008 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 75 آيتون ۽ 10 رڪوع آھن
يَسْــــَٔـلُوْنَكَ عَنِ الْاَنْفَالِ ۭ قُلِ الْاَنْفَالُ لِلّٰهِ وَالرَّسُوْلِ ۚ فَاتَّقُوا اللّٰهَ وَاَصْلِحُوْا ذَاتَ بَيْنِكُمْ ۠ وَاَطِيْعُوا اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ ٓ اِنْ كُنْتُمْ مُّؤْمِنِيْنَ 1
پڇن ٿا توکان غنيمتن جي باري ۾ فرماءِ ته غنيمتون الله ۽ رسول جي لاءِ آهن، پوءِ ڊڄو الله کان ۽ اصلاح ڪيو پنهنجو پاڻ ۾ ۽ اطاعت ڪيو الله ۽ ان جي رسول جي جيڪڏهن آهيو مؤمن.
— مولانا محمد ادريس ڏاھريتوکان غنيمت جي مالن جو پڇن ٿا. چئو ته غنيمت جا مال الله ۽ رسول جا آهن. پوءِ الله کان ڊڄو ۽ پنهنجي اندروني معاملن کي درست ڪريو (يعني پاڻ ۾ جهڳڙو نه ڪريو) ۽ الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪريو جيڪڏهن اوهين ايمان وارا آهيو.
— مولانا محمد مدني(اي نبي ﷺ!) هي ماڻهو تو کان غنيمت جي مال جي باري ۾ پڇا ڪن ٿا، کين ٻڌايو ته غنيمت جا مال ته الله تعالى ۽ ان جي رسول (ﷺ) جا آهن، توهان الله تعالى کان ڊڄو ۽ پاڻ ۾ صلح ۽ صفائيءَ سان رهو، جيڪڏهن توهان (واقعي) مؤمن آهيو ته پوءِ الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) جي فرمانبرداري ڪريو.
— عبدالسلام ڀُٽواِنَّـمَا الْمُؤْمِنُوْنَ الَّذِيْنَ اِذَا ذُكِرَ اللّٰهُ وَجِلَتْ قُلُوْبُهُمْ وَاِذَا تُلِيَتْ عَلَيْهِمْ اٰيٰتُهٗ زَادَتْهُمْ اِيْـمَانًا وَّعَلٰي رَبِّهِمْ يَتَوَكَّلُوْنَ ښ 2
بلاشڪ مؤمن اهي آهي جو جڏهن الله جو ذڪر ڪيو وڃي ته ڊڄي وڃن دليون انهن جون ۽ جڏهن پڙهيون وڃن انهن تي آيتون ان جون ته وڌائين انهن کي ايمان ۽ پنهنجي رب تي توڪل ڪن ٿا.
— مولانا محمد ادريس ڏاھريايمان وارا فقط اهي آهن جو جڏهن الله کي ياد ڪيو وڃي ٿو ته سندن دليون ڊڄن ٿيون، ۽ جڏهن کين سندس آيتون پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته اهي (آيتون) انهن جي ايمان کي زياده ڪن ٿيون ۽ اهي پنهنجي پاليندڙ تي ڀروسو ڪن ٿا،
— مولانا محمد مدنيبيشڪ ايمان وارا ماڻهو اهي آهن، جڏهن انهن جي سامھون الله تعالى جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو ته سندن دليون ڏڪي وينديون آهن ۽ جڏهن انهن جي سامھون الله تعالى جون آيتون تلاوت ڪيون وڃن ٿيون ته انهن جي ايمان جي ڪيفيت وڌي وڃي ٿي ۽ اهي پنهنجي رب تي ئي ڀروسو رکندا آهن.
— عبدالسلام ڀُٽوالَّذِيْنَ يُقِيْمُوْنَ الصَّلٰوةَ وَمِـمَّا رَزَقْنٰهُمْ يُنْفِقُوْنَ 3ۭ
جيڪي قائم ڪن ٿا نماز ۽ ان مان جو رزق ڏنوسون انهن کي خرچ ڪن ٿا.
— مولانا محمد ادريس ڏاھريجيڪي نماز کي قائم ڪن ٿا ۽ جيڪو رزق اسان کين ڏنو آهي تنهن مان خرچ ڪن ٿا.
— مولانا محمد مدنياهي ئي ماڻهو آهن جيڪي نماز قائم ڪندا آهن ۽ اسان کين جيڪو به رزق ڏنو آهي ان مان (اسان جي راهه ۾) خرچ ڪندا آهن.
— عبدالسلام ڀُٽواُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْمُؤْمِنُوْنَ حَقًّا ۭ لَهُمْ دَرَجٰتٌ عِنْدَ رَبِّهِمْ وَمَغْفِرَةٌ وَّرِزْقٌ كَرِيْـمٌ 4ۚ
اهي ئي آهن، ايمان وارا سچا، واسطي انهن جي درجا آهن وٽ رب انهن جي ۽ بخشش ۽ رزق عزت وارو .
— مولانا محمد ادريس ڏاھرياهي ئي سچا ايمان وارا آهن، انهن لاءِ سندن پاليندڙ وٽ درجا ۽ معافي ۽ چڱي روزي آهي.
— مولانا محمد مدنياهي ئي پڪا مؤمن آهن، انهن جي لاءِ پنھنجي پالڻھار وٽ وڏا درجا، بخشش ۽ عزت واري روزي آهي.
— عبدالسلام ڀُٽوكَــمَآ اَخْرَجَكَ رَبُّكَ مِنْۢ بَيْتِكَ بِالْـحَقِّ ۠ وَاِنَّ فَرِيْقًا مِّنَ الْمُؤْمِنِيْنَ لَكٰرِهُوْنَ 5ۙ
جيئن ڪڍيو توکي رب تنهنجي گهر تنهنجي مان سچ سان ۽ بيشڪ جماعت هڪ مؤمنن مان البت نه پسند ڪندڙ هئا..
— مولانا محمد ادريس ڏاھريجيئن توکي تنهنجي پاليندڙ تنهنجي گهر مان مصلحت سان ڪڍيو ۽ بيشڪ ايمان وارن مان هڪ جماعت (ان ڪم کي) ناپسند ڪرڻ واري هئي.
— مولانا محمد مدني(غنيمت جي مال جي تقسيم وقت پيدا ٿيندڙ تڪرار به ايئن آهي) جيئن تنھنجي پالڻھار تو کي تنھنجي گهر (يعني مديني شريف) کان حق سان (بدر جي ميدان ڏانھن) وٺي آيو بيشڪ مؤمنن مان هڪ ڌر کي اها ڳالهه بلڪل نه پئي وڻي.
— عبدالسلام ڀُٽويُـجَادِلُوْنَكَ فِي الْـحَقِّ بَعْدَمَا تَبَيَّنَ كَاَنَّـمَا يُسَاقُوْنَ اِلَى الْمَوْتِ وَهُمْ يَنْظُرُوْنَ 6ۭ
زباني بحث پيا ڪن توسان حق جي باري ۾ پڄاڻان ان جي جو ظاهر ٿيو ڄڻ ته اهي ڪاهيا ٿا وڃن طرف موت جي ۽ اهي ڏسن پيا .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريانهن سچي ڳالهه پڌري ٿيڻ بعد به ان ۾ جهڳڙو ڪيو ٿي ڄڻ ته انهن کي موت ڏي ڪاهيو وڃي ٿو ۽ اهي (موت) ڏسي رهيا آهن.
— مولانا محمد مدنياها ڌر حق ظاهر ٿيڻ کان پوءِ به تو سان جهڳڙو پئي ڪري ڄڻ ته هي (مؤمن زوريءَ) اکين ڏٺا موت جي منھن ۾ هڪليا پيا وڃن.
— عبدالسلام ڀُٽووَاِذْ يَعِدُكُمُ اللّٰهُ اِحْدَى الطَّاۗىِٕفَتَيْنِ اَنَّهَا لَكُمْ وَتَوَدُّوْنَ اَنَّ غَيْرَ ذَاتِ الشَّوْكَةِ تَكُوْنُ لَكُمْ وَيُرِيْدُ اللّٰهُ اَنْ يُّـحِقَّ الْـحَقَّ بِكَلِمٰتِهٖ وَيَقْطَعَ دَابِرَ الْكٰفِرِيْنَ 7ۙ
۽ (ياد ڪريو) جڏهن وعدو ڪيو اوهان سان الله هڪڙيءَ جو ٻن جماعتن مان ته بلاشڪ اها اوهان جي لاءِ آهي ۽ محبت پيار رکو ته بيشڪ بغير هٿيارن واري ٽولي هجي اوهان لاءِ ۽ ارادو ٿو ڪري الله ته ثابت ڪري حق کي فرمانن پنهنجن سان ۽ وڍي پاڙ ڪافرن جي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ (اهو وقت ياد ڪر) جڏهن الله اوهان سان وعدو ڪيو ٿي ته (ڪافرن جي) ٻن جماعتن مان هڪ اوهان کي هٿ لڳندي ۽ اوهان پسند ڪيو ٿي ته بي هٿيار جماعت اوهان کي ملي ۽ الله گهريو ٿي ته سچ کي پنهنجي ڳالهين سان ثابت ڪري ۽ ڪافرن جي پاڙ وڍي ڇڏي،
— مولانا محمد مدني(حالانڪه ان وقت) جڏهن الله تعالى توهان سان وعدو ڪيو هو ته (ڪافرن جي) ٻن گروهن (يعني تجارتي گروهه ۽ مسلح لشڪر) مان هڪ گروهه تي توهان کي فتح نصيب ڪندو، توهان ته بنا هٿيارن واري گروهه (يعني تجارتي گروهه) تي فتح گهري رهيا هئا، پر الله تعالى اهو پئي چاهيو ته (اڄ) پنھنجي حڪم سان حق کي سچائيءَ جي بنياد تي ثابت ڪري ڏيکاري ۽ ڪافرن جي هميشه لاءِ پاڙ پٽي ڇڏي.
— عبدالسلام ڀُٽولِيُحِقَّ الْـحَقَّ وَيُبْطِلَ الْبَاطِلَ وَلَوْ كَرِهَ الْمُجْرِمُوْنَ 8ۚ
تانته ثابت ڪري ڏيکاري حق ۽ باطل ڪري ڏيکاري باطل جيتوڻيڪ ناپسند ڪن مجرم.
— مولانا محمد ادريس ڏاھريهن لاءِ ته سچ کي ثابت ڪري ۽ ڪوڙ کي ناس ڪري جيتوڻيڪ گنهگار (اها ڳالهه) ناپسند ڪن.
— مولانا محمد مدني(۽ اهو ان لاءِ به هو) ته جيئن هو حق جو حق هجڻ ۽ باطل جو ڪوڙو هجڻ حقيقي طور ثابت ڪري ڇڏي، ڀلي جا اها ڳالهه ڏوهاري ماڻهن کي نه وڻي.
— عبدالسلام ڀُٽواِذْ تَسْتَغِيْثُوْنَ رَبَّكُمْ فَاسْتَجَابَ لَكُمْ اَنِّىْ مُـمِدُّكُمْ بِاَلْفٍ مِّنَ الْمَلٰۗىِٕكَةِ مُرْدِفِيْنَ 9
جڏهن مدد گهرو پيا پالڻهار پنهنجي کان پوءِ قبول فرمايائين واسطي اوهان جي بيشڪ مان مدد ڪندڙ اوهان جو آهيان هڪ هزار ملائڪن سان اڳيان پويان ايندڙ.
— مولانا محمد ادريس ڏاھريجڏهن اوهان پنهنجي پاليندڙ کي فرياد ٿي ڪيو پوءِ اوهان جي دعا قبول ڪيائين ته آءُ اڳ ايندڙ هزار ملائڪن سان اوهان جي مدد ڪرڻ وارو آهيان.
— مولانا محمد مدنيجڏهن توهان پنھنجي پالڻھار کي (مدد لاءِ) ٻاڏائي رهيا هئا ته هن توهان جي دعا کي قبول ڪندي فرمايو ته (گهٻرايو نه) مان توهان جي هڪ هزار لڳاتار ايندڙ ملائڪن جي ذريعي مدد ڪرڻ وارو آهيان.
— عبدالسلام ڀُٽووَمَا جَعَلَهُ اللّٰهُ اِلَّا بُشْرٰي وَلِتَطْمَىِٕنَّ بِهٖ قُلُوْبُكُمْ ۭ وَمَا النَّصْرُ اِلَّامِنْ عِنْدِ اللّٰهِ ۭ اِنَّ اللّٰهَ عَزِيْزٌ حَكِيْمٌ ۧ10
۽ نه بنايو ان کي الله مگر خوشخبري ۽ تانت مطمئن ٿين ان سان دليون اوهان جون ۽ ناهي مدد مگر وٽان الله جي بيشڪ الله غالب، حڪمت وارو آهي.
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ الله ان (مدد) کي رڳو خوشخبري ڪيو ۽ هن لاءِ ته اسان اوهان جي دلين کي تسلي ٿئي.۽ فتح رڳو الله وٽان آهي. بيشڪ الله زبردست (۽) حڪمت وارو آهي.
— مولانا محمد مدنيالله تعالى ان مدد کي خوشخبريءَ طور ٻڌايو ته جيئن توهان جي دلين کي سڪون ملي. (هونئن به) مدد صرف الله تعالى جي طرف کان ايندي آهي. بيشڪ الله تعالى زبردست حڪمت وارو آهي.
— عبدالسلام ڀُٽواِذْ يُغَشِّيْكُمُ النُّعَاسَ اَمَنَةً مِّنْهُ وَيُنَزِّلُ عَلَيْكُمْ مِّنَ السَّمَاۗءِ مَاۗءً لِّيُطَهِّرَكُمْ بِهٖ وَيُذْهِبَ عَنْكُمْ رِجْزَ الشَّيْطٰنِ وَلِيَرْبِطَ عَلٰي قُلُوْبِكُمْ وَيُثَبِّتَ بِهِ الْاَقْدَامَ ۭ11
(ياد ڪيو) جڏهن ڍڪايائين اوهان کي اوجهراڻي (ننڊ جي) امن ڏيڻ لاءِ پنهنجي طرفان ۽ لاهي پيو اوهان تي آسمان مان پاڻي تانت پاڪ ڪري اوهان کي ان سان ۽ پري ڪري اوهان کان پليدي شيطان جي ۽ تانت همت ٻڌرائي دلين اوهان جي تي ۽ ثابت ڪري ان سان قدمن کي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريجڏهن پنهنجي طرف کان تسلي (ڏيڻ) لاءِ اوهان کي اوجهراڪيءَ سان ڍڪيائين ٿي ۽ اوهان لاءِ آسمان مان پاڻي لاٿائين ٿي ته ان سان اوهان کي پاڪ ڪري ۽ اوهان کان شيطان جي پليتي پري ڪري ۽ اوهان جي دلين کي مضبوط ڪري ۽ ان سان اوهان جا پير ڄمائي.
— مولانا محمد مدنياهو وقت به ياد ڪريو، جڏهن الله تعالى (بدر جي ميدان ۾) توهان تي (خوف ۽ گهٻراهٽ واري حالت ۾) ننڊ جي پنڪين جي صورت ۾ سڪون ۽ بي خوفيءَ واري ڪيفيت طاري ڪري رهيو هو ۽ پنھنجي طرفان توهان جي لاءِ آسمان مان مينھن وسائي رهيو هو ته جيئن هو توهان کي ان جي ذريعي پاڪ ڪري، توهان کان شيطان جا پيدا ڪيل وسوسا دور ڪري، اوهان جي دلين کي مضبوط ڪري ۽ پاڻيءَ جي ذريعي (وارياسي ميدان ۾) توهان جا قدم خوب ڄمائي.
— عبدالسلام ڀُٽواِذْ يُوْحِيْ رَبُّكَ اِلَى الْمَلٰۗىِٕكَةِ اَنِّىْ مَعَكُمْ فَثَبِّتُوا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا ۭسَاُلْقِيْ فِيْ قُلُوْبِ الَّذِيْنَ كَفَرُوا الرُّعْبَ فَاضْرِبُوْا فَوْقَ الْاَعْنَاقِ وَاضْرِبُوْا مِنْهُمْ كُلَّ بَنَانٍ ۭ12
جڏهن وحي پيو موڪلي رب تنهنجوطرف ملائڪن جي ته بلاشڪ مان گڏ آهيان اوهان سان پوءِ ثابت رکو انهن کي جو ايمان آندائون سگهوئي وجهندس مان دلين انهن جي ۾ جو ڪفر ڪيائون ڊپ پوءِ (ڌڪ) هڻو مٿان ڪنڌن جي ۽ هڻو انهن جي هر هڪ سَنڌَ کي اهو .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريجڏهن تنهنجي پاليندڙ ملائڪن ڏي وحي ٿي ڪيو ته آءُ اوهان سان آهيان پوءِ ايمان وارن کي همٿايو. آءُ ڪافرن جي دلين ۾ دهشت وجهندس، پوءِ گردنن تي ڌڪ هڻو ۽ انهن جي سنڌ سنڌ تي ڌڪ هڻو !
— مولانا محمد مدني(انهيءَ دوران) جڏهن تنھنجو پالڻھار ملائڪن کي وحي ڪري رهيو هو ته مان توهان سان گڏ آهيان، توهان رڳو مؤمنن کي ثابت قدم رهڻ لاءِ همٿايو ۽ مان ڪافرن جي دلين ۾ (مؤمنن جو) رعب ۽ دٻدٻو وجهان ٿو (بس!) توهان رڳو انهن جون ڳچيون لاهيو ۽ سندن هڪ هڪ جوڙ ۽ سَنڌ کي ڀڃو.
— عبدالسلام ڀُٽوذٰلِكَ بِاَنَّهُمْ شَاۗقُّوا اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ ۚ وَمَنْ يُّشَاقِقِ اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ فَاِنَّ اللّٰهَ شَدِيْدُ الْعِقَابِ 13
سببان ان جي جو تحقيق انهن مخالفت ڪيائون الله ۽ ان جي رسول جي ۽ جيڪو مخالفت ڪندو الله ۽ ان جي رسول جي پوءِ يقيناً الله سخت آهي عذاب ڏيڻ وارو .
— مولانا محمد ادريس ڏاھرياهو هن ڪري آهي جو انهن الله ۽ سندس رسول جي مخالفت ڪئي ۽ جيڪو الله ۽ سندس رسول جي مخالفت ڪندو ته بيشڪ الله جي سزا سخت آهي.
— مولانا محمد مدنياهو حڪم ان ڪري آهي ته انهن ماڻهن الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) جي (ڀرپور) مخالفت ڪئي آهي ۽ جيڪو به الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) جي مخالفت ڪندو. بيشڪ الله تعالى سزا ڏيڻ ۾ ڏاڍو سخت آهي.
— عبدالسلام ڀُٽوذٰلِكُمْ فَذُوْقُوْهُ وَاَنَّ لِلْكٰفِرِيْنَ عَذَابَ النَّارِ 14
اها (سزا اٿو) پوءِ چکو ان کي ۽ بلاشڪ ڪافرن جي لاءِ عذاب آهي باهه جو .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريان (سزا) کي (هينئر) چکو ۽ (ڄاڻو ته) ڪافرن لاءِ باهه جو عذاب آهي.
— مولانا محمد مدني(اي ڪافرؤ! ) اها ئي توهان جي سزا آهي، سو ان جو مزو چکو . حق جو انڪار ڪرڻ وارن لاءِ باهه جو عذاب الڳ آهي.
— عبدالسلام ڀُٽويٰٓاَيُّھَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اِذَا لَقِيْتُمُ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا زَحْفًا فَلَا تُوَلُّوْهُمُ الْاَدْبَارَ ۚ15
اي ايمان وارؤ! جڏهن مقابلو ڪيو انهن شخصن سان جو ڪفر ڪيائون ٽولي جي صورت ۾ پوءِ نه ڦيرائي ڏيو انهن کي پٺيون .
— مولانا محمد ادريس ڏاھرياي ايمان وارؤ ! جڏهن ميدان جنگ ۾ ڪافرن سان آمهون سامهون ٿيو ته انهن کان پٺيون نه ڦيريو.
— مولانا محمد مدنياي ايمان وارؤ! جڏهن به توهان جو ڪافرن سان جنگ جي ميدان ۾ دوبدو مقابلو ٿئي ته انهن کان پٺي ڏئي نه ڀڄو.
— عبدالسلام ڀُٽووَمَنْ يُّوَلِّهِمْ يَوْمَىِٕذٍ دُبُرَهٗ ٓ اِلَّا مُتَحَرِّفًا لِّقِتَالٍ اَوْ مُتَحَيِّزًا اِلٰي فِئَةٍ فَقَدْ بَاۗءَ بِغَضَبٍ مِّنَ اللّٰهِ وَمَاْوٰىهُ جَهَنَّمُ ۭ وَبِئْسَ الْمَصِيْرُ 16
۽ جيڪي ڦيرائي ڏيندوانهن کي ان ڏينهن پٺي پنهنجي مگر حرفت ڪندڙ واسطي جنگ جي يا جاءِ وٺندڙ طرف ٽوليءَ (پنهنجي) پوءِ تحقيق موٽيو الله جي غضب سان ۽ جاءِ ان جي جهنم آهي ۽ اهو بري جاءِ موٽڻ جي آهي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ لڙائيءَ جي کيڏاڙيءَ يا (پنهنجي لشڪر جي) ڪنهن جماعت ڏي پناهه وٺندڙ کان سواءِ جيڪو ان ڏينهن انهن کان پنهنجي پٺ ڦيريندو سو بيشڪ الله جو ڏمر وٺي ڦريو ۽ ان جو ٺڪاڻو دوزخ آهي ۽ اها موٽي وڃڻ جي جاءِ بڇڙي آهي.
— مولانا محمد مدنياهڙي موقعي تي جيڪو به پٺي ڏئي ڀڄندو اهو الله تعالى جي ڏمر ۾ ايندو ۽ ان جو ٺڪاڻو جھنم هوندو ۽ اها انتھائي بدترين جاءِ آهي. ها! باقي جنگ جي حڪمت عمليءَ جي ڪري يا پنھنجي ٽولي (يعني پيادل فوج جي دستي) سان ملڻ لاءِ ايئن ڪري ته ان جي اجازت آهي.
— عبدالسلام ڀُٽوفَلَمْ تَقْتُلُوْهُمْ وَلٰكِنَّ اللّٰهَ قَتَلَهُمْ ۠ وَمَا رَمَيْتَ اِذْ رَمَيْتَ وَلٰكِنَّ اللّٰهَ رَمٰى ۚ وَلِيُبْلِيَ الْمُؤْمِنِيْنَ مِنْهُ بَلَاۗءً حَسَـنًا ۭ اِنَّ اللّٰهَ سَـمِيْعٌ عَلِيْمٌ 17
پوءِ نه قتل ڪيو اوهان انهن کي ۽ پر الله قتل ڪيو انهن کي ۽ نه اڇلايو تو جڏهن اڇلايو تو ۽ پر الله اڇلايو ۽ تانت آزمائي مؤمنن کي پنهنجي طرفان آزمائڻ سهڻو بيشڪ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريپوءِ اوهان انهن کي قتل نه ڪيو پر انهن کي الله قتل ڪيو، ۽ جڏهن تو (ڌوڙ جي مٺ) اڇلي ته اها تو نه اُڇلي پر الله اڇلي ۽ هن لاءِ ته ايمان وارن تي پنهنجي طرفان چڱو احسان ڪري. بيشڪ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.
— مولانا محمد مدنيپوءِ (بدر جي ميدان ۾) انهن ڪافرن کي توهان قتل نه ڪيو هو پر الله تعالى کين قتل ڪيو (اي پيغمبر ﷺ!) توهان جيڪا (واريءَ جي مٺ) اڇلائي ته اها توهان نه اڇلائي هئي پر الله تعالى اڇلائي ته جيئن الله تعالى مؤمنن کي پنھنجي طرف کان چڱيءَ طرح آزمائي. بيشڪ الله تعالى خوب ٻڌندڙ ۽ وڏي علم وارو آهي.
— عبدالسلام ڀُٽوذٰلِكُمْ وَاَنَّ اللّٰهَ مُوْهِنُ كَيْدِ الْكٰفِرِيْنَ 18
اهو (ته ٿيو) ۽ بيشڪ الله ڪمزور ڪندڙ آهي رٿ ڪافرن جي کي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريڳالهه اها آهي ۽ (ڄاڻو ته) بيشڪ الله ڪافرن جي تدبير کي ڪمزور ڪرڻ وارو آهي.
— مولانا محمد مدني(مهربانيءَ وارو) اهو معاملو ته توهان ماڻهن سان ٿيو باقي الله تعالى انهن جي رٿابنديءَ کي ڪمزور ڪندڙ آهي.
— عبدالسلام ڀُٽواِنْ تَسـْتَفْتِحُوْا فَقَدْ جَاۗءَكُمُ الْفَتْحُ ۚ وَاِنْ تَنْتَهُوْا فَهُوَ خَيْرٌ لَّكُمْ ۚ وَاِنْ تَعُوْدُوْا نَعُدْ ۚ وَلَنْ تُغْنِيَ عَنْكُمْ فِئَتُكُمْ شَـيْــــًٔـا وَّلَوْ كَثُرَتْ ۙ وَاَنَّ اللّٰهَ مَعَ الْمُؤْمِنِيْنَ ۧ19
جيڪڏهن فتح گهرندؤ پوءِ تحقيق آئي اوهان وٽ فتح ۽ جيڪڏهن رڪجندؤ ته پوءِ اهو ڀلو آهي اوهان لاءِ ۽ جيڪڏهن موٽندؤ ته موٽنداسون ۽ هرگز نه دفع ڪندي اوهان کان جماعت اوهان جي ڪا شيءِ جيتوڻيڪ گهڻي هوندي ۽ بيشڪ الله گڏ آهي مؤمنن سان .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري(اي ڪافرؤ !) جيڪڏهن فتح گهرو ٿا ته (اها) فتح اوهان وٽ پهچي چڪي. ۽ جيڪڏهن باز اچو ٿا ته اهو اوهان لاءِ گهڻو چڱو آهي. ۽ جيڪڏهن وري اهوئي ڪم ڪندؤ ته اسين به اهوئي ڪم ڪنداسون ۽ اوهان کي اوهان جو لشڪر ڪجهه به ڪم نه ايندو جيتوڻيڪ گهڻو هجي ۽ پڪ (ڄاڻو ته) الله ايمان وارن سان آهي.
— مولانا محمد مدنياي ڪافرؤ! جيڪڏهن توهان فتح ڏسڻ ٿا گهرو ته پوءِ (مؤمنن جي حق ۾) توهان جي سامھون فتح اچي چڪي آهي (سوچي وٺو) جيڪڏهن توهان (مؤمنن جي خلاف هاڻي شرارتون ڪرڻ کان) باز ايندا ته اهو توهان جي لاءِ بھتر آهي پر جيڪڏهن وري ساڳي پير تي موٽندا ته اسان به انهيءَ انداز سان توهان سان معاملو ڪندا سين ۽ (اهو ٻڌي ڇڏيو ته) توهان جو ٽولو ڪيڏو به وڏو ڇو نه هجي توهان جي ڪجهه به ڪم نه اچي سگهندو (ڇو ته) بيشڪ الله تعالى مؤمنن سان گڏ آهي.
— عبدالسلام ڀُٽويٰٓاَيُّھَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اَطِيْعُوا اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ وَلَا تَوَلَّوْا عَنْهُ وَاَنْتُمْ تَسْمَعُوْنَ ښ 20
اي ايمان وارؤ! اطاعت ڪيو الله ۽ ان جي رسول جي ۽ نه ڦرو ان کان ۽ اوهان ٻڌو پيا .
— مولانا محمد ادريس ڏاھرياي ايمان وارؤ ! الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪريو ۽ ان کان نه ڦرو هوڏانهن اوهين (قرآن) ٻڌو ٿا.
— مولانا محمد مدنياي ايمان وارؤ! الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) جي فرمانبرداري ڪريو ۽ حڪم ٻڌڻ کان پوءِ ان کي پٺي نه ڏيو.
— عبدالسلام ڀُٽو