توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
عَمَّ يَتَساءَلونَ (آيت : 1) |
ڪھڙيءَ ڳالھ بابت ھڪ ٻئي کان پڇن ٿا.(علامه تاج محمود امروٽي) (هي ماڻهو) ڪهڙي ڳالهه بابت هڪٻئي کان پڇن ٿا؟(علامه علي خان ابڙو) (اهي قريش قوم وارا) پاڻ ۾ ڪهڙا سوال ڪري رهيا آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اهي ماڻهو پاڻ ۾ ڪهڙي شيءِ جو حال پڇن ٿا.(سيد فرمان علي) ڇا جي باري ۾ هڪ ٻئي کان پڇن ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ڪهڙي ڳالهه بابت هڪ ٻئي کان پڇن ٿا؟ (مولانا محمد مدني) اِهي ڇا جي باري ۾ پڇن ٿا؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پُڇن ڇا جا پار؟ (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
عَنِ النَّبَإِ العَظيمِ (آيت : 2) |
(ھائو!) ھڪڙي اھڙي وڏي واقعي بابت.(علامه تاج محمود امروٽي) اهڙي وڏي واقعي (قيامت) بابت.(علامه علي خان ابڙو) (ھائو!) ھڪڙي اھڙي وڏي واقعي بابت(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) هڪ وڏي خبر جو حال(سيد فرمان علي) خبر وڏيءَ جو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اهڙي وڏي خبر (قيامت) بابت (مولانا محمد مدني) تمام وڏي خبر جي باري ۾.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پُڇن ڳَرِي ڳالھ جو،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
الَّذى هُم فيهِ مُختَلِفونَ (آيت : 3) |
جنھن (جي ٿيڻ) ۾ اُھي (پاڻ ۾) مختلف آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) جنهن ۾ اهي (پاڻ ۾) اختلاف ڪندڙ آهن. (ان لاءِ ڪو ڪيئن ٿو چوي، ڪو ڪيئن ٿو چوي).(علامه علي خان ابڙو) جنھن (جي ٿيڻ) ۾ اُھي (پاڻ ۾) مختلف آھن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جنهن (جي باري) ۾ اهي ماڻهو اختلاف ڪري رهيا آهن.(سيد فرمان علي) اها جو اهي ان ۾ اختلاف ڪندڙ آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جنهن ۾ اهي اختلاف ڪندڙ آهن(مولانا محمد مدني) جنهن بابت اِهي اختلاف ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهي آهِن اُن ۾، ڌُرِيون ڌارو ڌار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
كَلّا سَيَعلَمونَ (آيت : 4) |
ائين (سندن خيالن وانگر) نه آھي سگھوئي ڄاڻندا.(علامه تاج محمود امروٽي) پڪ سان (انهن جو اهو اختلاف گهڻو وقت نه هلندو) اجهو اهي ان (جي حقيقت) کي ڄاڻي وٺندا.(علامه علي خان ابڙو) خبردار! اهي جلد ڄاڻندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) خبردار کين جلد ئي خبر پوندي.(سيد فرمان علي) ائين ناهي جلد ڄاڻندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) خبردار (متان اختلاف ڪن) اجهو اهي (ان جي حقيقت کي) ڄاڻي وٺن ٿا. (مولانا محمد مدني) خبردار! سِگهو اِهي ڄاڻي وٺندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سَچ پَچ سِگھو سَمجھندا، ته قِيامت ڪِهڙي ڪار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
ثُمَّ كَلّا سَيَعلَمونَ (آيت : 5) |
وري (به چئون ٿا) ته ائين نه آھي سگھوئي ڄاڻندا.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ اهي خبردار ٿين (جيئن اهي سمجهن ٿا ائين ڪونهي) اجهو اهي ڄاڻي وٺندا.(علامه علي خان ابڙو) ان کان پوءِ خبردار! اهي جلد ڄاڻندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) وري خبردار ٿين اجهو اهي ضرور ڄاڻي وٺندا.(سيد فرمان علي) ان کان پوءِ ائين ناهي جلد ڄاڻندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) وري خبردار ٿين اجهو اهي ڄاڻي وٺن ٿا(مولانا محمد مدني) وري خبردار جلد اِهي ڄاڻي وٺندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وَرِي به سِگھو سَمجھندا، صَحِي سَماچار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
أَلَم نَجعَلِ الأَرضَ مِهٰدًا (آيت : 6) |
زمين کي وڇاڻو نه ڪيو اٿون ڇا؟(علامه تاج محمود امروٽي) (اي ماڻهو! اسان لاءِ اهو ڪيئن ناممڪن آهي) ڇا اسان زمين کي (ان جي گولائي ۽ ان جي تيز چرپر جي باوجود) وڇاڻو نه ڪيو آهي.(علامه علي خان ابڙو) ڇا اسان توهان لاءِ زمين کي وڇاڻو نه بنايو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ڇا اسين زمين کي وڇاڻو نه ڪيو آهي؟(سيد فرمان علي) ڇا نه ڪيو اسان زمين کي وڇاڻو؟ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (اي ماڻهو!) ڇا اسان زمين کي وڇاڻو نه ڪيو آهي(مولانا محمد مدني) ڇا اسان زمين کي وڇاڻو نه بنايو آهي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، ڪيون سون ڪِيَن زَمِين کي غالِيچو گُلزار؟،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَالجِبالَ أَوتادًا (آيت : 7) |
۽ جبلن کي ميخون؟(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ جبلبن کي زمين جون ميخون؟ (جو زمين تيز چرپر جي باوجود سنوت ۾ آهي.)(علامه علي خان ابڙو) ۽ جبلن کي ميخون نه بنايو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ جبلن کي (زمين جون) ميخون نه ڪيون آهن؟(سيد فرمان علي) ۽ جبلن کي ميخون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ جبلن کي زمين جون ميخون؟(مولانا محمد مدني) ۽ جبلن کي (زمين جون) ميخون بنايو آهي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جَڙون ڪيوسون جَبَلن کي، ڪِل سان، ڪِل قطار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَخَلَقنٰكُم أَزوٰجًا (آيت : 8) |
۽ اوھان کي جوڙو جوڙو (نر ۽ مادي) بڻايوسون.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ اسان اوهان کي جوڙا (نر ۽ مادي) ڪري پيدا ڪيو آهي. (جنهن سان اوهان جو نسل وڌي ٿو.)(علامه علي خان ابڙو) ۽ اسان توهان کي مذڪر ۽ مؤنث بنايو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ اسان اوهان کي جوڙا (نر ۽ مادي) ڪري پيدا ڪيو آهي.(سيد فرمان علي) ۽ پيدا ڪيوسون اوهان کي جوڙا جوڙا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ اسان اوهان کي جوڙا (نر ۽ مادي) ڪري پيدا ڪيو آهي. (مولانا محمد مدني) ۽ اسان اوهان کي (مردن ۽ عورتن جي) جوڙن ۾ پيدا ڪيو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُپايو سون آن کي، جوڙو، نَر ۽ نار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَجَعَلنا نَومَكُم سُباتًا (آيت : 9) |
۽ اوھان جي ننڊ کي فرحت بڻايوسون.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ (رات ڏينهن جي ڦيري سان) اوهان جي ننڊ کي راحت ڪيو آهي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ اسان توهان جي ننڊ کي توهان لاءِ آرام بنايو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ اوهان جي ننڊ کي آرام (جو سبب) مقرر ڪيو آهي،(سيد فرمان علي) ۽ ڪيو اسان اوهان جي ننڊ کي فرحت .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ اوهان جي ننڊ کي راحت ڪيو آهي (مولانا محمد مدني) ۽ اسان اوهان جي ننڊ کي راحت ڪيو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اَهنجِي نَنڊ اوهان لئي، ڪَئـِي سون بِه قرار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَجَعَلنَا الَّيلَ لِباسًا (آيت : 10) |
۽ رات کي ڍَڪ ڪيوسون.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ رات کي (اوهان جي آرام لاءِ) ڍڪ ڪيو آهي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ اسان رات کي لباس بنايو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ رات کي ڍڪ ڪيو آهي.(سيد فرمان علي) ۽ ڪيو اسان رات کي ڍڪ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ رات کي ڍڪ ڪيو آهي (مولانا محمد مدني) ۽ اسان رات کي پردو بنايو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪَيوسون ڪارِي رات کي، پَهرَن پَهر چار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَجَعَلنَا النَّهارَ مَعاشًا (آيت : 11) |
۽ ڏينھن کي گذران (جو وقت) ڪيوسون.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ ڏينهن کي گذران جو وقت ڪيو آهي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ اسان ڏينهن کي روزگار لاءِ بنايو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ ڏينهن کي گذران (جو وقت) ڪيو آهي،(سيد فرمان علي) ۽ ڪيو اسان ڏينهن کي گذران جو وقت .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ ڏينهن کي گذران جو وقت ڪيو آهي (مولانا محمد مدني) ۽ اسان ڏينهن کي روزگار (جو وقت) بنايو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڏِينهن ڪيوسون ڏيھ لئي، روشن روزگار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَبَنَينا فَوقَكُم سَبعًا شِدادًا (آيت : 12) |
۽ اوھان جي مٿون ست مُحڪم (آسمان) بڻاياسون.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ اوهان جي مٿان ست مضبوط آسمان بنايا آهن.(علامه علي خان ابڙو) ۽ اسان توهان جي مٿان سَتَ سخت آسمان بنايا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ اوهان جي مٿان ست مضبوط (آسمان) بنايا،(سيد فرمان علي) ۽ ٺاهيا اسان اوهان جي مٿان ست آسمان مضبوط .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ اوهان جي مٿان ست مضبوط آسمان بنايا آهن (مولانا محمد مدني) ۽ اسان توهان جي مٿان ست مضبوط (آسمان) بنايا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پڻ اَڏياسون آن مٿان، سَت اُڀ سَخت اَپار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَجَعَلنا سِراجًا وَهّاجًا (آيت : 13) |
۽ ھڪ چمڪندڙ ڏيئو (سج) بڻايوسون.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ هڪڙو روشن ڏيئون سج پيدا ڪيو آهي. (جيڪو اوهان لاءِ روشني جو سرچشمو آهي.)(علامه علي خان ابڙو) ۽ اسان سج کي گرمي ڏيندڙ ۽ روشني ڪندڙ بنايو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ اسان ئي (سج کي) روشن چراغ بنايو(سيد فرمان علي) ۽ ڪيو اسان ڏيو چمڪندڙ (سج) .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ هڪڙو روشن ڏيئو پيدا ڪيو آهي (مولانا محمد مدني) ۽ اسان هڪ چمڪندڙ روشن چراغ (سج) بنايو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڏيو ڪيو سون ڏيھ ۾، چَمڪندڙ چوڌار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَأَنزَلنا مِنَ المُعصِرٰتِ ماءً ثَجّاجًا (آيت : 14) |
۽ ڪڪرن مان پلٽندڙ پاڻي وسايوسون.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ اسان ڪڪرن مان گهڻو وهندڙ پاڻي لاٿو آهي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ اسان ڪڪرن مان مِينهن نازل ڪيو جيڪو گھڻو وسندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ اسان ئي ڪڪرن مان گهڻو وهندڙ پاڻي وسايو آهي،(سيد فرمان علي) ۽ وسايو سون ڪڪرن مان پاڻي وهندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ اسان ڪڪرن مان گهڻو وهندڙ پاڻي لاٿو آهي(مولانا محمد مدني) ۽ اسان ڪڪرن مان گهڻو وهندڙ پاڻي نازل ڪيو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پڻ لاٿوسون لُطف سان، مَنجھان مينگھ مَلهار، پاڻي پوڄ پَٽن تي، نَمندڙ نارو نار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
لِنُخرِجَ بِهِ حَبًّا وَنَباتًا (آيت : 15) |
ته اُن سان اَن ۽ سَلا ڄمايون.(علامه تاج محمود امروٽي) ته ان سان داڻا ۽ گاهه (نباتات).(علامه علي خان ابڙو) تہ ان سان اَن ۽ سَلا ڄمايون(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته ان سان داڻا ۽ گاھ پيدا ڪريون،(سيد فرمان علي) تانته ڪڍون ان سان داڻا ۽ سلا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ته ان سان داڻا ۽ گاهه(مولانا محمد مدني) هن لاءِ ته ان جي ذريعي اناج ۽ گاهه ڄمايون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ته ڪڍون ڪڻ اُنهِين سان، کارِيون کوڙ خرار، ساوڪ سَر زمين تي، اوڀڙ عجب اِسرار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَجَنّٰتٍ أَلفافًا (آيت : 16) |
۽ گھاٽاباغ (به).(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ گهاٽا باغ پيدا ڪريون.(علامه علي خان ابڙو) ۽ گھاٽاباغ (بہ)(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ گهاٽا گهاٽا باغ.(سيد فرمان علي) ۽ باغ گهاٽا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ گهاٽا باغ پيدا ڪريون(مولانا محمد مدني) ۽ گهاٽا باغ (ڄمايون).(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ويڙهيل وڻ، وڻن تان، برپٽ باغ وبهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِنَّ يَومَ الفَصلِ كانَ ميقٰتًا (آيت : 17) |
بيشڪ فيصلي جو ڏينھن ھڪ مقرر مھل آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) بيشڪ (پوءِ جيئن اسان جي هنن تخليقن ۾ نظم ۽ ضبط آهي، تيئن ماڻهن جي زندگيءَ لاءِ به هڪ نظم ۽ ضبط ۽ ان جي پابندي لاءِ) فيصلي جو ڏينهن مقرر وقت آهي.(علامه علي خان ابڙو) بيشڪ فيصلي جي ڏينهن جو وقت مقرر آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) بيشڪ فيصلي جو ڏينهن مقرر (ٿيل) آهي،(سيد فرمان علي) بيشڪ فيصلي جو ڏينهن آهي مقرر وقت .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) بيشڪ فيصلي جو ڏينهن هڪ مقرر وقت آهي (مولانا محمد مدني) بيشڪ فيصلي جي ڏينهن جو وقت مقرر آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ته اَوس ڏِينهن اِنصاف جو، ٻَڌل آھِ ٻيهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
يَومَ يُنفَخُ فِى الصّورِ فَتَأتونَ أَفواجًا (آيت : 18) |
جنھن ڏينھن صُور ۾ ڦوڪبو ته اوھين ٽوليون ٽوليون ٿي ايندؤ.(علامه تاج محمود امروٽي) (اهو ڏينهن) جنهن ڏينهن صور ۾ ڦوڪيو ويندو، پوءِ اوهين ٽوليون ٽوليون ٿي (قبرن مان نڪري) ايندؤ.(علامه علي خان ابڙو) ان ڏينهن صُور ۾ ڦوڪ ڏني ويندي پوءِ توهان فوجن جي صورت ۾ ايندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جنهن ڏينهن صور ڦوڪيو ويندو پوءِ اوهين ٽوليون ٽوليون ٿي حاضر ٿيندو،(سيد فرمان علي) جنهن ڏينهن ڦوڪ ڏني ويندي صور ۾ پوءِ اوهان ٽولا ٽولا ٿي ايندؤ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (اهو ڏينهن) جنهن ڏينهن صور ۾ ڦوڪيو ويندو پوءِ اوهين ٽوليون ٿي ايندؤ. (مولانا محمد مدني) جنهن ڏينهن صور ۾ ڦوڪ ڏني ويندي پوءِ توهان ٽوليون ٽوليون ٿي ايندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جِنهن ڏِينهن ڏَنڊ ۾ ڦوڪيو، حُڪم سانَ هيڪار، پوءِ ٽولن پُٺيان ٽوليون، نِڪرنديون نِروار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَفُتِحَتِ السَّماءُ فَكانَت أَبوٰبًا (آيت : 19) |
۽ آسمان کولبو پوءِ دروازا ٿي پوندو.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ آسمان کولبو جو (هنڌا هنڌان) دروازا ٿي پوندو.(علامه علي خان ابڙو) ۽ آسمان کوليو ويندو پوءِ اهو دروازا ٿي پوندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ آسمان کوليو ويندو، جنهن ۾ دروازا ٿي پوندا.(سيد فرمان علي) ۽ کوليو ويندوآسمان پوءِ هوندو دروازا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ آسمان کولبو جو دروازا ٿي پوندو (مولانا محمد مدني) ۽ آسمان کوليو ويندو پوءِ (ان ۾) دروازا دروازا ٿي پوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ کُلِي اُڀ دَر ٿئي، اَچ وَڃ لئي اِظهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَسُيِّرَتِ الجِبالُ فَكانَت سَرابًا (آيت : 20) |
۽ جبل ھلائبا پوءِ رُڃ وانگر ٿيندا.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ جبل (پنهنجي جاءِ تان) سوربا، پوءِ اهي واريءَ جهڙا ٿي پوندا.(علامه علي خان ابڙو) ۽ جبلن کي (فضا ۾) هلايو ويندو پوءِ اُهي رُڃ وانگر چمڪندڙ هوندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ جبل هلائبا پوءِ اهي رڃ جهڙا ٿي پوندا،(سيد فرمان علي) ۽ هلايا ويندا جبل پوءِ هوندا رُڃ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ جبل هلائبا پوءِ اهي رُڃ جهڙا ٿي پوندا (مولانا محمد مدني) ۽ جبل هلايا ويندا پوءِ اُهي رُڃَ وانگر ٿي پوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ هَلَن جَبَل جھان جا، رُڃَّ جي رَفتار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِنَّ جَهَنَّمَ كانَت مِرصادًا (آيت : 21) |
بيشڪ دوزخ انتظار ڪڍڻ وارو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) بيشڪ جهنم هڪڙو (خطرناڪ) گهاٽ آهي. (جيڪو مجرمن جي تاڙ ۾ آهي.)(علامه علي خان ابڙو) بيشڪ جهنم (ظالمن جي) منتظر آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) بيشڪ دوزخ هڪڙو (چوڪي) گهاٽ آهي.(سيد فرمان علي) بيشڪ جهنم هوندو انتظار ڪرڻ وارو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) بيشڪ جهنم هڪڙو (چوڪي) گهاٽ آهي. (مولانا محمد مدني) بيشڪ دوزخ هڪڙو گهاٽ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) بيشڪ باھ بُڇڙن لئي، آهي اِنتظار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
لِلطّٰغينَ مَـٔابًا (آيت : 22) |
جو ھٺيلن جو رھڻ جو ھنڌ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) سرڪشن (حد کان لنگهندڙن) جي رهڻ جي جاءِ بڻبو.(علامه علي خان ابڙو) حد کان وڌندڙن لاءِ ٺڪاڻو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) سرڪش جي رهڻ جي جاءِ آهي،(سيد فرمان علي) سرڪشن جي لاءِ رهڻ جو هنڌ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) سرڪشن جي رهڻ جي جاءِ آهي. (مولانا محمد مدني) سرڪش ماڻهن جي لاءِ ٽڪاڻو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جٽادار، جنهن ۾،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
لٰبِثينَ فيها أَحقابًا (آيت : 23) |
منجھس ڪيئي ڊگھيون مُدتون رھندا.(علامه تاج محمود امروٽي) جيڪي ان ۾ ڊگهيون مدتون رهندا.(علامه علي خان ابڙو) انهيءَ ۾ گھڻا زمانا رهندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جي ان ۾ ڊگهي عرصي تائين عذاب ۾ رهندا.(سيد فرمان علي) رهندڙ هوندا ان ۾ ڪئين ڊگهيون مدتون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جي ان ۾ ڊگهيون مُدتون رهندا (مولانا محمد مدني) ان ۾ اُهي وڏو عرصو پيا رهندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هُوندا سال هزار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
لا يَذوقونَ فيها بَردًا وَلا شَرابًا (آيت : 24) |
اُن ۾ نڪا ٿڌائي ۽ نڪا پيڻ جي شيءِ چکندا.(علامه تاج محمود امروٽي) نه ان ۾ ڪا راحت (۽ آرام ملندن) ۽ نه ڪا پيئڻ جي ڪا شئ چکندا.(علامه علي خان ابڙو) نٿا مزو وٺن انهيءَ ۾ ٿڌ جو ۽ نه پاڻيءَ جو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته ان ۾ ڪا ٿڌائي ۽ نه ڪا پيئڻ جي شيءِ چکندا.(سيد فرمان علي) نه چکندا ان ۾ ٿڌائي ۽ نه ڪا پيئڻ جي شيءِ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) نه ان ۾ ڪا ٿڌائي ۽ نه ڪا پيئڻ جي شيءِ چکندا(مولانا محمد مدني) نه ان ۾ اُهي ڪنهن ٿڌاڻ جو مزو چکندا نه ڪنهن پيئڻ جي شيءِ جو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پاڻي پَڪ نه اُن ۾، ۽ نَه بَرف چکن بَدڪار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِلّا حَميمًا وَغَسّاقًا (آيت : 25) |
تتي پاڻي ۽ روڳ کانسواءِ.(علامه تاج محمود امروٽي) سواءِ ٽهڪندڙ گرم پاڻيءَ ۽ (سندن جسمن مان وهندڙ) پونءِ جي.(علامه علي خان ابڙو) تتي پاڻيءَ ۽ روڳ کانسواءِ(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) سواءِ گرم پاڻي ۽ پون جي،(سيد فرمان علي) مگر ٽهڪندڙ پاڻي ۽ روڳ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) سواءِ گرم پاڻي ۽ پونءِ جي (مولانا محمد مدني) سواءِ ٽهڪندڙ پاڻي ۽ (دوزخين جي ڦٽن مان نڪتل) گند جي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڌاران گَرم گند جي، جو بِلڪل بَدبُوءِ دار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
جَزاءً وِفاقًا (آيت : 26) |
(اھو سندن) پورو پورو بدلو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) اهو (سندن ئي ڪيتي جو) پورو پورو بدلو ڏنو ويندو.(علامه علي خان ابڙو) (اِھو سندن) پورو پورو بدلو آھي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اهو پورو پورو بدلو ڏنو ويندن،(سيد فرمان علي) بدلو پورو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اهو پورو پورو بدلو ڏنو ويندن(مولانا محمد مدني) (کين سندن ڪرتوتن جو) پورو پورو بدلو ملندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) بَدلو سو بَديَن جو، پُورا پُورا پار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِنَّهُم كانوا لا يَرجونَ حِسابًا (آيت : 27) |
ڇوته اُھي حساب ڏيڻ جي اُميد نه رکندا ھوا.(علامه تاج محمود امروٽي) بيشڪ اهي (هن دنيا ۾ پنهنجن ڪيل عملن جي) حساب ڏيڻ جي اميد نه رکندا هئا.(علامه علي خان ابڙو) بيشڪ انهن کي حساب جي اميد نه هئي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) دراصل اهي ماڻهو (آخرت جي) حساب جي اميد ئي نه رکندا هئا.(سيد فرمان علي) بيشڪ انهن نه ٿي اميد رکيائون حساب جي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) بيشڪ اهي (پنهنجن عملن جي) حساب ڏيڻ جي اميد نه رکندا هئا(مولانا محمد مدني) بيشڪ اُهي حساب جو اونو نه رکندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هرگز حرف حساب جو، سي وَٺندا نه هُئا وِيچار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا كِذّابًا (آيت : 28) |
۽ اسان جي حُڪمن کي بلڪل ڪوڙ ڀائيندا ھوا.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ (انهن کي بار بار ٻڌائڻ وارن ٻڌايو پر) انهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪري (پاڻ کي غافل ڪري) ڇڏيو هو.(علامه علي خان ابڙو) ۽ انهن اسان جي آيتن کي قطعي نه مڃو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ انهن اسان جي آيتن کي بلڪل ڪوڙو ڪري ڇڏيو هو.(سيد فرمان علي) ۽ ڪوڙو چيائون اسان جي آيتن کي ڪوڙو چوڻ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ انهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪري ڇڏيو هو. (مولانا محمد مدني) ۽ اُهي اسان جي آيتن کي بلڪل ڪوڙو سمجھندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪوٺيون ڪوڙيون آيتون، اَسان جون اِظهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَكُلَّ شَيءٍ أَحصَينٰهُ كِتٰبًا (آيت : 29) |
۽ سڀ شيءِ کي لکي ڳڻي ڇڏيو اٿون.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ اسان (غفلت ڪونه ڪئي ۽) سڀ ڪنهن شئ کي (انهن جي عملن ۾) لکي ڳڻي ڇڏيو آهي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ هر شيءِ اسان لوحِ محفوظ ۾ لکرائي آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ سڀ ڪنهن شيءِ کي اسان ته لکي ڳڻي ڇڏيو آهي.(سيد فرمان علي) ۽ هر شيءِ ڳڻيو اسان ان کي لکي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ سڀ ڪنهن شيءِ کي اسان ته لکي ڳڻي ڇڏيو آهي(مولانا محمد مدني) ۽ اسان هر شيءِ کي لکي ڳڻي ڇڏيو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) قابو ڪيو سون ڪِتاب ۾، هر شئ جو شُمار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَذوقوا فَلَن نَزيدَكُم إِلّا عَذابًا (آيت : 30) |
پوءِ (چئبن ته مزو) چکو جو عذاب کانسواءِ اوھان تي (ٻيو) ڪي (به) نه وڌائينداسون.(علامه تاج محمود امروٽي) سو (عذاب جي وقت چئبو ته) چکو جو اسين اوهان تي (عملن جي نتيجي ۾ ملندڙ) عذاب کان سواءِ ڪجهه به نه وڌائينداسون.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ توهان عذاب چکو، پوءِ هرگز اسين زياده نٿا ڪريون مگر عذاب(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) سو (عذاب جي وقت چئبن ته) چکو! جو اسين اوهان تي عذاب کان سواءِ ڪجھ به نه وڌائينداسون.(سيد فرمان علي) پوءِ چکو پوءِ هرگز نه وڌائينداسون اوهان کي مگر عذاب .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) سو (عذاب جي وقت چئبن ته) چکو جو اسين اوهان تي عذاب کان سواءِ ڪجهه به نه وڌائينداسون (مولانا محمد مدني) پوءِ توهان (پنهنجي بدعملين جو مزو)چکو اسان توهان تي عذاب کان سواءِ ڪجهه نه وڌائينداسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ دائـِم دَرد دوزخ ۾، کائو خُوب خوار!، پوءِ آن کي ري آزار، ٻِيو ذرو زياده نه ڏِيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِنَّ لِلمُتَّقينَ مَفازًا (آيت : 31) |
بيشڪ پرھيزگارن لاءِ ڪاميابي آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) بيشڪ (خدا جو لحاظ رکندڙ) پرهيزگارن لاءِ ئي ڪاميابي آهي.(علامه علي خان ابڙو) بيشڪ پرهيزگارن لاءِ ڪاميابي آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) بيشڪ پرهيزگارن لاءِ وڏي ڪاميابي آهي،(سيد فرمان علي) بيشڪ پرهيزگارن جي لاءِ ڪاميابي آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) بيشڪ پرهيزگارن لاءِ ئي ڪاميابي (مولانا محمد مدني) بيشڪ پرهيزگارن لاءِ ڪاميابي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) بيشڪ نيڪ بندن لئي، آهِن باغ، بُستان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
حَدائِقَ وَأَعنٰبًا (آيت : 32) |
جو باغ ۽ ڊاکون.(علامه تاج محمود امروٽي) (سير ڪرڻ ۽ کائڻ لاءِ) باغ (جنهن ۾ هر قسم جا ميوا) ۽ ڊاکون آهن.(علامه علي خان ابڙو) باغ آهن ۽ انگور آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (يعني بهشت جا) باغ ۽ ڊاکون،(سيد فرمان علي) باغ ۽ انگور .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) باغ ۽ ڊاکون (مولانا محمد مدني) باغات ۽ انگور آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) عاليشان انگور ڪَئـِين،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَكَواعِبَ أَترابًا (آيت : 33) |
۽ ھم عمر نوجوان زالون.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ (وندر لاءِ) هڪ جيڏيون ڪنواريون آهن.(علامه علي خان ابڙو) ۽ نوجوان عورتون هڪ جيتريون عُمر ۾ آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ هڪ جيڏيون ڪنواريون زالون،(سيد فرمان علي) ۽ هم عمر نوجوان زالون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ هڪ جيڏيون ڪنواريون(مولانا محمد مدني) ۽ نوجوان هم عمر دوشيزائون آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جيڏيون نوجوان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَكَأسًا دِهاقًا (آيت : 34) |
۽ شراب جا ڇلڪندڙ پيالا (به).(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ (مشروبن جا) ڀريل پيالا آهن.(علامه علي خان ابڙو) ۽ ڀريل پيالا آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ (شراب جا) ڀريل ساغر آهن.(سيد فرمان علي) ۽ پيالا ڇلڪندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ (شراب جا) ڀريل پيالا آهن. (مولانا محمد مدني) ۽ ڇُلڪندڙ (پاڪ) شراب جا جام آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پڻ پوڻيان پُر پلٽندڙ، پيالا پيمان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
لا يَسمَعونَ فيها لَغوًا وَلا كِذّٰبًا (آيت : 35) |
اتي نڪا اجائي بڪ ۽ نڪو ڪوڙ ٻڌندا.(علامه تاج محمود امروٽي) ان (بهشت) ۾ نه ڪا اجائي بڪ ٻڌندا ۽ نه (ڪنهن شئ جي طلب تي) انڪار.(علامه علي خان ابڙو) اهي جنت ۾ نه لغو ڪلام ٻڌن ٿا ۽ نه ڪوڙ ٻُڌن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ان ۾ ڪا اجائي بڪ نه ٻڌندا ۽ نه ڪوڙ.(سيد فرمان علي) نه ٻڌندا ان ۾ اجائي ڳالهه ۽ نه ڪوڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ان ۾ نه ڪا اجائي بڪ ٻڌندا ۽ نه انڪار (مولانا محمد مدني) ان ۾ نه بيهودي ڳالهه ٻڌندا ۽ نه ڪوڙي ڳالهه.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪَچِي، ڪُوڙِي اُن ۾، ڪَنِين ٻُڌندا ڪانه،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
جَزاءً مِن رَبِّكَ عَطاءً حِسابًا (آيت : 36) |
(اھو پورو) بدلو تنھنجي پالڻھار کان (انعام) عطا ڪيل حساب روءِ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) (اي پيغمبر!) اهو بدلو تنهنجي پالڻهار جي پاران هوندو، جيڪو (انهن) سڀني کي ڪافي نعمتن سان ڏيندو.(علامه علي خان ابڙو) اها رب جي طرفان توهان جي عملن جي مڪمل جزا آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (اهو) اوهان جي پالڻهار جي طرفان ڪافي انعام ۽ عوض آهي.(سيد فرمان علي) بدلو ٿي تنهنجي رب جي طرفان عطا ڪيل حساب روءَ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (اي پيغمبرﷺ!) اهي بدلو ڏنا ويندا جو ڪافي انعام آهي (مولانا محمد مدني) هي تنهنجي پالڻهار جي طرفان (نيڪ عملن جو) بدلو آهي جيڪو ڪافي انعام آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پالي پارَ وَٺڻ ري،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
رَبِّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُمَا الرَّحمٰنِ لا يَملِكونَ مِنهُ خِطابًا (آيت : 37) |
جو آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي ٻنھي جي وچ ۾ آھي تن جو پالڻھار ٻاجھارو آھي اُن (جي ھيبت) کان ڪوبه ورندي ڏئي نه سگھندو.(علامه تاج محمود امروٽي) اهو آسمانن، زمين ۽ جو ڪجهه انهن ٻنهي جي وڇ ۾ آهي تِنهن جو پاليندڙ آهي، جو وڏو مهربان آهي (ان وقت سڀ سندس حضور ۾ بيهندا ۽ ادب وچان) اهي ان سان ڳالهائي نه سگهندا.(علامه علي خان ابڙو) اهو رب آسمانن ۽ زمينن جو ۽ جيڪي انهن ٻنهيءَ جي وچ ۾ آهي رحمان سان انهن کي ڳالهائڻ جي اجازت نه هوندي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جو آسمانن ۽ زمين ۽ جو ڪجھ انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي تنهن جو پالڻهار آهي جو وڏو مهربان آهي. اهي ان سان ڳالهائي نه سگهندا.(سيد فرمان علي) آسمانن ۽ زمين جو رب ۽ ان جو جيڪو انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي نهايت مهربان نه مالڪ ٿيندا ان سان ڳالهائڻ جا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) تنهنجي (ان) پاليندڙ جي طرفان جو آسمانن ۽ زمين ۽ جو ڪجهه انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي تنهن جو پاليندڙ آهي جو وڏو مهربان آهي اهي ان سان ڳالهائي نه سگهندا. (مولانا محمد مدني) (اُهو) پالڻهار آهي آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي ڪجهه انهن ٻنهين جي وچ ۾ تن (سڀن) جو، وڏو مهربان آهي (پوءِ به ان جي اذن کان سواءِ) ان سان (روزِ محشر) ڳالهائي نه سگهندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڀُونيون، اُڀ، ڪِ اُنهن ۾، جِن جا آهِن آستان، سي راڄ سَڀئـِي رَحمان، ڪُڇِي سَگھندا ڪِين ڪِي، بِلڪل بَند زبان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
يَومَ يَقومُ الرّوحُ وَالمَلٰئِكَةُ صَفًّا لا يَتَكَلَّمونَ إِلّا مَن أَذِنَ لَهُ الرَّحمٰنُ وَقالَ صَوابًا (آيت : 38) |
جنھن ڏينھن روح ۽ (سڀئي) ملائڪ صفون ٻڌي بيھندا (تنھن ڏينھن) جنھن کي ٻاجھاري (الله) موڪل ڏني ھوندي ۽ پوري ڳالھ ڳالھائي ھوندائين تنھن کانسواءِ (ٻيو ڪي به) نه ڳالھائيندا.(علامه تاج محمود امروٽي) جنهن ڏينهن روح ۽ ملائڪ صفون ٻڌي بيهندا تنهن ڏينهن اهي به نه ڳالهائيندا، سواءِ ان شخص جي جنهن کي وڏو مهربان اجازت ڏئي ۽ اهو چوي به (الله جي مقرر ڪيل قاعدي تي) پوري ڳالهه.(علامه علي خان ابڙو) ان ڏينهن جبريل امين ۽ ملائڪ صفون ٻڌي بيهندا (مخلوق خوف جي ڪري) ان سان نه ڳالهائيندي مگر جنهنکي رحمان اجازت ڏني ۽ انهي سڌي ڳالهه چئي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جنهن ڏينهن جبرئيل ۽ ملائڪ صفون ٻڌي بيهندا تنهن ڏينهن ان سان ڪو به نه ڳالهائيندو سواءِ ان شخص جي جنهن کي خدا اجازت ڏئي ۽ اهو چوي به مناسب ڳالھ.(سيد فرمان علي) جنهن ڏينهن بيهندو روح ۽ ملائڪ صفون ٻڌي نه ڳالهائيندا مگر اهو جو اذن ڏنو ان کي رحمان ۽ چيائين صحيح ڳالهه .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جنهن ڏينهن روح ۽ ملائڪ صفون ٻڌي بيهندا تنهن ڏينهن اهي نه ڳالهائيندا سواءِ ان شخص جي جنهن کي وڏو مهربان اجازت ڏئي ۽اهو چوي به پوري ڳالهه(مولانا محمد مدني) جنهن ڏينهن روح ۽ ملائڪ صفون ٻڌي بيهندا ته ڪيرَ به ڳالهائي نه سگهندا سواءِ ان جي جنهن کي رحمان اجازت ڏئي ۽ اُهو ڳالهه به سڌي چوي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) رُوح، مَلڪ جِنهن مَهل ۾، هُوندا سَڀ حيران، بِيهن صِفون، صفون ڪري، سامهان، کي سُبحان، ڪير نه ڪُڇي اُن وَٽِ، ماٺ مِڙئـِي ميدان، مگر موڪل جِنهن کي ڏِئي، مالِڪ مِهربان، ۽ سَئون سَنواٽو سو چَئي، ٻِيو سڀ بَند بيان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
ذٰلِكَ اليَومُ الحَقُّ فَمَن شاءَ اتَّخَذَ إِلىٰ رَبِّهِ مَـٔابًا (آيت : 39) |
اِھو ڏينھن سچ پچ (ٿيڻو) آھي، تنھنڪري جيڪو گھري سو پنھنجي پالڻھار ڏانھن (پنھنجي) رھڻ جو ھنڌ ٺاھي.(علامه تاج محمود امروٽي) اهو ڏينهن ضرور ٿيڻ وارو آهي، پوءِ جنهن کي وڻي سو (هن دنيا ۾ نيڪ عمل ڪري) پنهنجي پاليندڙ وٽ رهڻ جي جاءِ بنائي.(علامه علي خان ابڙو) اهو ڏينهن حق آهي، پوءِ جيڪو چاهي اهو پنهنجي رب ڏانهن رستو ٺاهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اهو ڏينهن ضرور ٿيڻ وارو آهي. پوءِ جنهن کي وڻي سو پنهنجي پروردگار جي بارگاھ ۾ (پنهنجي) رهڻ جي جاءِ بڻائي.(سيد فرمان علي) اهو ڏينهن حق آهي پوءِ جيڪو گهري ته وٺي پنهنجي رب ڏانهن موٽڻ جي جاءِ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اهو ڏينهن ضرور ٿيڻ وارو آهي. پوءِ جنهن کي وڻي سو پنهنجي پاليندڙ وٽ رهڻ جي جاءِ بڻائي. (مولانا محمد مدني) اُهو ڏينهن برحق آهي پوءِ جيڪو چاهي (صالح عمل ڪري) پنهنجي پالڻهار وٽ ٽڪاڻو بڻائي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهي اُهوئـِي ڏِينهن سَچو، مَنڊبو جِت مِيزان، پوءِ جنهن کي وَڻي سو وَٺي، پَنهنجي مالِڪ وَٽ مَڪان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِنّا أَنذَرنٰكُم عَذابًا قَريبًا يَومَ يَنظُرُ المَرءُ ما قَدَّمَت يَداهُ وَيَقولُ الكافِرُ يٰلَيتَنى كُنتُ تُرٰبًا (آيت : 40) |
بيشڪ اسان اوھان کي ويجھي عذاب (اچڻ) کان ڊيڄاري چڪاسون، جنھن ڏينھن آدمي اُھو ڏسندو جيڪي سندس ٻنھي ھٿن اڳي ڪري موڪليو ۽ ڪافر چوندو ته ھاءِ ارمان جيڪر آءٌ مٽي ھجان ھا.(علامه تاج محمود امروٽي) بيشڪ اسان ته اوهان کي ويجهي عذاب کان ڊيڄاريو آهي، جنهن ڏينهن سڀڪو ماڻهو اهو ڏسندو جنهن کي سندس هٿن اڳي موڪليو آهي ۽ (ان وقت ان ڏينهن جي واقع ٿيڻ جو) انڪار ڪندڙ چوندو ته، جيڪر آئون مٽي هجان ها (۽ جزا ۽ سزا جي معاملي ۾ نه پوان ها.)(علامه علي خان ابڙو) بيشڪ اسين توهان کي ان عذاب کان ڊيڄاريون ٿا جيڪو قريب آهي. ان ڏينهن انسان (ڪافر) پنهنجا ڪيل عمل ڏسندو ۽ ڪافر چوندو هاءِ! افسوس! آئون مِٽي ٿي وڃان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) بيشڪ اسان ته اوهان کي ويجهي عذاب (اچڻ واري) کان خبردار ڪيو آهي جنهن ڏينهن سڀ ڪو ماڻهو پنهنجي هٿين اڳ ئي موڪليل (اعمالن) کي ڏسندو ۽ ڪافر چوندو ته جيڪر آءُ مٽي هجان ها!(سيد فرمان علي) بيشڪ اسان ڊيڄاريو اوهان کي عذاب ويجهي کان جنهن ڏينهن ڏسندو مڙس اهو جيڪو اڳي ڪري موڪليو ان جي هٿن ۽ چوندو ڪافر ته اي ڪاش! مان مٽي هجان ها .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) بيشڪ اسان ته اوهان کي ويجهي عذاب کان ڊيڄاريو آهي جنهن ڏينهن سڀڪو ماڻهو اهو ڏسندو جنهن کي سندس هٿن اڳي موڪليو آهي ۽ ڪافر چوندو ته جيڪر آءُ مٽي هجان ها. (مولانا محمد مدني) بيشڪ اسان اوهان کي ويجهي عذاب کان ڊيڄاري ڇڏيو آهي. ان ڏينهن هر ماڻهو انهن (عملن) کي ڏسي وٺندو جيڪي ان اڳتي موڪليا آهن ۽ ڪافر چوندو ته: ”هائو جي آءٌ مٽي هجان ها“!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آن کي اوڏي ساڙ جو، اَسان ڪيو اِعلان، ڏِسندو جِنهن ڏِينهن ۾، اَکيَنِ سان اِنسان، جيڪِي اُماڻيو اڳڀرو، سَندسِ هَٿن سامان، ۽ ڪافِر قيد قِيام ۾، اورِيندو اَرمان، جيڪس مَنجھ جَھان، مِٽِي هُجان ها مُورِهين!!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |