081 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 29 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
اِذَا الشَّمْسُ كُوِّرَتْ ۽ 1
جڏهن سج بي نور ڪيو ويندو .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريجڏهن سج کي ويڙهيو ويندو
— مولانا محمد مدنيجڏهن سج کي ويڙهيو ويندو.
— عبدالسلام ڀُٽووَاِذَا النُّجُوْمُ انْكَدَرَتْ ۽ 2
۽ جڏهن تارا ڪرندا .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ جڏهن تارا ڪري ٽڙي پکڙجي پوندا
— مولانا محمد مدنيجڏهن تارا بي نور ٿي ٽڙي پکڙجي ويندا.
— عبدالسلام ڀُٽووَاِذَا الْجِبَالُ سُيِّرَتْ 3
۽ جڏهن جبل سيرڪرايا ويندا .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ جڏهن جبلن کي هلايو ويندو
— مولانا محمد مدنيجڏهن جبل (مٽي ڪري) اُڏاريا ويندا.
— عبدالسلام ڀُٽووَاِذَا الْعِشَارُ عُطِّلَتْ ۽ 4
۽ جڏهن ڏهن مهينن جون ڍُڪيون ڏاچيون بيڪار ڇڏيون وينديون .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ جڏهن ڏهن مهينن جون ڍڪيون ڏاچيون (ڌنار کان سواءِ) ڇوٽ ڇڏيون وينديون
— مولانا محمد مدنيجڏهن ڏهن مھينن جون ڍُڪيون (ڏاچيون) آزاد ڇڏيون وينديون.
— عبدالسلام ڀُٽووَاِذَا الْوُحُوْشُ حُشِرَتْ ۽ 5
۽ جڏهن وحشي جانور گڏ ڪيا ويندا .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ جڏهن جهنگلي جانورن کي (ماڻهن سان) گڏ ڪيو ويندو
— مولانا محمد مدنيجڏهن سڀني جهنگلي جانورن کي (هڪ هنڌ) گڏ ڪيو ويندو.
— عبدالسلام ڀُٽووَاِذَا الْبِحَارُ سُجِّرَتْ ۽ 6
۽ جڏهن سمنڊ ٻاريا ويندا .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ جڏهن (کارا ۽ مٺا) درياه (باه وانگر) تپايا ويندا
— مولانا محمد مدنيجڏهن سمنڊن کي (باهه وانگر) ڀڙڪايو ويندو.
— عبدالسلام ڀُٽووَاِذَا النُّفُوْسُ زُوِّجَتْ ۽ 7
۽ جڏهن نفس جوڙيا ويندا .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ جڏهن سڀئي شخص ملايا ويندا
— مولانا محمد مدنيجڏهن روح جسمن سان ملايا ويندا.
— عبدالسلام ڀُٽووَاِذَا الْمَوْءٗدَةُ سُىِٕلَتْ ۽ 8
۽ جڏهن جيئريون پوريلون پڇا ڪيون وينديون .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ جڏهن جيئري پوريل نياڻي پڇي ويندي
— مولانا محمد مدنيجڏهن جيئري پوريل نياڻيءَ کان پڇيو ويندو.
— عبدالسلام ڀُٽوبِاَيِّ ذَنْۢبٍ قُتِلَتْ 9ۚ
ته ڪهڙي گناهه جي ڪري قتل ڪيون ويون .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريته ڪهڙي گناهه ڪري ماري ويئي هئي؟
— مولانا محمد مدنيته هوءَ ڪهڙي ڏوهه ۾ قتل ڪئي وئي هئي؟
— عبدالسلام ڀُٽووَاِذَا الصُّحُفُ نُشِرَتْ ۽ 10
۽ جڏهن اعمالناما کوليا ويندا .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ جڏهن (عملن جا) دفتر کوليا ويندا
— مولانا محمد مدنيجڏهن اعمال ناما کوليا ويندا.
— عبدالسلام ڀُٽووَاِذَا السَّمَاۗءُ كُشِطَتْ ۽ 11
۽ جڏهن آسمان ڇليا ويندا .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ جڏهن آسمان جي کل لاٿي ويندي
— مولانا محمد مدنيجڏهن آسمان کي پردا هٽائي چٽو ڪيو ويندو.
— عبدالسلام ڀُٽووَاِذَا الْجَــحِيْمُ سُعِّرَتْ ۽ 12
۽ جڏهن دوزخ سخت ٻاريو ويندو .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ جڏهن دوزخ جي باهه ڀڙڪائي ويندي
— مولانا محمد مدنيجڏهن دوزخ کي ڀڙڪايو ويندو.
— عبدالسلام ڀُٽووَاِذَا الْـجَنَّةُ اُزْلِفَتْ ۽ 13
۽ جڏهن جنت ويجهي ڪئي ويندي ته .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ جڏهن جنت کي ويجهو ڪيو ويندو
— مولانا محمد مدني۽ جڏهن جنت کي ويجهو ڪيو ويندو.
— عبدالسلام ڀُٽوعَلِمَتْ نَفْسٌ مَّآ اَحْضَرَتْ ۭ14
ڄاڻندو هر نفس اهو جيڪو حاضر ڪيو هوندائين .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريتڏهن سڀڪو شخص انهن (عملن) کي ڄاڻندو جن کي پاڻ سان کڻي آيو هوندو.
— مولانا محمد مدنيته پوءِ ئي هر ماڻهوءَ کي خبر پئجي ويندي ته هُو (پاڻ سان گڏ) ڇا کڻي آيو آهي؟
— عبدالسلام ڀُٽوفَلَآ اُقْسِمُ بِالْخُنَّسِ ۙ15
پوءِ قسم کڻان ٿو پوئتي هٽندڙ تارن جو .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريپوءِ قسم کڻان ٿو پٺتي هٽندڙن
— مولانا محمد مدنيمان پوئتي هٽندڙ تارن جو قسم کڻان ٿو.
— عبدالسلام ڀُٽوالْجَوَارِ الْكُنَّسِ ۙ16
سڌو هلندڙن، رڪجندڙن جو .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريسڌو هلندڙن، لڪندڙ (تارن) جو
— مولانا محمد مدنيجيڪي سڌو هلندي هلندي لڪي به ويندا آهن.
— عبدالسلام ڀُٽووَالَّيْلِ اِذَا عَسْعَسَ ۙ17
۽ رات جو جڏهن وڃڻ واري ٿئي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ رات جو (قسم) جڏهن اچي ٿي
— مولانا محمد مدنيقسم آهي رات جو جڏهن وڃڻ لڳي.
— عبدالسلام ڀُٽووَالصُّبْحِ اِذَا تَنَفَّسَ ۙ18
۽ صبح جو جڏهن اچڻ واري ٿئي ٿي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ صبح جو جڏهن ظاهر ٿئي ٿو
— مولانا محمد مدني۽ قسم آهي صبح جو جڏهن اچڻ لڳي.
— عبدالسلام ڀُٽواِنَّهٗ لَقَوْلُ رَسُوْلٍ كَرِيْمٍ ۙ19
بيشڪ اهو آندل قول رسول عزت واري جو آهي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريته اهو (قرآن) خوبين واري قاصد (جبريل) جو ڪلام آهي
— مولانا محمد مدنيته بيشڪ هي (قرآن) وڏي عزت ڀرئي موڪليل (ملائڪ) جو (ٻڌايل) ڪلام آهي.
— عبدالسلام ڀُٽوذِيْ قُوَّةٍ عِنْدَ ذِي الْعَرْشِ مَكِيْنٍ ۙ20
وڏي قوت وارو آهي عرش جي مالڪ وٽ عزت وارو آهي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريجو سگهه وارو عرش جي مالڪ (الله) وٽ مرتبي وارو
— مولانا محمد مدنيجيڪو طاقتور آهي (۽) عرش جي مالڪ وٽ وڏي مرتبي وارو آهي.
— عبدالسلام ڀُٽو