڪي ڪريو جَھان ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِنَّ الأَبرارَ لَفى نَعيمٍ (آيت : 13) |
بيشڪ ڀلارا (بھشت جي) نعمت ۾ ھوندا.(علامه تاج محمود امروٽي) بيشڪ (الله جي قانونن جا) تابعدار ته نعمت ۾ هوندا.(علامه علي خان ابڙو) بيشڪ نيڪوڪار يقيناً جنت ۾ آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) بيشڪ نيڪوڪار ته نعمت ۾ هوندا.(سيد فرمان علي) بيشڪ نيڪو ڪار البته نعمتن ۾ هوندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) بيشڪ تابعدار ته نعمت ۾ هوندا (مولانا محمد مدني) بيشڪ نيڪوڪار نعمتن ۾ هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) بيشڪ نيڪ بهشت ۾، جت سدا باغ بهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَإِنَّ الفُجّارَ لَفى جَحيمٍ (آيت : 14) |
۽ بيشڪ گنھگار دوزخ ۾ ھوندا.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ (انهن قانونن جا) منڪر) بدڪار دوزخ جي باهه ۾ هوندا.(علامه علي خان ابڙو) ۽ بيشڪ بدڪار جهنم ۾ آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ اهي ان کان لڪي نه سگهندا.(سيد فرمان علي) ۽ بيشڪ بدڪار البته دوزخ ۾ هوندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ بدڪار دوزخ جي باه ۾ هوندا (مولانا محمد مدني) ۽ بيشڪ بدڪار دوزخ جي باهه ۾ هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهن بلڪل باھ ۾، بُڇڙا ۽ بَدڪار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
يَصلَونَها يَومَ الدّينِ (آيت : 15) |
عملن جي بدلي جي ڏينھن دوزخ ۾ داخل ٿيندا.(علامه تاج محمود امروٽي) اهي حساب جي ڏينهن (اڇا ڪارا پڌرا ٿيڻ کان پوءِ) ان۾ گهڙندا.(علامه علي خان ابڙو) اِهي قيامت جي ڏينهن انهيءَ ۾ داخل ٿيندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اهي حساب جي ڏينهن ان ۾ گهڙندا.(سيد فرمان علي) داخل ٿيندا ان ۾ جزا واري ڏينهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اهي حساب جي ڏينهن ان ۾ گهڙندا (مولانا محمد مدني) اُهي ان ۾ بدلي واري ڏينهن داخل ٿيندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آخِر ڏِينهن اِنصاف جي، پُهچندا، تِنهن پار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَما هُم عَنها بِغائِبينَ (آيت : 16) |
۽ اُن کان اُھي لڪل نه ھوندا.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ (ان ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ) اهي ان کان نڪري جدا ٿيڻ وارا به نه آهن.(علامه علي خان ابڙو) ۽ نه اهي ان کان غائب ٿيندڙ هوندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ ان کان جدا ٿيڻ وارا به نه آهن.(سيد فرمان علي) ۽ نه هوندا اهي ان کان غائب .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ اهي ان کان جدا ٿيڻ وارا به نه آهن (مولانا محمد مدني) ۽ اُهي ان (جهنم) کان جدا ٿيڻ وارا به نه آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ دائـِم اُن دوزخ کان، سي دَم نه آهِن ڌار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَما أَدرىٰكَ ما يَومُ الدّينِ (آيت : 17) |
۽ ڪنھن سمجھايئي ته عملن جي بدلي جو ڏينھن ڇا آھي؟(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ (اي پيغمبر!) توکي ڪهڙي خبر ته حساب جو ڏينهن ڇا آهي؟ (۽ ڪيئن نتيجا ماڻهن کي پلئه پوندا).(علامه علي خان ابڙو) ۽ توهان کي ڪنهن ڄاڻايو ته قيامت جو ڏينهن ڪهڙو آهي؟(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ تو کي ڪهڙي خبر ته حساب جو ڏينهن ڇا آهي؟(سيد فرمان علي) ۽ ڪنهن ڄاڻايو توکي ته ڇا آهي بدلي جو ڏينهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ (اي پيغمبر) توکي ڪهڙي خبر حساب جو ڏينهن ڇا آهي؟ (مولانا محمد مدني) ۽ تو کي ڪهڙي خبر ته بدلي وارو ڏينهن ڇا آهي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪِهڙو ڏينهن اِنصاف جو؟ ڪِنهن اَنت ڏِنئِي اِظهار!،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
ثُمَّ ما أَدرىٰكَ ما يَومُ الدّينِ (آيت : 18) |
وري (به چئون ٿا ته) ڪنھن سمجھايئي ته عملن جي بدلي جو ڏينھن ڇا آھي؟(علامه تاج محمود امروٽي) وري (ڇا چئون ته) توکي ڪهڙي خبر ته حساب جو ڏينهن ڇا آهي؟(علامه علي خان ابڙو) ان کان پوءِ توهان کي ڪنهن ڄاڻايو ته قيامت جو ڏينهن ڪهڙو آهي؟(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (وري ٿا چئون ته) تو کي ڪهڙي خبر ته حساب جو ڏينهن ڇا آهي؟(سيد فرمان علي) ان کان پوءِ ڪنهن ڄاڻايو توکي ته ڪهڙو آهي بدلي جو ڏينهن؟ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) وري (ٿا چئون ته) توکي ڪهڙي خبر ته حساب جو ڏينهن ڇا آهي؟ (مولانا محمد مدني) پوءِ تو کي ڪهڙي خبر ته بدلي وارو ڏينهن ڇا آهي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪِهڙو ڏينهن اِنصاف جو؟ ڪِنهن ٻُڌايَئي ٻِيهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
يَومَ لا تَملِكُ نَفسٌ لِنَفسٍ شَيـًٔا وَالأَمرُ يَومَئِذٍ لِلَّهِ (آيت : 19) |
اُھو ھڪ ڏينھن آھي جو ڪو جيءُ ڪنھن جيءَ کي ڪجھ فائدو پھچائي نه سگھندو، ۽ اُن ڏينھن (ساري) حڪومت خاص الله جي ھوندي.(علامه تاج محمود امروٽي) جنهن ڏينهن (هرهڪ رڳو پنهنجي عملن کي سامهون ڏسندو ۽) ڪوبه شخص ڪنهن به شخص لاءِ ڪجھ به ڪري ڪين سگهندو ۽ حڪم ان ڏينهن رڳو الله جو هوندو.(علامه علي خان ابڙو) ان ڏينهن، ڪوبه مؤمن ڪنهن به ڪافر تان ڪا به شيءِ دفع ڪري نه سگھندو ۽ سمورا حڪم ان ڏينهن الله تعالى جا هوندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جنهن ڏينهن ڪو به شخص ڪنهن به شخص لاءِ ڪجھ به ڪري ڪين سگهندو. ۽ حڪم ان ڏينهن الله جو ئي هوندو.(سيد فرمان علي) جنهن ڏينهن نه مالڪ ٿيندو ڪو نفس ڪنهن جي لاءِ ڪجهه به ۽ امر ان ڏينهن الله جو آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جنهن ڏينهن ڪوبه شخص ڪنهن به شخص لاءِ ڪجهه به ڪري ڪين سگهندو ۽ حڪم ان ڏينهن الله جو هوندو. (مولانا محمد مدني) اُهو ڏينهن آهي جو ڪو شخص ڪنهن شخص لاءِ ڪنهن شيءِ جو مختار نه هوندو. (سواءِ الله جي اِذِنَ جي) سمورو حڪم ان ڏينهن الله جو هوندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪري هِڪ، نه ٻي شخص جِي، واھِر جِنهين وار، ۽ اُنهِئَ ڏِينهن اِختيار، آهي هِڪ اَلله جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |