توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
وَالنّٰزِعٰتِ غَرقًا (آيت : 1) |
اندر گھڙي ڇڪي آئيندڙن جو قسم آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) انهن (ملائڪن) جو قسم آهي جيڪي (بد عمل ماڻهن جا روح) سختيءَ سان ڇڪيو ڪڍن ٿا.(علامه علي خان ابڙو) قسم آهي انهن فرشتن جو جيڪي سختي سان (ڪافرن جا) ساهه ڪڍن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) انهن (فرشتن) جو قسم آهي جي (ڪافرن جا روح ٽٻي ڏئي تمام سختي سان ڇڪي ڪڍن ٿا.(سيد فرمان علي) قسم آهي ڇڪي ساهه ڪنڍڙن جو ٽٻي هڻي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) انهن (ملائڪن) جو قسم آهي جي سختيءَ سان ڇڪيو ڪڍن ٿا. (مولانا محمد مدني) قسم آهي (ڪافرن جو ساهه)سختيءَ سان ڇڪي ڪڍڻ وارن (ملائڪن) جو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) قَسم ساھ ڪَڍندڙن جو، ٻوڙڻ ساڻ ٻَهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَالنّٰشِطٰتِ نَشطًا (آيت : 2) |
۽ کولي آسانيءَ سان ڳنڍ ڇوڙيندڙن جو قسم آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ انهن جو جيڪي (نيڪوڪارن جا روح) آسانيءَ سان ڪڍن ٿا.(علامه علي خان ابڙو) قسم آهي انهن فرشتن جو جيڪي نرمي سان (مؤمنن جا) ساهه ڪڍن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ انهن جو قسم جي (مومنن جي جان) سولي چڪي ڪڍن ٿا،(سيد فرمان علي) ۽ قسم آهي نرميءَ سان کوليندڙن جو آسانيءَ سان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ انهنجو آسانيءَ سان ڇڪيو ڪڍن ٿا. (مولانا محمد مدني) (۽ مؤمنن جو ساهه) آهستگي سان ڪڍي وڃڻ وارن (ملائڪن) جو قسم.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ کِيانتا خير جا،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَالسّٰبِحٰتِ سَبحًا (آيت : 3) |
۽ چڱي طرح سان ترندڙن جو قسم آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ انهن جو جيڪي (هوا) چيريندا اچن ٿا.(علامه علي خان ابڙو) قسم آهي انهن فرشتن جو جيڪي تيزي سان لهن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ انهن جو قسم جي (آسمان ۽ زمين جي وچ ۾) ترن ٿا،(سيد فرمان علي) ۽قسم آهي ترندڙن جو تيزيءَ سان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ انهن جو جي (هوا ۾ ) ترن ٿا (مولانا محمد مدني) ۽ تيز ترڻ وارن (فرشتن) جو قسم.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پوءِ تارُو تَرندڙ تار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَالسّٰبِقٰتِ سَبقًا (آيت : 4) |
پوءِ ڊوڙي اڳرائي ڪندڙن جو قسم آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ اڳتي وڌندا رهن ٿا (۽ ڪا رڪاوٽ نٿي پوي).(علامه علي خان ابڙو) پوءِ قسم آهي انهن فرشتن جو جيڪي مؤمنن جا روح جنت ۾ پهچائن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پوءِ (هڪ ٻئي کان) اڳي وڌن ٿا.(سيد فرمان علي) پوءِ اڳرائي ڪندڙن جو اڳرائي ڪرڻ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ (هڪ ٻئي کان) اڳي وڌن ٿا(مولانا محمد مدني) پوءِ ڊوڙي اڳتي وڌڻ وارن جو قسم.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ اڳو اَڳ آڳرٰو،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَالمُدَبِّرٰتِ أَمرًا (آيت : 5) |
پوءِ (سڀ) ڪم جي رٿيندڙن ٽولين جو قسم آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ هر ڪم جي تدبير ڪن ٿا، (هنن سڀني شين کي شاهد بنائي اسان چئون ٿا) ته قيامت ضرور ٿيندي.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ قسم آهي انهن فرشتن جو جيڪي حڪم مطابق انتظام هلائن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پوءِ (دنيا جا انتظام ڪن ٿا. (ته قيامت ضرور ٿيندي).(سيد فرمان علي) پوءِ تدبير ڪندڙن جو امر کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ ڪنهن ڪم جي تدبير ڪن ٿا (ته قيامت ضرور ٿيندي) (مولانا محمد مدني) پوءِ (ڪائنات جي معاملن ۾) ڪم جي تدبير ڪرڻ وارن (ملائڪن) جو قسم.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پر ڪامِل ڪار سُڌار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
يَومَ تَرجُفُ الرّاجِفَةُ (آيت : 6) |
ته جنھن ڏينھن ڌٻڻ واري ڌٻندي.(علامه تاج محمود امروٽي) جنهن ڏينهن ڌڏڻ واري (ڌرتي) ڌڏندي.(علامه علي خان ابڙو) ان ڏينهن پهرين ڦوڪ ڦوڪي ويندي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پوءِ جڏهن زمين ڌڏندي.(سيد فرمان علي) جنهن ڏينهن ڌٻندي ڌٻندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جنهن ڏينهن ڌڏڻ وري ڌڏندي (مولانا محمد مدني) جنهن ڏينهن (هر) متحرڪ شيءِ شديد لرزش ۾ اچي ويندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ته جنهن ڏِينهن ڌوٻڻ ڌُٻندي،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
تَتبَعُهَا الرّادِفَةُ (آيت : 7) |
ان کي پٺيان لڳندڙ (ٻيو ڌوڏو) پٺيان لڳندو.(علامه تاج محمود امروٽي) هن حالت ۾ جو پٺيان اچڻ واري (صور جي گجگوڙ) ان جي پٺيان ايندي.(علامه علي خان ابڙو) ان کان پويان ٻي ڦوڪ ڦوڪي ويندي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پوءِ ان جي پٺيان ٻيو زلزلو ايندو.(سيد فرمان علي) پٺيان لڳندو ان کي ٻيو ڌٻڻ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) هن حالت ۾ جو پٺيان اچڻ واري ان جي پٺيان ايندي. (مولانا محمد مدني) پويان اچڻ وارو هڪ زلزلو ان جي پٺيان ايندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پُٺيان لڳيس پُوار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قُلوبٌ يَومَئِذٍ واجِفَةٌ (آيت : 8) |
تنھن ڏينھن ڪيتريون ئي دليون ڏڪي وڃڻ واريون ھونديون.(علامه تاج محمود امروٽي) ڪيتريون ئي دليون تنهن ڏينهن (ان صور جي ڏهڪاءَ سان) ڏڪڻ واريون هونديون.(علامه علي خان ابڙو) ان ڏينهن دليون ڏڪندڙ هونديون(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ڪيتريون ئي دليون تنهن ڏينهن ڏڪڻ لڳنديون.(سيد فرمان علي) دليون ان ڏينهن ڪنبدڙ هونديون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ڪيتريون ئي دليون تنهن ڏينهن ڏڪڻ واريون هونديون. (مولانا محمد مدني) ان ڏينهن دليون (خوف ۾) ڌڙڪنديون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) دِليون دُکِي تِنهن ڏِينهن ۾، اَندر ڪَئـِين اڱار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
أَبصٰرُها خٰشِعَةٌ (آيت : 9) |
انھن جون اکيون (خواريءَ سبب) جھڪيون ٿينديون.(علامه تاج محمود امروٽي) (ان وقت بدڪار ماڻهن جون خواريءَ کان) سندن اکيون هيٺ ٿينديون.(علامه علي خان ابڙو) اکيون هيٺ جھڪيل هونديون(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (ذلت کان) سندن اکيون هيٺ ٿينديون.(سيد فرمان علي) اکيون انهن جون جهڪيل هونديون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (خواري کان) سندن اکيون هيٺ ٿينديون (مولانا محمد مدني) انهن جون اکيون جُهڪيل هونديون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اکيون اُجھاڻل اُن جُون ، نيڻ نِماڻا نار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
يَقولونَ أَءِنّا لَمَردودونَ فِى الحافِرَةِ (آيت : 10) |
چون ٿا ته اسين پوئين پيرين موٽائباسون ڇا؟(علامه تاج محمود امروٽي) (هن وقت سندن غرور جي حالت آهي جو هو مڪافات وارن قانونن سان مذاق ڪندي) چون ٿا ته، ڇا اسين (مرڻ کان پوءِ وري) پهرين حالت (حيات) ڏي موٽايا وينداسون.(علامه علي خان ابڙو) اهي (ڪافر) چوندا ڇا بيشڪ اسين پهرين حالت ۾ موٽايا وينداسين؟(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) چون ٿا ته اسين پهرين حالت (جئيڻ ڏي) موٽايا وينداسون.(سيد فرمان علي) چوندا ڇا بيشڪ اسان البته موٽايل آهيون پهرين حالت ۾ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) چون ٿا ته ڇا اسين پهرين حالت ڏي موٽايا وينداسون؟ (مولانا محمد مدني) (ڪافر) چون ٿا ته: ”ڇا اسان وري پهرئين حالت ڏي موٽايا وينداسين؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪافِر اَڄ ڪَهن ٿا، ڪَن گُمراھ اِي گُفتار، ڇا اَسِين آهيون موٽڻا، وَرِي اڳين جي آچار؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
أَءِذا كُنّا عِظٰمًا نَخِرَةً (آيت : 11) |
ھان جڏھن ڀُتا ھڏا ٿينداسون؟(علامه تاج محمود امروٽي) ڇا (ان وقت موٽايا وينداسون) جڏهن اسين ڳريل هڏيون ٿينداسون. (علامه علي خان ابڙو) ڇا جنهن وقت اسين ڳريل هڏا هونداسين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ڇا جڏهن اسين ڳريل هڏيون ٿينداسون.(سيد فرمان علي) ڇا جڏهن هونداسون هڏا پراڻا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ڇا جڏهن اسين ڳريل هڏيون ٿينداسون؟ (مولانا محمد مدني) ڇا جڏهن اسان ڳريل هڏيون ٿي وينداسين“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هُونداسون جِنهن حال ۾، وَڄندڙ هَڏ هروار؟،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قالوا تِلكَ إِذًا كَرَّةٌ خاسِرَةٌ (آيت : 12) |
چوندا آھن ته انھي مھل اھو ٻيھر موٽڻ (وڏو) نقصان وارو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) چون ٿا ته، (جيڪڏهن) اهو (مرڻ کان پوءِ جيئرو ٿيڻو آهي) پوءِ نقصان وارو موٽڻ آهي.(علامه علي خان ابڙو) چوندا ان وقت اهو موٽڻ (اسان لاءِ) نقصانده آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) چون ٿا ته اهو موٽڻ (وري جئيرو ٿيڻ) وڏي نقصان وارو موٽڻ آهي.(سيد فرمان علي) چون ٿا ته اهو ان وقت موٽڻ خساري وارو آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) چون ٿا ته اهو (مرڻ کانپوءِ جيئرو ٿيڻ) تڏهن ته نقصان وارو موٽڻ آهي (نه مشڪل سمجهو ان کي) (مولانا محمد مدني) چون ٿا ته: ”اهو (موٽڻ) تڏهن ته نقصان وارو موٽڻ هوندو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وَراڻيون، ته آھِ وَرِي، موٽڻ مُشڪل ڪار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَإِنَّما هِىَ زَجرَةٌ وٰحِدَةٌ (آيت : 13) |
پوءِ اھو (واقعو) ھڪڙي سخت ھڪل آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) (نه مشڪل سمجهو ان کي) ڇو ته اهو (واقعو) رڳو هڪڙي سخت هڪل آهي.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ ان لاءِ فقط هڪ هَڪل ٿيندي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) نه (مشڪل سمجهو ان کي) ڇو ته اها (قيامت) ته رڳو هڪڙي سخت هڪل آهي،(سيد فرمان علي) پوءِ اها ته صرف جهڻڪ هڪڙي آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ڇو ته اهو (واقعو) رڳو هڪڙي سخت هڪل آهي (مولانا محمد مدني) پوءِ اها ته رڳو هڪڙي سخت هَڪل هوندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) فقط ڪم هِڪ ڦُوڪ جو، هَڪل هِڪ هيڪار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَإِذا هُم بِالسّاهِرَةِ (آيت : 14) |
پوءِ اتي جو اُتي ھڪ پڌري ميدان ۾ حاضر ٿيل ھوندا.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ اهي ڏسندي ئي (قيامت ڏينهن) ميدان تي اچي ويندا.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ اهي ان وقت کليل ميدان ۾ (زنده ٿي) پهچندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پوءِ اهي يڪدم پڌري پٽ تي (حشر جي ميدان) تي موجود هوندا.(سيد فرمان علي) پوءِ ان وقت اهي ميدان ۾ هوندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ اهي اتي ئي زمين جي پڌري پٽ تي اچي پوندا. (مولانا محمد مدني) تڏهن اُهي هڪ کليل ميدان ۾ پيا هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ مَٿي ڪِنهن مَٿار، اَچِي نِڪرندا اوچتا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
هَل أَتىٰكَ حَديثُ موسىٰ (آيت : 15) |
(اي پيغمبر) تو وٽ مُوسىٰ جي خبر پُھتي آھي ڇا؟(علامه تاج محمود امروٽي) (اي پيغمبر!) ڇا توکي موسيٰ جي ڳالهه پهتي آهي؟(علامه علي خان ابڙو) ڇا توهان وٽ موسيٰ جي ڳالهه پهتي؟(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (اي رسول!) ڇا تو کي موسى جي ڳالھ پهتي آهي؟(سيد فرمان علي) ڇا تو وٽ موسى جي خبر آئي؟ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (اي پيغمبرﷺ!) ڇا توکي موسيٰ جي ڳالهه پهتي آهي؟ (مولانا محمد مدني) ڇا تو وٽ موسى جي خبر پهتي آهي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تو وَٽ توڙان آئيو، ڪو مُوسٰى جو مَذڪُور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِذ نادىٰهُ رَبُّهُ بِالوادِ المُقَدَّسِ طُوًى (آيت : 16) |
جڏھن سندس پالڻھار کيس پاڪ ميدان طُوىٰ ۾ سڏيو.(علامه تاج محمود امروٽي) جڏهن ان کي سندس پاليندڙ طويٰ جي مقدس نئي ۾ سڏيو.(علامه علي خان ابڙو) جنهن وقت ان کي سندس رَبَّ طور سينا جي مُقدس وادي ۾ پُڪاريو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جڏهن کيس سندن پالڻهار “طوى” جي مقدس ميدان ۾ سڏيو.(سيد فرمان علي) جڏهن سڏيو ان کي ان جي رب پاڪ وادي طوى وٽ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جڏهن ان کي سندس پاليندٰڙ پاڪ نئي ۾ سڏيو (مولانا محمد مدني) جڏهن کيس سندس پالڻهار طوى جي پاڪ وادي ۾ سڏيو هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جَڏهن سانيسِ، کيس سَڏيو، پَروَر پاڪ حُضور، وادِي پاڪ طُوا ۾، جا ماٿرِي مَشهور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
اذهَب إِلىٰ فِرعَونَ إِنَّهُ طَغىٰ (آيت : 17) |
ته فرعون ڏانھن وڃ ڇوته ھو حد کان لنگھيو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ته تون فرعون ڏي وڃ، ڇو ته هو (ڪمزورن کي دٻائي) حد کان لنگهي ويو آهي.(علامه علي خان ابڙو) ته تون فرعون ڏانهن وڃ بيشڪ اهو (ڪفر ۽ فساد ۾) حد کان وڌي ويو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته فرعون ڏي وڃ! ڇو ته اهو حد کان لنگهي ويو آهي.(سيد فرمان علي) وڃ فرعون ڏانهن بيشڪ اهو سرڪش بڻيو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ته تون فرعون ڏي وڃ ڇو ته هو حد کان لنگهي ويو آهي. (مولانا محمد مدني) ته : ”تون فرعون ڏانهن وڃ اهو سرڪش ٿي ويو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ته وڃ ڦِريل فرعون ڏي، جنهن ۾، گھڻو ٿيو غُرور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَقُل هَل لَكَ إِلىٰ أَن تَزَكّىٰ (آيت : 18) |
پوءِ (ان کي) چؤ ته ھن ڏانھن خيال اٿئي ته تون سڌرجين؟(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ ان کي چؤ ته، (تون دولت ۽ طاقت کي سڀ ڪجهه بڻايو آهي) ڇا توکي (انهن گندين خصلتن کان) پاڪ ٿيڻ جي به ڪا گهرج آهي؟(علامه علي خان ابڙو) پوءِ تون ان کي چئو ته ڇا تون پاڪ ۽ صاف ٿيڻ گھرين ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ (ان کي) چئو ته ڇا تنهنجي خواهش آهي ته ڪفر کان پاڪ ٿئين!(سيد فرمان علي) پوءِ فرماءِ ته ڇا تنهنجي رغبت آهي هن ڏانهن جو پاڪ صاف ٿين .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ ان کي چئو ته ڇا توکي پاڪ ٿيڻ جي ڪا رغبت آهي (مولانا محمد مدني) پوءِ (کيس) چؤ ته ڇا تنهنجي خواهش آهي ته تون پاڪ ٿين؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ چَوِينسِ، ته پاڪ ٿِيئَڻ جو، ڪو توکي پَھ ۽ پُور؟،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَأَهدِيَكَ إِلىٰ رَبِّكَ فَتَخشىٰ (آيت : 19) |
۽ تنھنجي پالڻھار ڏانھن توکي (سڌو) رستو ڏيکاريان ته (تون اُن کان) ڊڄين.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ هيءَ به (گهرج آهي) ته آئون توکي تنهنجي پالڻهار جو (عام پالڻهاريءَ وارو) رستو ڏيکاريان ته (تنهنجي لاءِ حجت بڻجي ۽) ان کان ڊڄين.(علامه علي خان ابڙو) ۽ آئون توکي تنهنجي رب ڏانهن رستو ڏيکاريان ٿو پوءِ تون (ان جي عذاب کان) خوف ڪر(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ آءُ تو کي تنهنجي پالڻهار جي راھ ڏسيان ته تون ان کان ڊڄين،(سيد فرمان علي) ۽ هدايت ڏيان مان توکي تنهنجي رب ڏانهن پوءِ ڊڄين .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ هيءَ به (رغبت آهي) ته آءُ توکي تنهنجي پاليندڙ جو رستو ڏيکاريان ته ان کان ڊڄين. (مولانا محمد مدني) ۽ آءٌ تنهنجي پالڻهار ڏانهن تنهنجي رهنمائي ڪيان ته تون (ان کان) ڊڄين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سُونهون سائـِينءَ ڏي ڪرِئين، پوءِ ڊِڄِين مالِڪ کان مُور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَأَرىٰهُ الءايَةَ الكُبرىٰ (آيت : 20) |
پوءِ فرعون کي وڏي نشاني ڏيکاريائين.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ ان کي (خدائي قانونن جي علامت لٺ ۽ روشن هٿ جي معجزي واري) وڏي نشاني ڏيکاريائين.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ موسيٰ ان کي هڪ وڏي نشاني ڏيکاري(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) نيٺ موسى کيس (عصا جو) وڏو معجزو ڏيکاريو.(سيد فرمان علي) پوءِ ڏيکاريائين ان کي معجزو وڏو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ ان کي وڏي نشاني ڏيکاريائين(مولانا محمد مدني) پوءِ (اتي وڃي) کيس وڏي نشاني ڏيکاريائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ اکيَنِ ڏيکارئين اُن کي، ڪا وَڏِي نِيشاني نُور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَكَذَّبَ وَعَصىٰ (آيت : 21) |
پوءِ (فرعون موسى) کي ڪوڙو ڀانيو ۽ نافرماني ڪيائين.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ (به هو سرڪشي تان نه لٿو جو) هن (موسيٰ کي) ڪوڙو ڪيو ۽ نافرماني ڪيائينس.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ فرعون تڪذيب ڪئي ۽ ان نافرماني ڪئي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پر هن ڪوڙ ڪيو ۽ نه مڃيو،(سيد فرمان علي) پوءِ ڪوڙو چيائين ۽ بي فرمان ٿيو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جو هن ڪوڙو ڪيس ۽ نافرماني ڪيائينس (مولانا محمد مدني) پوءِ ان ڪوڙو سمجھيو ۽ نافرماني ڪيائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڪاهي پِيو ڪُوڙن ۾، ۽ ٿيو بُڇرو بي شُعُور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
ثُمَّ أَدبَرَ يَسعىٰ (آيت : 22) |
وري (اُتان) پٺيرو ٿي تکو ھلڻ لڳو.(علامه تاج محمود امروٽي) ويتر پرپٺ ٿي (موسيٰ جي خلاف) ڪوششون ڪرڻ لڳو.(علامه علي خان ابڙو) ان کان پوءِ پُٺ ڏئي، مخالفت ڪئي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پوءِ ڦري (پاڻ مخالف) ڪوشش ڪرڻ لڳو.(سيد فرمان علي) ان کان پوءِ پٺي ڏنائين ڪوشش ڪري پيو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) وري پٺ ڏئي (موسيٰ جي خلاف) ڪوشش ڪرڻ لڳو. (مولانا محمد مدني) پوءِ پٺيرو ٿيو (موسى جي خلاف) ڪوشش ڪرڻ لڳو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وَرِي وَريو پوئتي، ڊُڪيو ڊوڙيو دُور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَحَشَرَ فَنادىٰ (آيت : 23) |
پوءِ (پنھنجي قوم کي) گڏ ڪيائين پوءِ سڏيائين.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ هن (فرعون پنهنجي قوم کي) گڏ ڪيو پوءِ وڏي واڪي تقرير ڪيائين.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ (جادوگرن کي) گڏ ڪري پوءِ ندا ڪيائين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) وري (ماڻهن کي) گڏ ڪيائين.(سيد فرمان علي) پوءِ ماڻهو گڏ ڪيائين پوءِ اعلان ڪيائين .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ هن (پنهنجي قوم کي) گڏ ڪيو پوءِ پڪاريائين (مولانا محمد مدني) پوءِ (ماڻهن کي) گڏ ڪري پوءِ پڪاريائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڦِريَل فوجون ميڙيون، ڪَئـِي مُنادِي مَغرُور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَقالَ أَنا۠ رَبُّكُمُ الأَعلىٰ (آيت : 24) |
پوءِ چيائين ته آءٌ اوھان جو تمام مٿاھون پالڻھار آھيان.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ (انهن کي) چيائين ته، آئون اوهان جو تمام مٿاهون پاليندڙ آهيان.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ چيائين آئون توهان جو مٿاهون رب آهيان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ وڏي آواز چيائين ته آءُ توهان ماڻهن جو سڀ کان وڏو پالڻهار آهيان،(سيد فرمان علي) پوءِ چيائين ته مان اوهان جو مٿاهون رب آهيان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ چيائين ته آءُ اوهان جو تمام مٿاهون پاليندڙ آهيان (مولانا محمد مدني) پوءِ چيائين: ”آءٌ اوهان جو سڀ کان وڏو پالڻهار آهيان“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڪَيائـِين ڪيڏو ڪُوڙ، ٻَڌي دعوٰى هن دَستور. ته آئون سائـِين اَهنجو، آهيان زَبر ضَرُور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَأَخَذَهُ اللَّهُ نَكالَ الءاخِرَةِ وَالأولىٰ (آيت : 25) |
پوءِ الله ان کي آخرت ۽ دُنيا جي عذاب ۾ پڪڙيو.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ الله ان کي آخرت ۽ دنيا جي عذاب ۾ پڪڙيو.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ الله تعالى ان کي دنيا ۽ آخرت جي عذاب ۾ گرفتار ڪيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته خدا (به) دنيا ۽ آخرت (ٻنهي) جي عذاب ۾ گرفتار ڪيس.(سيد فرمان علي) پوءِ پڪڙيو ان کي الله آخرت ۽ دنيا جي عذاب سان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ الله ان کي آخرت ۽ دنيا جي عذاب ۾ پڪڙيو(مولانا محمد مدني) پوءِ الله ان کي آخرت ۽ دنيا جي عذاب ۾ پڪڙيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ دَرد دُنيا آخِرت جو، گھيري ڪيو غَرقُور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِنَّ فى ذٰلِكَ لَعِبرَةً لِمَن يَخشىٰ (آيت : 26) |
بيشڪ ھن (قصّي) ۾ انھي لاءِ نصيحت آھي جيڪو ڊڄي.(علامه تاج محمود امروٽي) بيشڪ ان (واقعي) ۾ ان لاءِ نصيحت آهي جيڪو (الله تعاليٰ کان) ڊڄي ٿو.(علامه علي خان ابڙو) بيشڪ انهيءَ ۾ يقيناً ان ماڻهوءَ لاءِ عبرت آهي جيڪو خوف ڪري ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) بيشڪ جو شخص (خدا کان) ڊڄي تنهن لاءِ ان ڳالھ ۾ سبق آهي.(سيد فرمان علي) بيشڪ ان ۾ البته عبرت آهي ان جي لاءِ جيڪو ڊڄي ٿو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) بيشڪ ان ۾ ان لاءِ نصيحت آهي جو ڊڄي ٿو (مولانا محمد مدني) بيشڪ ان (قصي ۾) ان ماڻهوءَ عبرت آهي لاءِ جيڪو (الله کان) ڊڄي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جو سامهان، ساري سُور، اَن لئي، عِبرت آهي اُن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
ءَأَنتُم أَشَدُّ خَلقًا أَمِ السَّماءُ بَنىٰها (آيت : 27) |
ڀلا بڻاوت ۾ اوھين ڏکيا آھيو يا آسمان جنھن کي الله بڻايو؟(علامه تاج محمود امروٽي) ڇا پيدائش جي لحاظ کان اوهان جو بنائڻ زياده مشڪل آهي يا آسمان جو؟(علامه علي خان ابڙو) ڇا توهان تخليق ڪرڻ ۾ وڌيڪ سخت آهيو يا آسمان، الله تعالى ان کي بنايو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ڀلا اوهان جو پيدا ڪرڻ ڏکيو آهي يا آسمان جو جنهن ان کي بڻايو؟(سيد فرمان علي) ڇا اوهان ڏکيا آهيو پيدا ڪرڻ ۾ يا آسمان؟ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ڇا اوهان جو بنائڻ زياده سخت آهي يا آسمان جو؟ ان کي بنايو اٿس (مولانا محمد مدني) ڇا توهان جو پيدا ڪرڻ وڌيڪ سخت آهي يا آسمان جو؟ جنهن کي ان بنايو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهکا جوڙڻ ۾ اَوهِين، ڪِ اُهکِي اُڀ جِي ڳالھ؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
رَفَعَ سَمكَها فَسَوّىٰها (آيت : 28) |
اُن جي مٿاھين بلند ڪيائين پوءِ اُن کي برابر بيھاريائين.(علامه تاج محمود امروٽي) (جنهن کي) اهڙيءَ طرح (بنايو اٿس) جو ان جي ٿلهائي (ڇت) کي مٿي ڪري پوءِ ان کي برابر ڪيو اٿس.(علامه علي خان ابڙو) ان جي ڇت کي بلند ڪيائين پوءِ ان کي هموار ڪيائين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ان جي ڇت تمام بلند ڪيائين ۽ وري ان کي درست ڪيائين.(سيد فرمان علي) ٺاهيائين ان کي بلند ڪيائين ان جي ڇت پوءِ ٺيڪ ڪيائين ان کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اهڙي طرح جو ان جي ٿلهائي کي مٿي ڪري پوءِ ان کي برابر ڪيو اٿس (مولانا محمد مدني) ان جي ڇت اوچي ڪيائين پوءِ ان کي ٺيڪ طرح سڌو ڪيائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ري ٿَنڀِين، ري ٿوڻيِين، بنائـِينسِ بَحال، چاڙهِين چوٽي اُن جِي، چڱا رَکـئـِين چِٽ سال، پوءِ سَرکو سُهڻو سَڀ طرح، جوڙيَسِ جَلَّ جَلال، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَأَغطَشَ لَيلَها وَأَخرَجَ ضُحىٰها (آيت : 29) |
۽ اُن جي رات کي اوندھ ڪيائين ۽ اُن جو سوجھرو (ڏينھن جو) پڌرو ڪيائين.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ ان جي رات کي اونداهيءَ وارو ڪيو اٿس ۽ (ڏينهن کي) ان جي روشنيءَ سان ڪڍيو اٿس.(علامه علي خان ابڙو) ۽ ان آسمان جي رات اونداهيءَ واري ڪيائين ۽ ان جي روشني کي چمڪايائين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ ان جي رات کي اونداهي وارو ۽ (ڏينهن جو) ان جي اس ڪڍيائين.(سيد فرمان علي) ۽اوندهه واري بنايائين ان جي رات ۽ ڪڍيائين ان جي روشني .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ ان جي رات کي اونداهيءَ وارو ڪيو اٿس ۽ ان جي روشنيءَ (سج) کي ڪڍيو اٿس (مولانا محمد مدني) ۽ ان جي رات کي اونداهو ڪيائين ۽ ان جي روشني (ڏينهن) کي ظاهر ڪيائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ راتسِ ڪاري رَنگ ڪَئـِين، قُدرت ساڻ ڪَمال، ڏِينهن ڪَڍيائـِين ڏيھ تي، ڏيئـِي جوت جَمال، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَالأَرضَ بَعدَ ذٰلِكَ دَحىٰها (آيت : 30) |
۽ اُن کان پوءِ زمين کي وڇايائين.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ ان کان پوءِ زمين کي (اوهان جي سهولت لاءِ) وڇائي ڇڏيو اٿس.(علامه علي خان ابڙو) ۽ زمين کي ان کان پوءِ وڇايو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ ان کان پوءِ زمين کي وڇايائين.(سيد فرمان علي) ۽ زمين کي ان کان پوءِ پکيڙيائين ان کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ ان کان پوءِ زمين کي وڇائي ڇڏيو اٿس (مولانا محمد مدني) ۽ ان کان پوءِ زمين کي وڇايائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڀُون پَکڙيئـِين، تِنهن پُٺيان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
أَخرَجَ مِنها ماءَها وَمَرعىٰها (آيت : 31) |
اُن مان سندس پاڻي ۽ سندس گاھ ڪڍيائين.(علامه تاج محمود امروٽي) (هن طرح جو) اُن مان اُن جو پاڻي ۽ ان جا نباتات ڪڍيا اٿس.(علامه علي خان ابڙو) انهيءَ مان ان جو پاڻي ۽ مال جو چارو پيدا ڪيائين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (هن طرح جو) ان مان ان جو پاڻي ۽ ان جو گاھ ڪڍيو اٿس،(سيد فرمان علي) ڪڍيائين ان مان ان جو پاڻي ۽ ان جو گاهه .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (هن طرح جو) ان مان ان جو پاڻي ۽ ان جو گاهه ڪڍيو اٿس (مولانا محمد مدني) ان مان ان جو پاڻي ۽ گاهه ڪڍيائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جنهن مان جَر ڪڍيائـِين جال، گھاٽا گاھ اُن ۾، مُلڪ مالا مال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَالجِبالَ أَرسىٰها (آيت : 32) |
۽ جبلن کي مُحڪم کوڙيائين.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ جبلن کي (مضبوط) کوڙيو اٿس.(علامه علي خان ابڙو) ۽ ان جي جبلن کي مضبوط بنايو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ جبلن کي کوڙيو اٿس،(سيد فرمان علي) ۽ جبل مضبوط بيهاريائين انهن کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ جبلن کي کوڙيو اٿس (مولانا محمد مدني) ۽ جبلن کي ان ۾ کوڙيائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جيڪِي جَبَل جَھان م، ٻَڌئـِين ٻيڙي جي مثِال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
مَتٰعًا لَكُم وَلِأَنعٰمِكُم (آيت : 33) |
اوھان جي نفعي لاءِ ۽ اوھان جي ڍورن (جي نفعي) لاءِ.(علامه تاج محمود امروٽي) (انهيءَ سڄي سلسلي کي ترتيب سان رکيو اٿس) اوهان کي ۽ اوهان جي وهٽن کي فائدي پهچائڻ لاءِ.(علامه علي خان ابڙو) انهن ۾ توهان لاءِ ۽ توهان جي چؤپاين لاءِ نفعو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (اهو سڀ ڪجھ ۽ ان جي وهٽن کي فائدي پهچائڻ لاءِ آهي.(سيد فرمان علي) اوهان ۽ اوهان جي چوپاين جي (نفعي) لاءِ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اوهان کي ۽ اوهان جي وهٽن کي فائدي پهچائڻ لاءِ (مولانا محمد مدني) (اُهو جياپي جو سامان) اوهان لاءِ ۽ اوهان جي جانورن جي فائدي لاءِ (ڪيائين).(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اِي سَڀ ڀَلي جا ڀال، اوهان، ڪِ اوهان جي مال لئي. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَإِذا جاءَتِ الطّامَّةُ الكُبرىٰ (آيت : 34) |
پوءِ جڏھن وڏو واقعو (قيامت جو) ايندو.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ جڏهن تمام وڏي آفت (قيامت) ايندي.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ جڏهن وڏي مصيبت (ٻي ڦوڪ) ايندي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پوءِ جڏهن تمام وڏي آفت (قيامت) ايندي.(سيد فرمان علي) پوءِ جڏهن ايندي آفت وڏي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ جڏهن تمام وڏي آفت (قيامت) ايندي (مولانا محمد مدني) پوءِ جڏهن وڏي آفت (قيامت) ايندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ آئـِي آفت اوچتي، وَڏِي ڪا، جِنهن وار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
يَومَ يَتَذَكَّرُ الإِنسٰنُ ما سَعىٰ (آيت : 35) |
اُن ڏينھن ماڻھو اھو ياد ڪندو جيڪي (دنيا ۾) ڪمايو ھوائين.(علامه تاج محمود امروٽي) جنهن ڏينهن سڀڪو انسان انهن ڪمن کي ياد ڪندو جيڪي ڪيا هوندائين.(علامه علي خان ابڙو) اُن ڏينهن انسان پنهنجي ڪيل عمل کي ياد ڪندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جنهن ڏينهن سڀ ڪو انسان انهن ڪمن کي ياد ڪندو جيڪي ڪيا هوندائين.(سيد فرمان علي) ان ڏينهن ياد ڪندو انسان اهو جيڪو ڪمايائين .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جنهن ڏينهن سڀڪو انسان انهن ڪمن کي ياد ڪندو جيڪي ڪيا هوندائين (مولانا محمد مدني) ان ڏينهن انسان پنهنجي ڪوشش (۽ عملن) کي ياد ڪندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تڏهن ماڻهؤَ، لَڳن مَن سان، جي ڪَيائـِين ڪَم ڪار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَبُرِّزَتِ الجَحيمُ لِمَن يَرىٰ (آيت : 36) |
۽ دوزخ اُنھيءَ لاءِ پڌرو ڪبو جيڪو ڏسڻ گھرندو.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ ڏسڻ واري لاءِ (سندس اکين اڳيان) دوزخ ظاهر ڪيو ويندو.(علامه علي خان ابڙو) ۽ هر ڏسندڙ لاءِ جهنم ظاهر ڪئي ويندي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ ڏسڻ وارن جي اڳيان دوزخ ظاهر ڪيو ويندو.(سيد فرمان علي) ۽ ظاهرڪيو ويندو دوزخ ان جي لاءِ جيڪو ڏسندو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ ڏسڻ واري لاءِ دوزخ ظاهر ڪيو ويندو (مولانا محمد مدني) ۽ هر ڏسڻ واري لاءِ دوزخ نِروار ڪيو ويندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪَڍِي ڪَبو ميدان تي، دَوزخ دَهشت دار، ته نيڻن ساڻ نِروار، ڏِسِي جو ڏِسِي سَگھي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَأَمّا مَن طَغىٰ (آيت : 37) |
پوءِ جيڪو حد کان لنگھيو ھوندو.(علامه تاج محمود امروٽي) ته پوءِ جيڪو (زندگيءَ جي عملن ۾) حدن کان لنگهيو هوندو.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ جيڪو ماڻهو حد کان وڌيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته جنهن (به دنيا ۾) آڪڙڪئي هوندي،(سيد فرمان علي) پوءِ پر جنهن سرڪشي ڪئي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ته پوءِ جو حد کان لنگهيو هوندو (مولانا محمد مدني) پوءِ جنهن سرڪشي ڪئي هوندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ، جِنهن پاتو، وِنگو پير واٽ کان، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَءاثَرَ الحَيوٰةَ الدُّنيا (آيت : 38) |
۽ ھن دنيا جي حياتيءَ کي ڀَلو سمجھيائين.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ دنيا جي حياتيءَ کي (آخرت جي حياتيءَ تي) پسند ڪيو هوندائين.(علامه علي خان ابڙو) ۽ دنيا جي زندگي کي (آخرت تي) ترجيح ڏنائين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ دنيا جي حياتي کي پسند ڪيو هوندو،(سيد فرمان علي) ۽ اختيار ڪيائين حياتي دنيا واري .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ دنيا جي حياتيءَ کي پسند ڪيو هوندائين (مولانا محمد مدني) ۽ دنياوي حياتي کي (آخرت) کان وڌيڪ سمجھيو هوندائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ننڍڙِي هِن حَياتِئَ تي، ٿيو اَجايو آتو، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَإِنَّ الجَحيمَ هِىَ المَأوىٰ (آيت : 39) |
تنھن جي جاءِ بيشڪ دوزخ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ته بيشڪ دوزخ ئي (ان جي) رهڻ جي جاءِ آهي.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ بيشڪ اها جهنم ئي اُن جي رهائش آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) تنهن جو ٽڪاڻو ته پڪ دوزخ آهي.(سيد فرمان علي) پوءِ بيشڪ دوزخ ئي جاءِ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ته بيشڪ دوزخ ئي (ان جي) رهڻ جي جاءِ آهي (مولانا محمد مدني) ته بيشڪ دوزخ (ان جي) رهڻ جي جاءِ هوندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جَھَنمَّ، جو کاتو، آھِ جائـِي، جاءِ اُن جِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَأَمّا مَن خافَ مَقامَ رَبِّهِ وَنَهَى النَّفسَ عَنِ الهَوىٰ (آيت : 40) |
۽ جيڪو پنھنجي پالڻھار جي (حضور ۾) روبرو بيھڻ کان ڊنو ۽ نفس کي سَڌ کان جھليائين.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ جيڪو شخص پنهنجي پاليندڙ جي سامهون (حساب ڪتاب جي سختي واري حالت ۾) بيهڻ کان ڊنو هوندو ۽ پنهنجي (ان خوف جي ڪري) نفس کي خواهشن کان روڪيو هوندائين.(علامه علي خان ابڙو) ۽ پر اهو ماڻهو جيڪو پنهنجي رب جي دربار ۾ بيهڻ کان ڊنو ۽ پنهنجي نفس کي بُرن ڪمن کان روڪيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ جو شخص پنهنجي پروردگار جي اڳيان بيهڻ کان ڊنو ۽ پاڻ کي ناجائز خواهش کان روڪيندو رهيو.(سيد فرمان علي) ۽ پر جنهن ڊپ ڪيو پنهنجي رب جي سامهون بيهڻ کان ۽ روڪيائين نفس کي خواهش کان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ جيڪو شخص پنهنجي پاليندڙ جي سامهون بيهڻ کان ڊنو هوندو ۽ پنهنجي نفس کي خواهش کان روڪيو هوندائين ته (مولانا محمد مدني) ۽ جيڪو ماڻهو پنهنجي پالڻهار جي سامهون بيهڻ کان ڊنو هوندو ۽ نفس کي (برين) خواهشن کان روڪيو هوندائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڀانتو ڀَؤ بِيهڻ کان، جِنهن پَنهنجِي پَروَر پيش، ۽ جَھلئـِين پَنهنجِي جان کي، ڪَنان اَجائي عيش، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَإِنَّ الجَنَّةَ هِىَ المَأوىٰ (آيت : 41) |
پوءِ تنھنجي جاءِ بيشڪ بھشت آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ته بيشڪ جنت ئي ان جي رهڻ جي جاءِ آهي.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ بيشڪ اها جنت ئي سندس رهائش ٿيندي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته ان جو ٽڪاڻو پڪ بهشت آهي.(سيد فرمان علي) پوءِ بيشڪ جنت ئي جاءِ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) بيشڪ جنت ئي (ان جي) رهڻ جي جاءِ آهي (مولانا محمد مدني) ته پوءِ بيشڪ جنت ئي ان جي جاءِ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ هَرگِز هَر هميش، آھِ جنت جاءِ اُن جِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
يَسـَٔلونَكَ عَنِ السّاعَةِ أَيّانَ مُرسىٰها (آيت : 42) |
(اي پيغمبر) توکان قيامت بابت پُڇن ٿا ته اُن جو (واقعو) ٿيڻ ڪڏھن آھي؟(علامه تاج محمود امروٽي) (اي پيغمبر! اهي ماڻهو اعتراض طور) توکان قيامت جو پڇن ٿا ته، اها ڪڏهن ٿيڻ واري آهي.(علامه علي خان ابڙو) رسولِ عربي اهي توهان کان قيامت بابت سوال ڪن ٿا ته اها ڪهڙي انتظار ۾ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (اي رسول!) تو کان قيامت جي باري ۾ پڇن ٿا ته اها ڪڏهن قائم ٿيڻ واري آهي؟(سيد فرمان علي) پڇن ٿا توکان قيامت جي باري ۾ ته ڪڏهن آهي ان جو واقع ٿيڻ؟ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (اي پيغمبر) توکان قيامت جو پڇن ٿاته اها ڪڏهن قائم ٿيڻ واري آهي (مولانا محمد مدني) تو کان (قيامت جي) گھڙي جو پڇن ٿا ته: ”اها ڪڏهن ٿيندي“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) توکي ڪَن قِيامَت جي، ساعت جو سُوال، ته ڪڏهن اِنهِئَ قيامت جو، لنگر آھِ لال!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فيمَ أَنتَ مِن ذِكرىٰها (آيت : 43) |
(اي پڇندڙ) اُن جي خبر بابت تون ڪھڙي خيال ۾ آھين؟(علامه تاج محمود امروٽي) (اي پيغمبر!) تنهنجو ان جي (وقت) بيان ڪرڻ سان ڪهڙو واسطو.(علامه علي خان ابڙو) توهان کي ان جي ذڪر مان ڪهڙو فائدو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (اي رسول!) تنهنجو ان جي بيان ڪرڻ سان ڪهڙو واسطو!(سيد فرمان علي) ڇا ۾ آهين تون ان جي خبر بابت .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (اي پيغمبر) تنهنجو ان جي بيان ڪرڻ سان ڪهڙو واسطو(مولانا محمد مدني) تنهنجو ان جي (وقت) بيان ڪرڻ سان ڪهڙو واسطو؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪِٿان آهِين، تون اُن جو، وَرَنھ! واقِف حال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِلىٰ رَبِّكَ مُنتَهىٰها (آيت : 44) |
اُن جي پڄاڻي (جي خبر) تنھنجي پالڻھار وٽ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) تنهنجي پاليندڙ کي ئي ان جي پڇاڙيءَ (واقع ٿيڻ) جي خبر آهي.(علامه علي خان ابڙو) توهان جي رب تائين ان جي انتها آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) تنهنجي پروردگار کي ئي ان جي پڇاڙي جي خبر آهي.(سيد فرمان علي) تنهنجي رب وٽ ان جي انتها آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) تنهنجي پاليندڙ کي ئي ان جي پڇاڙيءَ جي خبر آهي (مولانا محمد مدني) تنهنجي پالڻهار ڏانهن ان جي (علم جي) انتها آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تُنهنجي پَروَر پاڪ ڏي، آهي اَنت اِنهِئَ ڳالھ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِنَّما أَنتَ مُنذِرُ مَن يَخشىٰها (آيت : 45) |
جيڪو قيامت کان ڊڄي رڳو تنھن لاءِ تون ڊيڄاريندڙ آھين.(علامه تاج محمود امروٽي) تون رڳو ان شخص کي (خدا جي حڪمن جي نافرمانيءَ کان) ڊيڄاريندڙ آهين جو ان کان ڊڄي ٿو.(علامه علي خان ابڙو) توهان ته ان کي ڊيڄاريندڙ آهيو جيڪو ان جي عذاب کان ڊڄي ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) تون ته رڳو جو شخص ان کان ڊڄي تنهن کي ڊيڄارڻ وارو آهين.(سيد فرمان علي) تون ته صرف ان کي ڊيڄاريندڙ آهين جيڪو ان کان ڊڄي ٿو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) تون خالي ان شخص کي ڊيڄاريندڙ آهين جو ان کان ڊڄي ٿو (مولانا محمد مدني) تون صرف ان شخص کي ڊيڄارڻ وارو آهين جو ان کان ڊڄي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تون رُڳو رَهبر اُن جو، جو رکي خوف خيال، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
كَأَنَّهُم يَومَ يَرَونَها لَم يَلبَثوا إِلّا عَشِيَّةً أَو ضُحىٰها (آيت : 46) |
جنھن ڏينھن اُن کي ڏسندا (تنھن ڏينھن) ائين ڀانئيندا ته ڄڻڪ ھڪڙي وقت سانجھي يا ان جي صبح کانسواءِ (دنيا ۾) رھيا ئي نه ھوا.(علامه تاج محمود امروٽي) جنهن ڏينهن ان (قيامت) کي ڏسندا (تنهن ڏينهن قيامت کي ايترو تڪڙو آيل ڀائيندا) ته ڄڻ (دنيا ۾) هڪڙي شام يا ان جي صبح کان وڌيڪ نه رهيا هئا.(علامه علي خان ابڙو) گوياڪ بيشڪ اهي ان ڏينهن کي ڏسندا (۽ چوندا) نه رهياسين اسين (دنيا ۾) مگر هڪ شام يا هڪ صبح(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جنهن ڏينهن ان (قيامت) کي ڏسندا (تنهن ڏينهن ائين ڀائيندا) ته ڄڻ (دنيا) ۾ هڪڙي شام صبح رهيا هئا.(سيد فرمان علي) ڄڻ ته اهي جنهن ڏينهن ان کي ڏسندا ته نه رهيا مگر شام يا ان جي صبح .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جنهن ڏينهن ان (قيامت) کي ڏسندا (تنهن ڏينهن ائين ڀائيندا) ته ڄڻ (دنيا ۾) هڪڙي شام يا ان جي صبح کان وڌيڪ نه رهيا هئا. (مولانا محمد مدني) جنهن ڏينهن اُهي ان کي ڏسندا ته ائين سمجھندا ڄڻڪ (دنيا ۾) هڪ شام يا ان جي صبح کان وڌيڪ نه رهيا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جِنهن ڏِينهن ڏِسندا اُن کي، ته ڀائـِيندا بَحال، جِھڙو ڪَر جھان ۾، ڪاٽيائون نَه، ڪالھ، مَگر چَون مَتوال، ته سانجِھئ، ڪِ صُبح هيڪڙو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |